ٿوري

ٿوري (ٿوڙي ):ٿوري گهڻو ڪري ٿر ۽ ميرپورخاص طرف رهندڙ ڀيل ذات سان واسطو رکن ٿا. جيڪي ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا آهن.
پنهور برادريءَ جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ”ٿوري“ آهي.
لطيف سائين به ”ٿوري“ لفظ ڪم آندو آهي:
ڇوري ندوري، نڪو مائٽ منڌ جو،
سوين هلن ساٿ ۾ ڪَمي ۽ ڪوُري،
آءٌ پڻ آهيان ان جي، لنگهي ۽ لوري،
لنگهيائين لطيف چئي، ٿرَن جا ”ٿوري“،
آهيان اُزوري، تنهنجي جوريءَ جبل لنگهيا.
(شاهه)


لفظ ٿوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو