داخلا نمبر 6728
عنوان ٿيوو فقير لاشاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 225 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٿيوو فقير لاشاري

ٿيوو فقير لاشاري: ٿيوو فقير لاشاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد، وڏو بهادر ۽ دلير شخص هو. هن ميان طرفان ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو. سندس فرزند فتح فقير عرف ڦتو فقير، ميان يار محمد جي خاص اميرن ۾ شامل هو. هن وقت سندس پونئير دادو شهر جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي اٽڪل ٽن ميلن جي مفاصلي تي جيئند لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. سندن چڱو مڙس رئيس غلام حسين لاشاري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو