داخلا نمبر 6727
عنوان ٿيوڊر روز ويلٽ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 344 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ٿيوڊر روز ويلٽ

ٿيوڊر روز ويلٽ

ٿيوڊر روز ويلٽ

ٿيوڊر روز ويلٽ(Theodore Roosevelt):ٿيوڊر روز ويلٽ کي روس ۽ جپان ۾ لڳل جنگ ۾ ٽياڪڙي ڪري جنگ ختم ڪرائڻ جون ڪوششون وٺڻ تي 1906ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو هو. روز ويلٽ آمريڪا جو پنجون نائب صدر ۽ ڇويهون صدر منتخب ٿيو. پاڻ 27 آڪٽوبر 1858ع تي نيويارڪ ۾ ڄائو. 1880ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. 1882ع کان 1884ع تائين نيويارڪ اسٽيٽ جي اسيمبليءَ جو رڪن رهيو. 1886ع ۾ صدر بنجمن هيريسن (Benjamin Harrison) پهريان کيس آمريڪا جي سول سروس ڪميشن جو ميمبر چونڊيو، اتان استعيفيٰ ڏنائين. بعد ۾ کيس نيويارڪ جي پوليس ڪمشنر جي بورڊ جو صدر ڪيو ويو. بعد ۾ صدر وليم مڪينلي کيس بحريه جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو. 1897ع ۽ 1898ع ۾ اتي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ اسپين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڙيل جنگ ۾ شريڪ ٿيو. انهي جنگ ۾ کيس ”رف رائيڊرز“ (Rough Riders) جي ڪمانڊر جي حيثيت ۾ چڱي شهرت ملي. جنگ جي خاتمي کان پوءِ کيس نيويارڪ شهر جو ڪمشنر ۽ گورنر ڪري رکيو ويو. هن بدعنوانين ۽ ڏوهن خلاف نهايت شاندار ڪم ڪري ڏيکاريو. چيو وڃي ٿو ته روز ويلٽ مان جند ڇڏائڻ لاءِ روز ويلٽ کي ريپبلِڪ پارٽيءَ جي اڳواڻن سال 1900ع ۾ وليم مڪينلي سان گڏي صدارتي اميدوار طور بيهاريو، پر اها اليڪشن ٻئي کٽي ويا. روز ويلٽ نائب صدر جڏهن ته مڪينلي صدر ٿيو. مڪينلي جي قتل کان پوءِ آمريڪا جي صدارت جون واڳون سنڀاليائين. هي آمريڪا جو ننڍي ۾ ننڍي عمر وارو صدر چيو وڃي ٿو. 1904ع جي صدارتي چونڊن ۾ پاڻ صدارتي اميدوار طور بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. پنهنجي صدارتي مدي جي آخر ۾ هن ڪولمبيا جي خلاف وڙهندڙ باغين جي مدد ڪئي ته جيئن پاناما آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ نقشي تي اڀري اچي، ڇو ته ائين ٿيڻ سان آمريڪا جي لاءِ پاناما جي نهر کوٽڻ يقيني ٿي ويئي. سندس خيال هو ته هي آبي رستو آمريڪي بحريه کي زياده مضبوط ۽ فعال بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو. هن ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن ۾ به گھڻي دلچسپي ورتي. خارجه پاليسين ۾ هن روس-جاپان جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ٽياڪڙيءَ جو زبردست ڪردار ادا ڪري جنگ جو خاتمو ڪرايو. جنهنڪري کيس 1906ع ۾ نوبل امن انعام ڏنو ويو. ڪنهن به ميدان ۾ آمريڪا کي ملندڙ هي پهريون نوبل انعام هو. 9 نومبر 1906ع تي پاناما ۾ کوٽجندڙ نهر جي جائزي وٺڻ لاءِ هن پاناما جو دورو ڪيو. صدارتي دوري تي ٻاهر وڃڻ وارو هي پهريون آمريڪي صدر هو ۽ هوائي جهاز تي سفر ڪرڻ وارو به هي پهريون آمريڪي صدر هو. تمام گھڻي مقبوليت جي باوجود به هن 1906ع ۾ ٿيندڙ صدارتي اليڪشن ۾ حصو نه ورتو ۽ پنهنجي پراڻي دوست وليم هووارڊ ٽافٽ کي اهو سوچي موقعو ڏنو ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندو، پر ائين ٿي نه سگھيو. ٽافٽ سندس کنيل قدمن جي خلاف قدم کنيا، جنهنڪري سندس دل دکي ٿي. مجبور ٿي هي 1912ع واري اليڪشن ۾ پروگريسو پارٽيءَ طرفان صدارتي اميدوار لاءِ بيٺو. 14 آڪٽوبر تي مٿس بروسڪونس ۾ ناڪام قاتلاڻو حملو ٿيو. طئي شده پروگرام کي جاري رکڻ لاءِ هن سيني مان گولي ڪڍائڻ بنا تقرير ڪئي. ڊاڪٽرن جو خيال هو ته گولي ڪڍڻ وارو آپريشن هن جي جان وٺي سگھي ٿو. ان لاءِ مرڻ گھڙي تائين گولي سندس سيني ۾ رهي. پر هي اها اليڪشن به کٽي نه سگھيو. وري 1916ع ۾ ووڊرو ولسن جي خلاف صدارتي اميدوار طور بيٺو، جنهن کي هي سخت ناپسند ڪندو هو، پر هن ڀيري به هارائي ويو. هي 6 جنوري 1919ع تي ناسان ڪائونٽي (Nassan County) ۾ وفات ڪري ويو. بين الاقوامي معاملن ۾ روز ويلٽ جو يقين هو ته ڪمزور قومون مٽجي وينديون ۽ صرف طاقتور قومون بچي سگھنديون. هن جي دور ۾ آمريڪا بحريه وڏي قوت ٿي اڀري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1858.10.27  عيسوي

ٿيوڊر روز ويلٽ 27 آڪٽوبر 1858ع تي نيويارڪ ۾ ڄائو


1919.01.06  عيسوي

ٿيوڊر روز ويلٽ 6 جنوري 1919ع تي ناسان ڪائونٽي ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون