داخلا نمبر 4635
عنوان ڀائو محمد اسماعيل سيلرو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 225 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀائو محمد اسماعيل سيلرو

’ڀائو‘ محمد اسماعيل، سيلرو: محمد اسماعيل سيلرو ’ڀائو‘ 1954ع ۾ شهدادڪوٽ جي هڪ ڳوٺ ”وڏا سيلرا“ ۾ عبدالواحد سيلري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد وڏيري ’ادل سيلري‘ جي نالي سان مشهور هو، ڇو ته انصاف وارا فيصلا ڪندو هو، ان ڪري ماڻهو کيس عزت مان ان نالي سان سڏيندا هئا. هو ڪو وڏو زميندار به نه هو، پر نيڪ مرد هو، ان ڪري ’وڏيرو‘ ڪوٺائبو هو. اسماعيل سيلرو پنج درجا سنڌي پڙهي، وڏن سان ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. ننڍپڻ کان خاموش طبيعت ۽ همعصرن کان مختلف مزاج جو هو. اندر ۾ ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪجهه ٿيڻ جي تڙپ هئس. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ’سيلرا شهدادڪوٽ‘ ۾ سرن جا بٺا پچائڻ شروع ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي سندس وڏو ڪاروبار بنجي پيو. تخليقي ذهن جو ماڻهو هو، نوان نوان تجربا ڪرڻ هن جي سڀاءَ ۾ شامل هو. 1989ع ۾ والد جي وفات بعد مٿس وڏيون ذميواريون پئجي ويون، باوجود ان جي اڳ کان وڌيڪ سنجيدگي ۽ بردباريءَ کان ڪم ورتائين. حساس طبيعت هئڻ ڪري معاشري جي واقعن، وارداتن ۽ دل جي جذبن کي شاعريءَ جي روپ ۾ قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”سرجندڙ سنسار“ جادم پبليڪيشن سيلرا شهدادڪوٽ پاران ڊسمبر 2008ع ۾ ڊبل ڪرائون سائيز جي 510 صفحن تي ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 500 رپيا آهي. سندس شاعري بيتن، غزلن، گيتن، واين، نظمن ۽ ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل آهي. هن جا بيت ٻه سٽن کان ٻارهن سٽن تائين چيل آهن. ماستر صادق سيلري، خير محمد ’خيرل‘ سيلري ۽ پروفيسر شير خان سيلري جا ’ڀائو‘ اسماعيل سيلري جي شاعريءَ سوچن ۽ شخصيت بابت ڪتاب ۾ ٻه اکر، مهاڳ ۽ تعارف شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو