داخلا نمبر 4646
عنوان ڀائي ڪلاچند
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 281 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ڀائي ڪلاچند

ڀائي ڪلاچند

ڀائي ڪلاچند

ڀائي ڪلاچند: ڀائي ڪلاچند جو جنم 6 اپريل 1867ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ديوان رامچند گدواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ڪلاچند اڃا ننڍو ئي هو ته هڪ جوڳيءَ کيس ڏسي سندس ماءُ کي چيو ته ’تنهنجو هي ٻار اڳئين جنم ۾ يوگي هو‘. ڪلاچند چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو ته سندس من ۾ ويراڳ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. چوڏهن سالن جي عمر ۾ اسڪول وڃڻ بدران جهنگ ۾ اڪيلو ويهي سوچ ويچار ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ هڪ ناٽڪ ڏسڻ دوران هن جو من دنيا کان کٽو ٿي ويو. کاڌو پيتو ۽ گھمڻ ڦرڻ وسري ويس. سندس گهر ۾ ڀڳوان ڪرشن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. هو به ڀڳوان ڪرشن جي مورتيءَ اڳيان ويهي گيان ۾ ايترو ته گم ٿي ويندو هو، جو کيس آسپاس ٻي ڪا سڌ ٻُڌ نه رهندي هئي. ڀائي ڪلاچند جو وڏو ڀاءُ سرڪاري ملازمت ۾ هو. ان ڪري هن ڪلاچند کي سرڪاري نوڪري ۾ رنڀايو. پر جنهن ڌڻي سڳوري جي نوڪري ڪئي هجي ان جي دل ڪٿان ٿي ٻي نوڪري ۾ لڳي. پٽ جي اداسي پرکي سندس ماءُ خيال ڪيو ته جيڪڏهن ڪلاچند جي شادي ڪرائبي ته سندس من سنسار ۾ لڳي ويندو، پر هن شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڀائي ڪلاچند گھر ۾ دروازو بند ڪري ڀڄن ڀڳتيءَ ۾ مگن رهندو هو ۽ رات جو جھنگ ۾ وڃي ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ گذاريندو هو. سپاهيلاڻي گھٽي حيدرآباد ۾ ان جي ملاقات سنت ڪيشوَ داس سان ٿي ۽ روحاني رنگ ۾ رنگجي ويو. ٽنڊي محمد خان وارو سوامي سچانند به کيس ڀائيندو هو. ٻئي گڏجيءَ سڄي سنڌ ۾ تيرٿن تي ويندا هئا. 1890ع ڌاري سماجي براين خلاف هڪ تنظيم جوڙيائين. عاملن ۾ مروج ڏيتي ليتيءَ جي رسم خلاف هلچل هلايائين. 1897ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ پليگ جي بيماري پکڙي ته گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ وڃي بيمارن جي خدمت ڪندو هو. کين هٿ سان کارائيندو پياريندو هو، دوا درمل ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو گذاري ويندو هو ته ان جي لاش کي پاڻ کڻي اگني سنسار ڪري ايندو هو. هن ڀڳت، انساني خدمتگار ۽ سنت شاعر، 11 مئي 1911ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو