داخلا نمبر 4651
عنوان ڀائي گُرداس
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 164 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀائي گُرداس

ڀائي گُرداس: ڀائي گُرداس، پنجابي سِک ليکڪ، تاريخدان ۽ مذهبي اڳواڻ 1551ع ۾ پنجاب جي ننڍڙي ڳوٺ گوئنڊوال ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ڀائي ايشور داس هو. جيڪو گرو امرداس جو سوٽ هو. سندس ماءُ جو نالو جيوڻي هو. ڀائي گرداس جڏهن ٽن سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ گذاري وئي. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سندس پيءُ گذاري ويو. جنهنڪري ڀائي گرداس کي پنهنجي چاچي گرو امرداس پاليو. هن پنهنجو ننڍپڻ گوئنڊوال ۽ سلطانپور لوڌيءَ ۾ گذاريو. گوئنڊوال ۾ رهڻ دوران هن اتي ايندڙ ڪيترن ئي سک عالمن کي ٻُڌو ۽ کانئن سکيو. ان کانپوءِ هو بنارس آيو. اتي اچي سنسڪرت سکيو ۽ هندو مذهبي ادب جو مطالعو ڪيائين. گرو امرداس جي ديهانت کان پوءِ جڏهن گرو رامداس سکن جو گرو مقرر ٿيو ته هن کي آگري ۾ سک مذهب جي ڦهلا لاءِ مقرر ڪيو ويو. 1557ع ۾ هن پنهنجون خدمتون هرمندر صاحب حوالي ڪيون ۽ اتي 12 سال رهيو. ان کانپوءِ هو ڪرتار پور موٽي آيو. جتي هن ڪيترا شعر جوڙي بادشاهه اڪبر اعظم کي ٻڌايا، جن ۾ اهو تاثر هو ته سک مسلمانن جي خلاف نه آهن، ڇو ته انهيءَ دور ۾ ڪن سکن اسلام جي خلاف ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون، جن مان اهو تاثر پيدا ٿيو هو ته سک، اسلام ۽ مسلمان حڪومت جي خلاف اندران اندران ڪم ڪري رهيا آهن. جنهنڪري اڪبر بادشاهه سکن خلاف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو هو ۽ سک مت خطري هيٺ اچي وئي هئي. ڀائي گرداس جي شعر سبب اڪبر اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو. گرو رامداس جي ديهانت کانپوءِ پنجون گرو ارجن ديو مقرر ٿيو. جنهن جا ڀائي گُر داس سان تعلقات گهاٽا رهيا ۽ هو سندس بيحد عزت ڪندو هو. گرو رامداس کيس پنهنجو مامو سمجهندو هو. اهو جهانگير جو زمانو هو ۽ جهانگير سک مت کي سٺو ڪو نه سمجهندو هو، ڇو ته سکن جي چرپر ۽ سک مت جي مقبوليت وڌي وئي هئي. ڀائي گرداس پنجين گروءَ جي حڪم تي ڪابل، ڪشمير، راجستان ۽ واراڻاسي وڃي مذهب جي پرچار ڪئي ۽ بعد ۾ هن سري لنڪا وڃي سک مت جي پرچار ڪئي ۽ ماڻهن کي ٻڌايو ته زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي ۽ اها ڪيئن گهارجي.
هن 1604ع ۾ 19 سالن جي سخت محنت سان گرنٿ تيار ڪري گرو ارجن ديو ڏانهن منسوب ڪيو. هن نه صرف ’آدي گرنٿ‘ لکيو، پر ان کانسواءِ به ٻين چئن سک عالمن ڀائي هريا، ڀائي سنت داس، ڀائي سُکا، ڀائي مناسارام جي مختلف لکڻين جي به نگراني ڪئي. سندس لکتون ”ورن ڀائي گروداس“ جي نالي سان پنجابي زبان ۾ مشهور آهن.
هن ڇهه چاند لکيا، هر هڪ چاند ۾ 8 نظم آهن، برج ڀاشا ۾ 672 ڪبت ۽ 3 سوايا (Swayyas) ۽ پنجابيءَ ۾ 912 پائوريون لکيون.
هي عالم ۽ سکن جو مذهبي اڳواڻ 25 آگسٽ 1635ع تي گوئنڊوال ۾ ديهانت ڪري ويو. سندس ڪرياڪرم جون رسمون گرو هر گوبند صاحب (سکن جي ڇهين نمبر گروءَ) پنهنجي هٿن سان ادا ڪيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو