داخلا نمبر 4502
عنوان ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ:
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 375 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ڀارو مل امراڻي

ڀارو مل امراڻي

ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ:

ڀارو مل اَمراڻي، سوٽهڙ: ڀارو مل ولد ڪانجي مل، امراڻي، سوٽھڙ، 17 فيبروريءَ 1982ع تي چيلھار شهر، تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم، تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ’ڇھي سوٽھڙ‘ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ثانوي تعليم ھاءِ اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪيائين. ڀارو مل امراڻيءَ لکڻ جي شروعات ڏھين ڪلاس ۾ پڙھائيءَ دوران ڪئي. 1996ع ڌاري عبرت مئگزن ۾ روس جي ترقي پسند ليکڪ ٽالسٽاءِ جي آتم ڪھاڻي ترجمو ڪري ”خوشبوءِ جو موت“ جي عنوان سان ڇپايائين. 1997ع ڌاري رفـيع عابديءَ جـو ڪتاب ”تيسري دنيا ڪا ادب“ ۽ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو ڪتاب ”تاريخ ڪي نظريات“ ترجمو ڪري روزاني ”جاڳو“ ۽ روزاني ”عبرت“ ۾ قسطوار ڇپايائين. سندس ڪالم، مضمون ۽ شاعري، ”عبرت مئگزين“، ”ھالار مخزن“، روزاني ”ھلال پاڪستان“، روزاني ”پاڪ“، روزاني ”دعا“، روزاني ”سنڌ“ ۽ ماھوار ”صبح ٿيندو“ ۾ شايع ٿيندا رهيا. هي ايم.اي سنڌي آهي. موھن ڀڳت آرٽ اڪئڊمي مٺيءَ جو جنرل سيڪريٽري، ڪارونجھر آرٽس ڪائونسل جو خزانچي، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، ٿرپارڪر جو خزانچي ۽ سنڌي ادبي سنگت، چيلھار جو ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٿرپارڪر جو رابطه سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. ٿر جي لوڪ ادب، تاريخ ۽ جديد ادب تي ڪافي ڪم ڪري چڪو آهي. ٿر جي لوڪ گيتن تي سندس هڪ مختصر ڪتابڙو ”گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا “ (2004ع) ڇپيل آهي. ان کان سواءِ ٿر جي چارڻن جي ٻولن تي ”چتر ٻولي چارڻان“ ۽ مشهور لوڪ شاعر بانڪي داس جي امرڪوٽ بابت چيل دوهن تي مشتمل ڪتاب ”همروٽ ڇيتسي“ ترتيب ڏئي چڪو آهي. کيس ٿر جي ثقافتي ۽ لساني جاگرافيءَ جو به سٺو مشاهدو ۽ مطالعو آهي. ايف.ايم ريڊيو مٺيءَ تي ڍاٽڪي پروگرامن ڪرڻ سان گڏ هڪ سماجي تنظيم ’اسڪوپ‘(SCOPE) ۾ پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڀارو مل ۽ رحمان لغاريءَ ٿرپارڪر جي اصلي ذاتين: ڀيلن ۽ ڪولهين تي هڪ رپورٽ Indigenous Communities of Tharparkar پڻ تيار ڪئي آهي. ڀارومل، سنڌي صحافت سان پڻ واڳيل رهيو آهي، ٿر ۾ مختلف اخبارن جو نمائندو رهڻ سان گڏ روزاني ’دُعا‘ ۽ روزاني ’سنڌ‘ اخبارن جو سب ايڊيٽر رهيو آهي ۽ ٿر مان هفتيوار ’ٿر نيوز‘ اخبارڪڍي ۽ صحافي نندلال لوهاڻي سان گڏجي مٺيءَ مان ماهوار ’ٿر مئگزين‘ جاري ڪيو. ڀارو مل، شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڍاٽڪيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

17.02.1982  عيسوي

ڀارو مل سوٽھڙ ، 17 فيبروريءَ 1982ع تي چيلھار شهر ، تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون