داخلا ؛ 4497
پڙهيو ويو ؛ 376
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-10-12


تصويرون




ٽائيم لائين

وشنداس ڀارواڻي ، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ ” مانجھوءَ “ ۾ 1843ع تي ڄائو -A.D
1843.00.00

وشنداس ڀارواڻي 7 جنوري 1929ع تي لاڏاڻو ڪري ويو -A.D
07.01.1929




sindhianaسنڌيانا--ڀارواڻي وشنداس

ٽائيٽل ؛ ڀارواڻي وشنداس


شاخ : شخصيت

ڀارواڻي، وشنداس: وشنداس ڀارواڻي، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ ”مانجھوءَ“ ۾ 1843ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو سيٺ نهالچند ڀارواڻي هو، جيڪو ”پکن ڌڻيءَ“ جي درٻار جو هڪ رتن هو ۽ واپاري هئڻ سان گڏ بزرگ ۽ شاعر به هو، سندس ڪيترائي مريد هئا. سکر جو درويش شاعر -بچل شاهه- به سيٺ نهالچند جو مريد هو. سيٺ وشنداس جون ننڍپڻ ۾ ڪچهريون، پنهنجي -باغ- ”بلاس“ ۾ ڪيترن مهتن ۽ پنڊتن سان ٿينديون هيون، هو طبع ۾ ويراڳ سبب هن وطن جا وڻ ڇڏي ڳوٺ جليانوالا، ضلعي فضور، پنجاب ۾ -ڀڳت- گلابداس جي چرنن ۾ پهتو. ٻارهن مهينن کان پوءِ کيس مرشد موڪل ڏني. پاڻ سنگيت جو ڪوڏيو هو. وٽس سنڌ جا مشهور گويا ۽ راڳي هِدو خان ۽ سندس پٽ سينڌو خان هميشه موجود رهندا هئا. -تصوف- تي ڪتاب لکرايا، -جن- ۾ مکيه شاعرن جا ڪلام، اُردو، پارسي، سنڌي ۽ سرائڪي ۾ گڏ ڪري مفت ۾ ورهائڻ جو انتظام ڪيائين. قرآن شريف جو ترجمو ڪرائي، مفت ورهايائين. اهڙيءَ طره سماج جي سڌاري تي ڪتاب ۽ وشن پرڪاش، وشن گنج، وشن گيان، وشن راڳ، ”ڪريما“ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو، وش سڀا وغيره، ڪتاب ڇپرائي، مفت ورهايائين. ڪيترا اديب سندس ڪشاده دوستيءَ مان مستفيد ٿيندا هئا. 1885ع ۾ -انڊين نيشنل ڪانگريس- جي برپا ٿيڻ واري پهرئين اجلاس ۾، -بمبئي- وڃي شريڪ ٿيو. 1906ع جي ڪلڪتي واري اجلاس، ۽ 1908ع جي مدراس وارن اجلاس ۽ 1918ع تائين ڪانگريس جي اڪثر اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو گهڻو عرصو ميمبر رهيو جيستائين جيئرو هو تيستائين تعلقي لوڪل بورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ رهندو آيو. کيس انگريزن جي حڪومت ۾ چڱي پهچ هئي. جنهنڪري ”راءِ بهادري“ جو خطاب مليو هوس. -ان- جو مکيه ڪارڻ انگريزن جي پوئلڳي ڪرڻ نه هو، بلڪه وقت جي آفيسرن طرفان قائم ڪيل عوامي ڀلائيءَ جي ادارن ۾ دل کولي خيرات ڏيندو هو. سندس اولاد به ساڳيءَ طرح ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهيو. سندس فرزند هرچند راءِ جي زندگي جو احوال ”رتن جوت“ ڪتاب ۾ قلمبند ٿي چڪو آهي. هو والد جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. سندس پوٽو سيٺ سکديو ڪجهه وقت -پاڪستان- -آئين- ساز اسيمبليءَ ۾ هو ۽ ڪانگريس هلچل ۾ مکيه -بهرو- ورتو هئائين، جنهن جو احوال ”رتن جوت“ ڪتاب ۾ آيل آهي. پاڻ ڪو وقت سنڌ هندو پئنچائت جو مکي هو. هي فرشته صفت -انسان- 7 -جنوري- 1929ع تي گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀارواڻي وشنداس- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀارواڻي وشنداس - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن