داخلا جي تاريخ 2012-10-12
داخلا نمبر 4514
عنوان ڀاشاني عبدالحميد خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 434 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني عبدالحميد خان

ڀاشاني، عبدالحميد خان: مولانا عبدالحميد خان ڀاشاني، بنگلاديش جو بزرگ سياستدان، سراج گنج (پٽنا) ۾1880ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جاگيرداري نظام ۽ سرمائيداريءَ خلاف ڊگھي جنگ جوٽي. هي خلافت تحريڪ، ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ ۽ پوءِ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شامل رهيو. انگريزن جي خلاف ننڍي کنڊ جي تقريباً سڀني تحريڪن ۾ حصو ورتائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ هن آسام ۾ تبليغ اسلام لاءِ زور شور سان حصو ورتو ۽ جميعة العلماءِ هند جي شاخ به کوليائين. انگريزيءَ ۾ ”آسام هيرالڊ“ ۽ بنگاليءَ ۾ ”مجاهد“ نالي سان اخبارون شايع ڪيائين. بنگال ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي. مولانا حسرت موهاني ۽ علامه اقبال سان گڏجي يادگار يونيورسٽي مسلميه ڪاليج جو قيام مولانا صاحب جو وڏو ڪارنامو هو. هو آسام اسيمبليءَ جو ميمبر رهڻ ڪري مسلم ليگ جو صدر به رهيو ۽ هارين جي تحريڪ جي اڳواڻي به ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سڀني تحريڪن کي هڪ جاءِ تي گڏڻ ۽ مسلم ليگ سان ملائڻ لاءِ تمام گھڻي جدوجهد ڪيائين. مولانا صاحب اسلامي يونيورسٽيءَ جي ٺهڻ ۾ تمام گھڻو حصو ورتو. هن پنهنجي سياسي جدوجهد دؤران 22 سال جيل ۾ گذاريا. آخر دل جو دورو پوڻ سبب 17 نومبر 1976ع تي ڍاڪا ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.00.00  عيسوي

مولانا عبدالحميد خان ڀاشاني سراج گنج ( پٽنا ) ۾1880ع ڌاري پيدا ٿيو


1975.11.17  عيسوي

ڀاشاني عبدالحميد 17 نومبر 1976ع تي ڍاڪا ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون