داخلا ؛ 4610
پڙهيو ويو ؛ 271
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-10-24


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀاوسار

ٽائيٽل ؛ ڀاوسار


شاخ : سماج

ڀاوسار Bhavsar (قبيلو ):هن قبيلي جا ماڻهو ڀاوسر، بهوسر، ڀائو ساگر ۽ ڀاوا ساگري به سڏجن ٿا ۽ پاڻ کي کتري سمجهن ٿا، وٽن روايت آهي ته اصل هو بهوسر آهن. لفظ بهوسر جي لغوي معنيٰ آهي ”-برهما- جي -ٻانهن- مان نڪتل“ (باهو= -ٻانهن-، سر= نڪتل يا پيدا ٿيل). هي اصل ۾ مهاراشٽر رياست جا کٽي ۽ درزي آهن، سندن اصليت ٻڌائي ٿي ته هي اصل ۾ گجرات کان ڪي صديون اڳ مهاراشٽر ۾ آيا هئا. هنن مان ڪيترا ماڻهو تلنگا ۾ وڃي -آباد- ٿيا. -جتي- هو ”ونيڪار“ يعني ”رنگريز“ سڏجن ٿا. هي -بت- ۾ ڀريل جانٺا، ننڍي قد جا ماڻهو مراٺي ڳالهائيندا آهن. هنن جا ٻه پاڙا آهن، هڪڙا -ڀاوسار- رنگاري ۽ ٻيا -ڀاوسار- درجي يا درزي.
ريتون رسمون: هي گهڻو ڪري ٻاهران شادي ڪن. مردن تي خاص ضابطو آهي ته پنهنجي مٽن مان شادي نه ڪندا، جيڪڏهن ڪو انهيءَ قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي ته مٿس اهي سڀ قانون ۽ ضابطا لاڳو ڪندا آهن، جيڪي ”مراٺي ڪنبين“ وٽ ٿيندا آهن. هنن وٽ گهڻين زالن رکڻ جو رواج آهي، ڇوڪري ننڍيءَ عمر ۾ پرڻائي ڇڏيندا آهن. ڪنهن ڇوڪريءَ کان چڪ ٿي وڃي ته ڏوهاري مائٽ ليکجن. جو ننڍي هوندي ڇوڪريءَ کي شينهن ڪلهي نه چاڙهيائون. وٽن شادي سخت مذهبي طور طريقن سان ٿيندي آهي. سڱ گهرڻ کان وٺي هاڪار تائين گهوٽيتا پنڌ پيا ڪندا آهن، هاڪار تي -برهمڻ- کان -ٽپڻو- کولائي ڏينهن مقرر ڪندا آهن. پڌريءَ جي رسم ڪنوار جي گهر ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. اهڙي قسم کي ”ميڌا مهورت“ چوندا آهن. ڪنوار جي گهر هڪ پنجن ڏَڪن واري جهوپيءَ ۾، جيڪا خاص انهيءَ مقصد لاءِ ٺهيل هوندي آهي، گڏ ٿيندا آهن. راڄ کي سڏين ۽ -پان- ۽ سوپاريءَ سان سندن آءُ -ڀڳت- ڪن. -ان- کان پوءِ مڱڻو ڪن، جنهن کي ”منگني يا ڪنڪو لاوڻ“ چون. -ان- ۾ چانديءَ جا سڪا ڏين ۽ مٺو کاڌو مهمانن کي کارائين. -انب- جي ڦار ۽ جمبل (Eugenia Jambalana) وغيره پپر جي پن تي رکي ورهائين. ڪنڪو، ڳاڙهي رنگ جو سنهو پائوڊر، -برهمڻ- گهوٽ جي چهري تي -تيل- سان مليندو آهي. هئيڊ مَلڻ جي رسم گهوٽ توڙي ڪنوار جي گهر ٿيندي آهي. پهرين گهوٽ کي پنج سهاڳڻيون هيڊ هڻنديون آهن، باقي بچيل هيڊ، عورتون سهرا لاڏا چوندي گهوٽ جي گهران کڻي وڃي ڪنوار کي مکينديون آهن. -ڀاوسار- عورت -ٻار- ڄڻڻ کان پوءِ ڏهن ڏينهن تائين وهنجندي يا ٻي ڪا به صفائي نه ڪندي آهي. -ٻار- ڄمڻ جي پنجين ڏينهن ”شيويه“ ديويءَ جو -پاٺ- ڪن. هڪ -پٿر- تي ديويءَ جي مورتي اڪيري وياميل عورت جي ڀر ۾ رکن ۽ ٻڪريءَ جي قرباني به ڪن. -ٻار- جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ته -ان- جو نالو تيرهين ڏينهن رکن. رنڙ عورت کي ٻي شاديءَ جي اجازت هوندي آهي پر هوءَ مري ويل مڙس جي وڏي -ڀاءُ- يا ننڍي -ڀاءُ- سان شادي نه ڪري سگهندي آهي. رنڙ جي شاديءَ جي تقريب تمام سادي ڪن، جنهن ۾ رڳو منگل سوتر جي رسم ادا ڪن. انهن رسمن ۾ سهاڳڻين کي حصي وٺڻ جي منع ٿيل هوندي آهي، هنن وٽ طلاق جو قانون به آهي. مرد يا عورت چاهين ته طلاق وٺي سگهن ٿا. طلاق ورتل عورت کي جيڪڏهن -ٻار- آهن ته اهي ماءُ وٽ رهن، انهن جو خرچ پيءُ کي ڀرڻو پوندو آهي، پر اهو انهيءَ صورت ۾ جڏهن مرد طلاق ڏئي. تنهن هوندي به طلاق پنچائت جي چڱي مڙس يا مُکيءَ وٽ راڄ جي روبرو ٿئي. طلاق يافته عورت کي اجازت هوندي آهي ته اها ٻي شادي ڪري پر سندس شادي ”رنڙ“ عورت وانگر ٿيندي آهي.
ساڳي نيات جي ماڻهن کان سندن مذهب -ٿورو- الڳ هوندو آهي. سندن خاص ديوي انگالا يا هنگلا (ڀواني نموني) آهي. هي سندس آڏو سيس صرف جمعي ۽ اڱاري ڏينهن تي نوائيندا آهن ۽ پرساد ۾ مٺو ورهائيندا آهن. اَسو (Aswin) جي مهيني ۾ هن ديويءَ جي تمام وڏي پوڄا ڪندا آهن. انهيءَ موقعـي تي ”هـامـا“ (هـَون/قـرباني) جي رسم وڏي پئـمانـي تي ملهـائـي ويـنـدي آهــي. ديـويءَ تي ”ڪـنـوَل جـا گـل“ چـاڙهـي ٻڪـر يـا رڍ قـربـان ڪـن. هـي ’ڪـندوبا‘ بـالاجي ”هـنومان“ کي به مڃين. -ان- کان سواءِ وشنو ديوتا جي آڏو به قربانيون ڪن، سندس مورتيءَ جي پوڄا ڪن. هنن وٽ -برهمڻ- ڪو نه هوندو آهي، گهر جو پريو مڙس سڀ مذهبي رسمون ڪرائيندو آهي. -ان- کان سواءِ ”پوچاما“ (ستلا) مائي امان، مي شاما ۽ ايلاما ديوين کي راضي رکڻ لاءِ پوڄا -پاٺ- ڪن. هنن لوڪن جو جنن، ڀوتن، پرين، ٽوڻن ڦيڻن وغيره تي گهڻو اعتقاد آهي. هي -ڀرمي- ماڻهو آهن، تلنگانا ۾ مذهبي طور هي ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا شوي، -جن- کي وڀوتي ڌاري چون، ٻيا وشنوائي، -جن- کي ’ترمي ڌاري‘ ڪري سڏين. هنن وٽ مُردن کي ساڙيو ويندو آهي. سندس رک -ٽن- ڏينهن کان پوءِ گڏ ڪري گنگا جل جي حوالي ڪندا آهن. ساڙڻ مهل مڙدي جو مٿو -اتر- ۽ پير ڏکڻ طرف ڪندا آهن. ٻارهين ڏينهن مٿا ميڙ ڪن. تر (کاڌي جو قسم) چاڙهي لڏون ۽ ڪڻڪ جي -اٽي- مان ٺهيل مٺايون ورهائين، پر جيڪڏهن ڪو ڪالرا يا مائيءَ (ماتا) وگهي مري ته -ان- کي پورين. ۽ اهو -ٻار- جنهن کي اڃا ڏند نه آيا هجن، -ان- کي به پورين، ساڙين ڪو نه.
هي گهڻو ڪري رنگريز آهن. هي وڻن جي پنن مان اصلوڪا رنگ پاڻ ٺاهين. هاڻي ڪجھه -ڀاوسار- درزي به ٿيا آهن ۽ زراعت ڏانهن به ڌيان ڏنو اٿن. 1901ع جي -آدمشماري- موجب هنن لوڪن جو تعداد 30761 هو. هي هندوستان جي گجرات ضلعي، جيڪو سندن اباڻو گهر آهي، پوني ۽ ڪرناٽڪ ۾ رهن ٿا، پر جهجهو تعداد ڪيريا، -احمد آباد-، سورت، ڪاٺياواڙ، ماهي ڪنٿا ۾ به رهي ٿو. مسلمان -ڀاوسار- هندن سان نه کائين نه ڏي وٺ ڪن. ٻوليءَ جي حساب سان کين ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا مراٺي ۽ ٻيا گجراتي. گجراتي -ڀاوسار- وري ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، هڪڙا مهيشوري يا هندو ٻيا شراواڪ يا جين. مسلمان ڀاوسارن جو ٻنهي سان واسطو ڪو نه آهي. مسلمان -ڀاوسار- وري -ٽن- حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا ڪنٿيا، جيڪي نربدا ۽ ماهي ندين جي ڪنارن سان رهن، ٻيا رام ديسي، جيڪي پاليءَ ۽ پرتاب ڳڙهه ۾ رهن، ٽيان بلداس، جيڪي -اتر- گجرات ۾ رهن. اهي ٽئي مسلمان نياتيون هڪٻئي سان نه کائين، نه اٿن، نه ويهن. هي پاڻ کي راجپوتن جي -ڀٽي-، چوهاڻن، گوهيل ۽ پرمارن مان سمجهن. اصل ۾ -ڀاوسار- گجر قبيلي جا راجپوت آهن. مراٺي -ڀاوسار- گجراتي ڀاوسارن سان پري جي نک ۾ ملن ٿا. اهي اڃا تائين سنڌ جي هنگلا ديويءَ جا پوڄاري آهن. سنڌ ۾ -ٿر- جي انهيءَ علائقي، جيڪو هندوستان جي راجسٿان واري علائقي سان لڳي، اتي به ٿورڙي تعداد ۾ رهن ٿا. سنڌ ۾ سندن وڏو تعداد هر سال هنگلاج ڏانهن زيارت لاءِ ويندو آهي. هي گهڻو ڪري پيرين پنڌ ماتا جي درشن لاءِ ويندا آهن.
مري وڃڻ جون رسمون: هنن ۾ جڏهن ڪو ماڻهو مري ويندو آهي ته هو مائٽن، مٽن، ذات وارن ۽ دوستن کي باقاعدي ماڻهو موڪلي ڄاڻ ڪندا آهن. -ان- کان پوءِ مڙدو آڻي گهر جي آڏو ڪنهن ٿلهي يا صندل تي رکي، -ان- جي مٿان ڪوسو -پاڻي- هاريندا آهن. ساڳئي وقت وهنجارڻ کان پوءِ مردي کي ڪپڙي سان ڍڪيندا آهن. جيئن مسلمانن وٽ ڪفن ٿئي. مٿس گلن جا ڍير وجهندا آهن. ارٿيءَ کي چار ماڻهو کڻندا آهن. ڪلهي ڪانڌين ۾ تمام ويجهو عزيز اڳيان هلندو آهي. سندس ڪلهي تي پاڻيءَ جو مٽ هوندو آهي، مساڻن ڏانهن ويندي رستي تي ڊبل روٽيءَ يا مانيءَ جا ٽڪرا اڇلائيندا ويندا آهن. مساڻن ۾ پيل پاون سان ٺهيل ڇٽيءَ ۾ ٿلهي تي مڙدو رکي، مڙدي جو پٽ يا -ڀاءُ- -ان- کي -باهه- ڏيندو آهي. ڏهن ڏينهن تائين تڏي تي ويهندا آهن. تيرهين ڏينهن ذات ڀاتين کي ماني کارائيندا آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀاوسار- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀاوسار - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سماج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
باٽ کولڻ
باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
آبداڻي
آبراڻي
آبڙ
بارَڪ زَئي
بار مِيرا
باريجا
بازيگر (قبيلو)
باگڙي (قبيلو)
بانو
بتيلائي
بجاراڻي
ٻاپڙا
بخاري
ٻاگهل
ٻالا
ٻاليشاھي
ٻائوٽ
ٻرا
ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
ارغون
ٻلو (اعزاز)
ازبڪ
اشتراڪيت
اعرابِي
اڳڙا
برادري
براديا
براهماڻي ٻرا
برفت
ابدالي
بڙدي
بزنجو
بزنجا
اَتراڻي
احمد زئي
بڪڪ
ادباڻي
آريا
بگٽي
انصاري
اهل بيت
اهير
بگهياڙ (قبيلو)
آهير
آهيڙي
آئين
آغا خان اوارڊ
بهرامي
بهلڪاڻي
بليدي
بنديچا
بنگل زئي
بنو عباس
بني هاشم
بوداڻي
اين ايف سي اوارڊ
ڀاوسار
تميمي
ڀُتا
ٺڪر
ٺلراڻي
تور وال
ڀريا
ثقفي
ڀنڀراڻي
ٽالاڻي
ٽالپر
ڀوت
ڀوت2
ڀُوتاڻي
تغلب
ڀوڄَڪ
تولاڻي
تاتاري قوم
تيبر
تيرس ڌن
تيم
تميم
پيرڪاڻي
جماري
جاجي
جتڪ بلوچ
پاڙو
جٽ
جِپسي
جدگال


.....سماج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن