داخلا نمبر 4615
عنوان ڀاون سنگهه جي تلريجا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 239 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀاون سنگهه جي تلريجا

ڀاون سنگهه . جي . تلريجا: ڀاون سنگهه تلريجا جو جنم نائچ ڳوٺ ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1911ع ۾ ٿيو . سندس والد جو نالو گاهي سنگهه تلريجا هو . ڀاون سنگهه هڪ سٺو ليکڪ هو . ڊسمبر 1936ع ۾ آريا سماج تحريڪ ۾ شامل ٿيو . هن ڌرمي ۽ پنگتي مسئلن تي ڪتاب لکيا ، جن ۾ جيون وديا ، فرضن جي دنيا ، منهنجو سفر ، وگياني روحاني رهبر ۽ ايشور درٻار ، سنڌ ايڪارڪ ، هيراموتي ، تازا گل ، وشنو ۽ وِشوَ پتي وغيره شامل آهن . هو هڪ سماج سڌار انسان هو . ڀاون سنگهه ” سنڌ اپڪرڪ “ جو ايڊيٽر به رهيو . ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي ڀارت لڏي ويو ۽ وڃي الهاس نگر وسايائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو