داخلا نمبر 4614
عنوان ڀاوند لاکا
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 136 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀاوند لاکا

ڀاوند لاکا: هي ڳوٺ قمبر کان پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف، نور واهه جي ڏاکڻي ڪپ تي آهي. هي ڳوٺ ديهه لاکا، يونين ڪائونسل قمبر 3 سرڪار رانوتيءَ سان واسطو رکي ٿو. ديهه ۽ تپي لاکا جو، هي سڀ کان قديم ۽ گھڻ آباديءَ وارو ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جي اوڀر ۾ قنبر شهداد ڪوٽ روڊ تائين اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي جو لنڪ روڊ آهي. اوڀر ۾ ڊٻ جاڙو ۽ ڏيوڙا، ڏکڻ ۾ پير محمد لاکو، رب رکيو لاکو، اولهه ۾ رئيس ولهاري مغيري ۽ اتر جي ڪنڊ ۾ ڪمال خان چانڊيو ڳوٺ ڪجهه مفاصلي تي واقع آهن. هتان جا ماڻهو پهريان جھلي ۾ آباد هئا. جھلو ”دائود جي وانڍ“ به سڏبو هو، جنهن جا ڦٽل آثار هن ڳوٺ جي اولهه ۾ ڪجهه مفاصلي تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جتي ڪلهوڙا ۽ لاکا ويٺا هئا. ڪلهوڙن جي وڏي ميان دائود جا وڏا اصل نورپور، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور جا رهاڪو ۽ هالن واري بزرگ مخدوم نوح رحه جي اولاد مان هئا ۽ ڪنگري جا پير سندن مرشد هئا. پنهنجن مرشدن جي حڪم تي دائود خان هتي آباد ٿيو هو. مختلف روايتن موجب جهَلي جو ڳوٺ 25- 1620ع ڌاري ڪلهوڙن آباد ڪيو. جهلو ان ڪري سڏبو هو، جو انهيءَ ماڳ جي چوڌاري ايترا ته گھاٽا ۽ ڊگھا وڻ هوندا هئا، جو پري کان ڳوٺ جو ڪوبه نالو نشان ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. دائود جي وانڍ ۾ ڀاوند لاکي جي وڏن 80- 1675ع ڌاري جهلي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. هي به اصل نور پور جا رهاڪو ۽ ڪنگريءَ جي پيرن جا معتقد ٻڌايا وڃن ٿا. ڀاوند لاکي جا وڏا پاڻ ۾ نا اتفاقيءَ سبب هتي آباد ٿيا هئا. آبادي وڌي وڃڻ سبب هتان جا سمورا ماڻهو 1775ع ڌاري جھلي جي اوڀر ۾ هاڻوڪي ماڳ تي آباد ٿيا. اهو ماڳ اڳتي هلي ڀاوند لاکا جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪلهوڙن، ميرن جي دور ۾ گمناميءَ جي لهر اچڻ ڪري، فقيري گادي سنڀالي ۽ لاکا زمينون سنڀالي زمينداري ۽ طاقتور بڻيا. ڀاوند لاکو 1785ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو، کيس پٽاڻو اولاد نه ٿيو. سندس نياڻيءَ جو اولاد هن وقت خيرپور ميرس ۾ رهي ٿو. ڀاوند پنهنجي حياتيءَ ۾ مختلف علائقن مان لاکا قبيلي جا ماڻهو هتي آباد ڪرايا هئا. جن مان ڪن گھراڻن جو اولاد اڃا تائين هتي رهي ٿو ۽ ڪجهه ماڻهو انگريزن جي دؤر ۾ لڏي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ پير محمد لاکي ۽ رب رکيي لاکي جي نالي سان ڳوٺ ٻڌي ويٺا. پيرمحمد لاکو ۽ رب رکيو لاکو انگريز دور ۾ هتان جا سٺا ۽ طاقتور زميندار هئا، جن جي پونئيرن جي زميندراي اڄ به ديهه لاکا ۾ رهندي اچي. هن خاندان جي وڏڙن موجب ڪلهوڙن جي وڏي ڏاڏي ميان حال الله (اول) (1725ع- 1640ع) جي پڙپوٽي سڄڻ (1840ع-1732ع) جي شادي، ڪلهوڙي وٽان ٿي هئي. خليفي الله بخش ڪلهوڙي جا وڏا ان وقت پنهنجي قبيلي جا آڌي سردار هئا. انهن جو ڏاڏو پير ميان جان محمد ڪلهوڙو، ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جو سڳو ماسات هو. هي گھراڻو 71-1770ع ۾ ڪلهوڙن سان مٽي مائٽي ڳنڍڻ کان پوءِ آهستي آهستي ڪلهوڙو سڏجڻ لڳو. هن گھراڻي جي مشهور ۽ معروف عالم، ڪاتب ۽ خـطـاط صـابـر ”فـقـيـر“ (1911ع-1795ع) پنهنـجيـن قـلمـي تصنيـفـن ۾ ڪٿي ”ڪلهوڙو“، ڪٿي ”ڪلهوڙيجو“ لکيو آهي، نه ته اڪثر جاين تي عرفيت ۾ قريشي ۽ لقب ۾ بانگا (بانڪا) لکي آهي. سندس قلمي نسخن مان مخدومن جي نالن سان قلمي مواد به ملي ٿو. هن ڳوٺ ۾ ڪلهوڙن ۽ لاکن جي آبادڪاريءَ کان پوءِ هندو آباد ٿيا. جي پهريان جھَلي جي اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ ”بولچند“ جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هندو 85-1780ع ڌاري هتي آباد ٿيا. هندن جي آباديءَ کان پوءِ ٻيون ذاتيون آهستي آهستي آباد ٿيون، جن ۾ گوپانگ، نانگراج، جمالي، راهوجا، سومرا، موچي، منگي، سيد، بروهي، چانڊيا، ڏيپر، لوهر، پنهور، ڊکڻ، شيخ، سوهو وغيره قابل ذڪر آهن. هينئر مٿين ذاتين مان لاکا، ڪلهوڙا، چانڊيا، ڏيپر، شيخ، سومرا، ابڙا (جيها)، سوهو، سيد ۽ پنهور رهن ٿا. باقي ذاتيون لڏي ويون.
هن ڳوٺ ۾ ڏيپر قبيلي جا ماڻهو اصل ڪنڊياري جا رهاڪو هئا، 1800-1798ع ڌاري درياهه جي اٿلڻ سبب ڪي لڏي وڃي، وارهه تعلقي جي ڳوٺ جاني بند ۾، ڪي گھٽهڙ ۾، ته ڪي وري لاڙڪاڻي لڳ ”نائچن جي ڳوٺ“ ۾ رهيا. 1855ع کان پوءِ آهستي آهستي سڀئي هتي اچي آباد ٿيا. هن قبيلي جا وڏا هئا: الهڏنو خان، ميهر خان، محمد اسماعيل، ساجن خان، خدا بخش ۽ محبت خان. شيخ، شڪارپور مان 1875ع ڌاري لڏي اچي آباد ٿيا. سندن وڏو محمد آچر هو. هي شيخ پاڻ کي ”ڀنڀاڻي“ سڏائين ٿا. شڪارپور ۾ ڀنڀي خان جي نالي سان سندن وڏو هو. اتان پنهنجن سان اڻبڻت ڪري لڏي هتي آباد ٿيا. هتان جا چانڊيا جيڪب آباد جي علائقي ”گهل پور“ جا رهاڪو هئا. 1850ع ڌاري اتان لڏي پهريان قمبر جي ڳوٺ جمعي چانڊيي ۾ ويٺا، جتان پوءِ 1875ع ڌاري هتي ويٺا. هنن جي وانڍ، ڳوٺ کان ڪجهه قدمن تي اولهه طرف ۽ قبرستان لڳ اوڀر ۾ اٽڪل 20 گھرن تي ٻڌل آهي. سندن وڏو چاڪر خان هو، جيڪو 1981ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سومرا به هتان جا قديمي رهاڪو آهن. هن قبيلي جا ماڻهو اوائلي ڪرت جي اعتبار کان لوهر، ڊکڻ ۽ کٽي سڏجن ٿا. 1877ع ۾ ڪنگ ذات جي ڪجهه ماڻهن کي ڪلهوڙن هتي پلاٽ ڏئي آباد ڪيو. هي اصل”چارئي جي ڳوٺ“ لڳ عاليوال (فريد آباد، ضلعي دادو) جا رهاڪو هئا. هي گھراڻو 1850ع ۾ اتان لڏي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ڪنگا“ ۾ رهيو. سندن وڏا به اصل ڪنگن جا رهاڪو هئا. جتان 1877ع ڌاري اهو گھراڻو هتي اچي آباد ٿيو. سيد اصل جيڪب آباد جا رهاڪو هئا. سندن وڏو شير شاهه هو. هي به انگريزن جي دور ۾ هتي آباد ٿيا. پنهور ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڪنڊيءَ مان ورهاڱي کان پوءِ 1958ع ۾ لڏي آيا، سندن وڏو محمد هاشم هو. انگريز دور ۾ هتان جي هندن کي به وڏي اهميت حاصل هئي. هتان جي مڙني مالي ۽ ڪاروباري وسيلن تي سندن رکوالي هئي. هندن کي گھڻو ڪري، هن ڳوٺ ۾ صراف، ڪرياني، سبزيءَ ۽ وکارن جا دڪان هوندا هئا. مسلمان انهن کان گھڻو ڪري قرض تي سامان کڻندا هئا. چيٽي مل، اٽل مل، ريجھو مل ۽ هوندي مل کي ان جون وکاريون هونديون هيون. انهن وکارن ۾ چانور صاف ڪرڻ لاءِ ٺڪر جا جنڊ رکيل هوندا هئا. ڇاڙها ٻانهن ۾ ڇيرون پائي ان ڇڙهيندا هئا. ڳوٺ جي زرعي زمين کي اوائل کان نور واهه آباد ڪندو رهي ٿو. نور واهه جي سنڀال لاءِ سرڪار طرفان داروغا ۽ جمعدار به رکيل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو