داخلا نمبر 4439
عنوان ڀاٽيا لڇمڻ ڪومل
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 758 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا

لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا

ڀاٽيا لڇمڻ ڪومل

ڀاٽيا، لڇمڻ ’ڪومل ‘:سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، نقاد، مترجم، ناٽڪ نويس، شاعر، صحافي ۽ ايڊيٽر لڇمڻ ”ڪومل“ ڀاٽيا، 26 مارچ 1936ع تي ڪنڊياري، اڳوڻي ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) ۾، چيلارام ڀاٽيا جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس جنم جو نالو لوڪومل هو ۽ کيس لاڏ مان ”لوڪو“ سڏيندا هئا. لڇمڻ جو ڏاڏو سيٺ جاڙومل، تر جو وڏو زميندار هو. ڪنڊياري شهر ۾ ڀاٽيا برادريءَ جو هڪ شاهي پاڙو هو، جنهن ۾ 150 گھر هوندا هئا. لڇمڻ ”ڪومل“ جو والد چيلارام ذهين، تعليم يافته ۽ قابل شخص هو، جنهن کي انگريزي ۽ فارسي ادب جو سٺو مطالعو هو. لڇمڻ پرائمري سنڌي ڪنڊياري ۾ پڙهيو. سندس پيءُ کيس شام جو مسجد جي آخوند وٽ ساڳئي وقت اردو ۽ فارسي به پڙهائي. ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ چيلارام ڀاٽيا، نوابشاهه ۾ سٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو ۽ هن نامور شاعر نارائڻ شيام جي والد ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ کان چارج اچي ورتي. چيلارام ڀاٽيا جي شهر ۾ هڪ ايماندار منصف طور سڃاڻپ، عزت ۽ رتبو هو. لڇمڻ، نَون سالن جي عمر ۾ ولس اسڪول نواب شاهه ۾ پهرئين انگريزي درجي ۾ داخل ٿيو. سندس ان وقت جي استادن ۾ روچي رام ٿانواڻي، ديو ناٿاڻي، ڀڳوان ابيچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل هئا ۽ شووراماڻي سندن ميوزڪ ٽيچر هوندو هو.
لڇمڻ، نوابشاهه پڙهڻ دوران، پيءُ جي صحبت ۾ نارائڻ شيام، پرسرام ضيا ۽ سليم ڳاڙهويءَ سان مليو ۽ کين مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏٺو. انهن ئي ڏينهن ۾ مسعود نالي هڪ عملدار نوابشاهه جو ڪليڪٽر ٿي آيو، جنهن جي زال ڪانگريسي سوچ جي هئي. مسعود ڪليڪٽر، جيڪو اڳتي هلي ”مسعود کدرپوش، سڏيو ويو، لڇمڻ ڀاٽيا جي والد کي هڪ ڪوڙي الزام ۾ معطل ڪيو. چيو وڃي ٿو ته ورهاڱي وقت جڏهن غريب آباد، نوابشاهه جي لٻاڻن سکن جا 50، 60 گھر، نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تان ’راجا جي گاڏيءَ‘ ۾ چڙهي جوڌپور لاءِ روانا ٿيا ته مسعود ڪليڪٽر شهر کان ميل کن پري، گاڏي بيهارائي، کين ٻارن ٻچن سميت قتل ڪرايو. ان واقعي شهر ۾ وڏو هراس پکيڙي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ نوابشاهه جي هندن، سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
لڇمڻ جڏهن ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺي چڪو هو ته 30 جنوري 1948ع تي مهاتما گانڌيءَ جي قتل جي خبر آئي، لڇمڻ جو والد چيلارام نوڪريءَ تان معطل ۽ نظر بند هو. جيئن ته مٿس ڪيس ڪوڙو هو، ان ڪري انڪوائريءَ بورڊ لڇمڻ جي والد جو ڪيس خارج ڪري کيس بي ڏوهي قرار ڏئي، باعزت نموني ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر نوابشاهه جو عهدو ڏنو ۽ مٿس شرط وڌو ويو ته هو نوابشاهه کي نه ڇڏيندو ۽ نه ئي لڏيندو. پر چيلارام، مسعود ڪليڪٽر جي نيت پروڙي چڪو هو، اوچتو هڪ رات چيلارام ڀاٽيا پنهنجي دوست قادر بخش جي گاڏيءَ ۾ ٻار ٻچا وٺي ڪراچيءَ پهتو ۽ 8 مارچ 1948ع جي شِوراتڙيءَ جي ڏينهن ٻارن سميت پنهنجي وطن سنڌ کي خيرباد چيو.
لڇمڻ ڪومل، 13 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ مائٽن سان سنڌ ڇڏي ورهاڱي جي وير ۾ لڙهي هند پهتو ۽ اڳتي ڌڪجي دهليءَ پهتو. هن ثانوي تعليم ڪانپور مان پرائي ۽ دهلي يونيورسٽيءَ مان بي. ڪام آنرس (1956ع) ۾ ڪئي. دهلي يونيورسٽي ڪاليج جي لٽرري سوسائٽيءَ ۾ هن جي هڪ ڀيرو وري نارائـڻ شـيام سان ملاقات ٿـي. نـامور اديـب ۽ عـالم هـرومل سدارنگاڻي ’خادم‘ اتي پڙهائيندو هو، ان سان گڏ، تيرٿ وسنت ۽ ٻين اديبن سان به سندس ملاقاتون ٿيون. دهلي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ تخلص سان شاعري ڪئي.1962ع ۾ ”گوپي“ سان هن شادي ڪئي. دهلي يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف جرنلزم مان ئي لڇمڻ ڪومل 1962ع ۾ صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي. هو راڻا جنگ بهادر جھڙي آزموديگار صحافيءَ جو شاگرد رهيو. ڀارت جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار ‘Times of India’ ۾ لڳاتار 35 سالن تائين مختلف حيثيتن/عهدن تي رهي ڪم ڪيائين، جتان 1994ع ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. لڇمڻ ڪومل نه رڳو سنڌ ۽ هند پر دنيا جي افسانوي توڙي شعري ادب جو وسيع مطالعو ڪيو آهي ۽ ان تي عالمانه تنقيدي نگاهه پڻ رکي ٿو. هو ورهاڱي کانپوءِ وارن شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو ۽ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر آهي. ڀارت ۽ ان کان ٻاهر ”آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم“ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ پڻ ڪيترا ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي اٿس. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي، ريڊيو، ٽي.وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ گذريل 45 سالن کان لڳاتار لکندو رهيو آهي. سندس سوين تحقيقي، تنقيدي ۽ ادبي مقالا ڇپجي چڪا آهن. هن جا ريڊيو ٽاڪ، ايڊيٽوريل، تبصرا ۽ تجزيا، سنڌي ادب جي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا.
لڇمڻ ’ڪومل‘ ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان 22 سالن جي عمر کان لاڳاپيل رهيو ۽ ان جي هڪ اهم ڪارڪن ۽ اڳواڻ طور هن جون خدمتون وساري نه ٿيون سگھجن. سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ساٿين سان گڏ لڇمڻ ڪومل جو به ڪردار رهيو آهي.
لڇمڻ سٺو ناٽڪ نويس به آهي. هن نه رڳو ناٽڪ لکيا آهن، پر ناٽڪن ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار طور ڪم ڪرڻ سان گڏ اهي اسٽيج به ڪيا آهن. هن جا ٽي طويل سنگيت ناٽڪ (Opera) سنڌي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿا. جن ۾ (1) ”سهڻي ساهڙ سنگ“، (2) ”سر مومل راڻو“ (راڻا گھڻا راڄ ۾) ۽ (3) ”سر سورٺ“ شامل آهن، جيڪي دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ ۾ ڪيترا ڀيرا اسٽيج ٿي چڪا آهن. سندس ناٽڪ ”سهڻي ساهڙ سنگ“ جو هندي ترجمو به ڪيترا ڀيرا اسٽيج تي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. لڇمڻ ڪومل، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي ڇه ماهي رسالي ”جوت“ جو ست سال ايڊيٽر رهيو آهي، جنهن رسالي جا هن ڪيترا خاص نمبر ڪڍيا، جن مان ڪي مشهور نمبر هيٺيان آهن:
1. شاهه لطيف نمبر (ڊسمبر 1999ع)
2. گوبند مالهي نمبر (جون 2001ع)
3. آڳاٽو سنڌي ادب نمبر (مارچ 2004ع)
4. هري دلگير نمبر
لڇمڻ ڪومل جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) ”هڪڙو هو راجا“ (ٻاراڻو ادب: 1965ع)، جنهن تي کيس هند سرڪار جي تعليمي وزارت ”ٻاراڻي ادب جو اوارڊ“ ڏنو، (2) “Folk Literature of Pakistan” (1971ع)، جنهن جا هن وقت تائين ڇهه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، (3) ”نئون صبح“ مشهور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو (1974ع)، جنهن تي کيس ماسڪو ۾ گهرائي، 1975ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ، روس جي نوبل انعام يافته اديب ’مائيڪل شولو خوف‘ هٿان ڏياريو ويو، (4) ”جيءَ جھروڪا“ (شاعري: 1975ع). سندس هن شعري مجموعي تي کيس 1976ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران اوارڊ ڏنو ويو، (5) ”ميري چادر“ (1978ع) راجندرسنگهه بيديءَ جي ناول ”ميلي چادر“ جو ترجمو (1983ع ۽ سنڌ ۾ ٻيو ڇاپو جنوري 1986ع)، (6) ”ميران ٻائي“ (مونوگراف: 1980ع)، جيڪو ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو، (7) ”بلي شاهه“ (مونوگراف)، جيڪو ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو، (8) ”ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي“ (1986ع)، مشهور ڊرامانگار، هدايتڪار، شاعر، اديب ۽ نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب، (9) ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ (1996ع)، نامور ناول نگار قرةالعين حيدر جي ناول ”پت جھڙ ڪِي آواز“ جو سنڌي ترجمو، جنهن کي ساهتيه اڪيڊميءَ 1997ع ۾ بهترين ترجمي جو اوارڊ ڏنو، (10) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 2006ع). سوجھرو پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپيل، (11) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا، ڀاڱو ٻيون: 2008ع). سوجھرو پبلشرز ڪراچي پاران ڇپيو.
هن وقت دهليءَ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا جو باقي حصو لکڻ ۾ مصروف آهي ۽ پريس انڪليو ڪالوني، نئين دهليءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو