داخلا ؛ 4451
پڙهيو ويو ؛ 271
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-09-14


تصويرون


Bhadai-Qambar-Ali-Shah-Shareef.gif
ڀاڏائي، قنبر علي شاهه شريف
ڀاڏائي، قنبر علي شاهه شريف



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀاڏائي قنبر علي شاھ شريف

ٽائيٽل ؛ ڀاڏائي قنبر علي شاھ شريف


شاخ : شخصيت

ڀاڏائي،قنبر علي شاھ ”شريف“: ڀاڏائي قنبر علي شاهه، ”شاھه شريف“ جي نالي سان مشهور هي بزرگ شاعر 1207هه/ 1792ع ڌاري -جنم- ورتو. هو هڪ وسيع حلقو رکندڙ شخص هو. ”شاھه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“ ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- سهيڙيو آهي. هن رسالي ۾ شاھ شريف جي سوانح ۽ ڪلام سان گڏ سندس فرزند عبدالقدوس شاھه، مريدن فتح فقير ۽ غلام حيدر ٿيٻي (تيرهئي) جي سوانح ۽ ڪلام به ڏنل آهي.
قنبر علي شاھه ولد -بچل- شاھه جا وڏا اُچ شريف جي -بخاري- سيدن مان هئا. اتي سندس ڏاڏي ڇٽن شاھه جي آخري آرامگاھه آهي. قنبر علي شاھه جو والد -بچل- شاھه اُتان لڏي ”ڀاڏ“ تعلقي جاتيءَ ۾ آيو. انهيءَ نسبت سان ”ڀاڏائي“ سڏجڻ ۾ آيو. کيس اُتي ئي مڪتب جي -تعليم- ملي. باقي -تعليم- کيس گنبالي (تعلقي گھوڙا ٻاريءَ) ۾ ملي، -جتي- پوءِ سندس والد لڏي وڃي رهيو هو. شاھه شريف جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن ٿيو. عبادتون ۽ رياضتون ڪيائين. رڻ پٽياڻيءَ ويجھو هڪ غار ۾ عبادت لاءِ نوَ مهينا وڃي رهيو ۽ خليفي فتح فقير، هڪ سؤ ڏھه فقير وٺي وڃي کيس لڌو. ڊاڪٽر -بلوچ- صاحب لکي ٿو ته: درياهه جي اڀرندي ڪناري تي جھوڪ ۾ اُن وقت شاھ فضل -الله- قلندر جو غلغلو هو ته اولهه طرف شاھه شريف گنبالي ڌڻيءَ جا عقيدت مند ڪهي ايندا هئا. سندس خليفن ۾ پنج فقير وڌيڪ مشهور ٿيا. اُهي هئا: خليفو محمد اسحاق ترڪ، فتح فقير، فقير غلام دل، خليفو سرماڻ جوکيو ۽ خليفو فقير غلام حيدر گرناري.
شاھه شريف ڀاڏائي 56 سالن جي عمر ۾ 1264هه/ 1848ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس چار فرزند هئا، -جن- ۾ عبدالقدوس شاھه شاعر ٿيو. شاھه شريف تي شاھه جي رسالي جو نمايان اثر آهي. سندس ڪلام موضوعن توڙي هيئت جي حوالي سان شاھه جي رسالي جو تسلسل آهي. سندس رسالي ۾ شاھه جي رسالي وارا سُر (ڪُل26) آهن. البته ٻه سُر ويراڳ ۽ ڪامول ٻين نالن سان آهن. ويراڳ ۾ ڀڳتيءَ جي موضوع تي چار دوها آهن ۽ ڪامول ۾ سُر ڪاموڏ (نوري ڄام) جو مضمون آهي.
”شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو“ ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- جي سهيڙ سان سنڌي ادبي بورڊ سال 1963ع ۾ ڇپايو، جڏهن ته تصحيح ۽ -تحقيق- بعد ٻيهر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان 1972ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن ۾ 398 صفحا آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀاڏائي قنبر علي شاھ شريف- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀاڏائي قنبر علي شاھ شريف - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن