داخلا نمبر 4553
عنوان ڀاڳيا
شاخ سماج
پڙهيو ويو 272 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀاڳيا

ڀاڳيا: چؤپايو مال ڌاريندڙ خوشحال، ڀاڳ وارا، خوش نصيب آڳاٽي تـصـور مـطـابـق ’مــالـدار‘ ۽ ’ڌنـوان‘ اھــو آھــي، جـنـھــن وٽ چـوپـائــي مـال جــو ڌڻ ھجي، ’مال‘ ۽ ’ڌڻ‘ شاهوڪاريءَ جي معنيٰ ۾ آڳاٽي دور جي نشاني آهن، جڏهن انسان زراعت سان گڏ مال ڌارڻ شروع ڪيو ۽ انهن جي گهڻائي ’ڀاڳ‘ جي نشاني سمجهي وئي. چوپايو مال ھميشه وڌندڙ آھي جيڪو قدرتي چراگاهه مان قُوت ڪري، ڌڻيءَ کي ڌڻ/ ڌن وڌائي ڏيندو آھي. جوڙي مان ٻه ٿيندا، ٻن مان ٻارھن ۽ پنجن منجھان پندرھن ٿيندا آهن. سچو پچو ڌن اھو ئي آھي، جيڪو وڌي ۽ ويجھي ٿو. ڀاڳيا اھي ماڻھو آھن، جن جو گذران پنھنجي مال تي ھوندو آھي. ھو رڍن، ٻڪرين، ڳئن، مينھن جا ڌڻ ۽ اٺن جا وڳ ڌاريندا آھن. ھنن مان ڪيترا مال جي چاري لاءِ ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تي گھمندا رھندا آھن ۽ کين مالوند ۽ سانگي به چوندا آهن. سندن مال مان کير ۽ مکڻ کان سواءِ اُنَ ۽ ڏاس جي به ڪافي پيدائش ٿيندي آهي. ڀاڳيي وٽ ھر قسم جو مال موجود ھوندو آھي. ٻڪريءَ کان وٺي گھوڙي ۽ اٺ تائين، ٻئي ھر طبقي جو ھنرمند کُٽي وڃي، پر ڀاڳيو سدائين سائو ھوندو آھي.چوڻي آھي ته ”ڀاڳين جا ڀاڻ سدائين ڀريل ھوندا آھن“، اھا چوڻي نھايت ئي معنيٰ واري آھي، (وضاحت لاءِ ڏسو: ”پھاڪا ۽ چوڻيون).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سماج - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
ارغون
ٻلو (اعزاز)
اشتراڪيت
اعرابِي
آدمشماري
بڪڪ
ادباڻي
سماج ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون