داخلا نمبر 5063
عنوان ڀريو ويرداس
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 156 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀريو ويرداس

ڀريو ويرداس: هي ھڪ سالڪ بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو نائين صديءَ ھجريءَ ۾ پيدا ٿيو. مجذوب ۽ مستيءَ ۾ رھڻ وارو بزرگ ھو. ڀريو ويرداس هڪ برھمڻ ھو، سندس رھائش گھڻي ڀاڱي ٻيلن، جھنگلن ۽ پھاڙن ۾ ھوندي ھئي. هو ڪيترن ئي هنڌن تي گهمندو رهيو. زندگيءَ جا آخري ڏينھن گنجي ٽڪر جي ھنج ۾ اچي رھيو هو. ”حديقة الاولياءِ“ جو ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ھن اسحاق آھنگر جو مشهور بيت ”هجان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي سُپَ تي“ ڀريي ويرداس کان ئي ٻڌو ھو، جيڪو بيت سنڌي شاعريءَ جي شروعاتي بيتن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. ھن درويش جو ديهانت 903 ھه/ 1497ع ڌاري ٿيو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي ڀرسان گنجي ٽڪر تي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو