داخلا ؛ 4928
پڙهيو ويو ؛ 477
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-14


تصويرون


Abdul-Haq-Bhurt.gif
عبدالحق ڀُرٽ
عبدالحق ڀُرٽ



ٽائيم لائين

1948.09.16-A.D
عبدالحق ڀُرٽ 16 سيپٽمبر 1948ع تي ڀورٽي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--ڀرٽ عبدالحق

ٽائيٽل ؛ ڀرٽ عبدالحق


شاخ : سياستدان

ڀرٽ، عبدالحق: عبدالحق عرف دوست محمد ولد احمد نواز ڀُرٽ، نوشهري فيروز ضلعي جو مشهور سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ آهي. هن ڀورٽي، تعلقي نوشهري فيروز (هاڻي ڪنڊياري) ۾ 16 سيپٽمبر 1948ع تي -جنم- ورتو. هي اڃا نَون مهينن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. سندس والد سخي مرد ۽ هارين جو همدرد هو، بٽئيءَ جي وقت سمورو اَن ضرورتمند هارين کي ڏئي ڇڏيندو هو يا پنهنجو حصو خيرات ڪري ڇڏيندو هو. عبدالحق جو والد ۽ چاچو تَر ۾ -تعليم- جي ترقيءَ لاءِ سدائين ڪوشان رهيا. عبدالحق -ڀُرٽ- پرائمري -تعليم- پنهنجي آبائي ڳوٺ ڀورٽيءَ ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ -پبلڪ اسڪول حيدرآباد- مان ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. هن 1979ع کان سياست ۾ پير رکيو ۽ يونين ڪائونسل پالهاڻي جو چيئرمئن چونڊيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. 2002ع ۾ پ. پ جي پليٽ فارم -تان- ايم. پي. اي چونڊيو ۽ 2008ع وارين چونڊن ۾ به نوشهروفيروز جي -تڪ- پي -ايس- 20 -تان- پ پ جي -ٽڪيٽ- تي چونڊ کٽيائين. پهرين سنڌ حڪومت ۾ چوپائي مال جو وزير مقرر ٿيو ۽ هن وقت اينٽي ڪرپشن کاتي جو صوبائي وزير آهي. هي پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار ۽ عوامي همدرد اڳواڻ آهي. هن 1993ع ۾ سنڌ سطح جي غريب نواز تنظيم قائم ڪئي، جنهن پاران شاگردن کي مفت ڪتاب، ڪپڙا، اسڪول وڃڻ لاءِ سائيڪلون ۽ امتيازي نمبر کڻندڙن کي اوارڊ ڏئي، سندن همت افزائي ڪئي ويندي آهي. هر عيد تي ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي ڪپڙا ۽ راشن ڏنو ويندو آهي. غريب ۽ بيواهه عورتن کي سلائي مشينون ۽ معذورن کي وِيل چيئرون مهيا ڪيون وينديون آهن. عبدالحق -ڀُرٽ- هن وقت ٺارُو شاهه ۾ ’غريب نواز اسپتال‘ تعمير ڪرائي رهيو آهي. جنهن لاءِ هڪ -جريب- شهر جي زمين مفت ڏني اٿس. سندس ٻه فرزند علي شير ۽ احمد نواز -ڀورٽي- ۽ دليپوٽا يونين ڪائونسلن جا ناظم رهي چڪا آهن. عبدالحق -ڀُرٽ- جي مستقل رهائش ڀورٽي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي. ضلعي جي مشهور سياستدان سيد ظفر علي شاهه سان سندس گهرا لاڳاپا آهن. ضلعي اندر سماجي، سياسي ۽ ادبي سرگرمين ۾ هميشه اڳڀرو رهندو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -ڀرٽ عبدالحق- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀرٽ عبدالحق - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن