داخلا نمبر 4966
عنوان ڀرگُو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 114 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀرگُو

ڀرگُو: ويدن جي زماني جو مها رِشي، جيڪو 10 پرجا پتين مان هڪ هو، جن کي ’انساني نسل جا اَبا‘ چيو ويو آهي. کيس ڀرگوئن يا ڀارگوَن جو بنياد وجهندڙ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ جمد اگني ۽ پرسورام جنم ورتو هو. منو کيس پُٽ ڪري سڏيندو هو ۽ چوندو هو ته هُن پنهنجو آشرم سندس سنڀال هيٺ ڏنو آهي. ’مهاڀارت‘ مطابق هُن دڪش جو يَگيه ڪرايو هو ۽ شِو کان سندس ڏاڙهي پٽرائي هئي. هُن ئي رشي اَگستيه کي راجا نهُش جي ظلم کان بچايو هو، جنهن کي انساني قوت کان وڌيڪ طاقت حاصل هئي. ڀرگو، نَهش جي نگاهه جي تيج کان پاڻ بچائڻ لاءِ اگستيه جي جٽائن (وارن) ۾ لڪي ويو هو. جڏهن هُن اگستيه کي رَٿ جي ڦيٿي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ اڳتي ڌِڪڻ لاءِ کيس مٿي ۾ ٿڏو هنيو هو ته نهُش کي نانگ ۾ تبديل ٿيڻ جو ڀرگوءَ سراپ (بد دعا) ڏنو، پر ٽهش جي منٿ ڪرڻ تي ڀرگوءَ پنهنجي سراپ جي سزا محدود ڪري ڇڏي. ’پدم پراڻ‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته يگيه جي موقعي تي جڏهن سڀ رشي گڏ ٿيا ته منجهن انهيءَ ڳالهه تي اختلاف ٿي پيو ته برهمڻن کي ڪهڙي ديوتا جي پوڄا ڪرڻ گهرجي. ڀرگوءَ کي مختلف ديوتائن جي ڪردار پرکڻ لاءِ وٽن موڪليو ويو. اول هُو شِوَ وٽ ويو ۽ ساڻس ملڻ جي اجازت گهريائين، پر هُو پنهنجي زال سان رس رهاڻ ۾ رُڌل هو، تنهنڪري کيس ملڻ جي اجازت نه ملي. ڀرگو ناراض ٿي کيس ’لِنگ‘ جي صورت اختيار ڪرڻ جي سزا ڏني ۽ چيائين ته ڪو به عزتدار ۽ سنجمي ماڻهو سندس پوڄا نه ڪندو. پوءِ هُو برهما وٽ ويو، جيڪو رشين وچ ۾ گهيريل هو ۽ کين پنهنجي وڏائي بيان ڪرڻ ۾ ايڏو مصروف هو، جو هُن ڀرگوءَ کي نظر انداز ڪري کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. تنهنڪري هُن کيس برهمڻن جي پوڄا جو لائق ئي نه سمجهيو. ڀرگو جڏهن وشنو وٽ پهتو ته هُو ننڊ ۾ سمهيو پيو هو. ڀرگو سندس ڇاتيءَ تي کاٻو پير رکي کيس ننڊ مان جاڳايو. وشنو مٿس ناراض ٿيڻ بدران ڀرگوءَ جي پير کي نرمائي سان دٻايو ۽ پنهنجي عزت افزائيءَ لاءِ سندس ٿورا مڃيائين. ڀرگو سندس اهڙي ورتاءُ کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ فقط وشنو لاءِ چيائين ته هُو ئي ماڻهن توڙي ديوتائن جي پوڄا لائق آهي. ڀرگوءَ جي اهڙي راءِ کي سڀني نه رڳو مڃيو پر ساراهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو