داخلا جي تاريخ 2013-01-15
داخلا نمبر 4973
عنوان ڀرڳڙي زاهد علي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 309 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

ڀرڳڙي زاهد علي

ڀرڳڙي، زاهد علي: حيدرآباد جي نامياري سياستدان زاهد علي ولد غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ جو جنم، 3 جون 1959ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڪئنٽونمينٽ پرائمري اسڪول حيدرآباد ۽ مئٽرڪ 1974ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان، انٽر ۽ بي. اي (79-1978ع) ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. انهيءَ دور (79-1978ع) ۾ جڏهن سيد حسين شاهه بخاري سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو چيئرمئن هو ته زاهد علي ڀرڳڙي سپاف ۾ شامل ٿيو. جڏهن شهيد ذوالفقار علي پوليس گرائونڊ حيدرآباد ۾ سياسي جلسو ڪيو هو ته نوجوان زاهد علي ڀرڳڙي جلسي جي سيڪيورٽي دستي ۾ شامل هو. هُو 1986ع کان 1997ع تائين 12 سال حيدرآباد ڪئنٽومينٽ بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. سياسي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جو سرگرم اڳواڻ رهيو آهي. پهريون ڀيرو 2001ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد شهر مان پ. پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، ٻيو ڀيرو 2005ع جي ضمني چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ ٽيون ڀيرو 2008ع ۾ به حصو وٺي پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ کٽيائين. هن پنهنجي حلقي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. هن وقت سنڌ حڪومت ۾ فشريز کاتي جو صوبائي وزير آهي. سندس مستقل رهائش حيدرآباد ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.06.03  عيسوي

زاهد علي ڀرڳڙيءَ جو جنم ، 3 جون 1959ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون