داخلا ؛ 4982
پڙهيو ويو ؛ 392
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-15


تصويرون


Bhurguri-Abdul-Ghafoor.gif
عبدالغفور ڀرڳڙي
عبدالغفور ڀرڳڙي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀرڳڙي عبدالغفور

ٽائيٽل ؛ ڀرڳڙي عبدالغفور


شاخ : شخصيت

ڀرڳڙي، عبدالغفور: عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ -جنم- ورتو. پاڻ هڪ قانوندان، اديب، دانشور، سياسي، سماجي حوالي سان مشهور آهي. هن پرائمري -تعليم- ڳوٺ مان؛ مئٽرڪ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان؛ بي. اي چيلاسنگهه اينڊ سيتلداس (سي اينڊ -ايس-) ڪاليج شڪارپور مان؛ ايم. اي فارسي ۽ ايل. ايل. بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، -جولاءِ- 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين. هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم -تان- تمام گهڻي سرگرميءَ سان حصو ورتو. شڪارپور جي سي. اين. -ايس- ڪاليج ۾ به مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري -تحريڪ پاڪستان- جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.
عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل -الله- سان واسطو رهيو هو. 1946ع ۾ ڏوڪري -تڪ- جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل -الله- جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو. ضلعي سياست ۾ هن ”ميونسپل -اصلاح- جماعت“ ٺاهي، پوءِ ساڳئي پليٽ فارم -تان- ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل -الله- گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 -جنوري- 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين، بعد ۾ خانبهادر کهڙي هن اداري کي معطل ڪيو، پر وري 1956ع کان -آڪٽوبر- 1957ع تائين ٻيهر چيئرمئن مقرر ٿيو. هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا. ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 -جنوري- 1958ع تي ’غلام محمد -ٽائون- هال‘ جو بنياد رکيو، جنهن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو.
1954ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ڀرڳري صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو. هو 1962ع ۾ بي. ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ -پاڪستان- اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شهدادڪوٽ مان سيف -الله- مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو، سرڪاري اميدوار 125، جڏهن ته هن 90 ووٽ حاصل ڪيا. -جنوري- 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شهدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمه جناح جو پولنگ انچارج رهيو. جتان صدر -ايوب خان- 36 ۽ محترمه فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا.
ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- صاحب جي دعوت تي -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ”ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس“ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس -المرتضيٰ- ۾ دفتر ٺهرائي ڏنو ويو، -جتي- شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين. 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي شهدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. هو 1977ع ۾ پيپلز -پارٽي- سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جنرل ضياءُ -الحق- جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو. سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ -الحق- پاران قائم ڪيل ”مجلس شوريٰ“ جو ميمبر ٿيو. جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ -ثقافت- جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو، پر سوڀ ماڻي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڀرڳڙي صاحب ”لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب“ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو، -ان- بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو.
1960-1965ع تائين پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ”انصاف“ -اخبار- -جاري- ڪئي. 22 -آڪٽوبر- 1949ع تي ٻن ڏينهن لاءِ منعقد ٿيندڙ ”آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس“ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. هو 9، 10 -اپريل- 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو.
عبدالغفور ڀرڳڙي، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ”ساٿ ڌڻي سرواڻ“ (1994ع) لکيو آهي. جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب ”زندگيءَ جو سفر“ نالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ هن روميءَ، اقبال ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جو تقابلي -جائزو- ورتو آهي. هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ -اقوام متحده- جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ڀرڳڙي صاحب انتهائي هوشيار، قانوني ماهر، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي. صاف سٿري سياست جو قائل رهيو آهي. هن محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش تي شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي- جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “Falcon of Pakistan” پڻ لکيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀرڳڙي عبدالغفور- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀرڳڙي عبدالغفور - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن