داخلا ؛ 4995
پڙهيو ويو ؛ 467
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2013-01-15


تصويرون


Majid-Bhuguri.gif
انجنيئر عبدالماجد ڀرڳڙي
انجنيئر عبدالماجد ڀرڳڙي



ٽائيم لائين

1948.02.08-A.D
عبدالماجد ڀرڳڙي 8 فيبروري 1948ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--ڀرڳڙي عبدالماجد

ٽائيٽل ؛ ڀرڳڙي عبدالماجد


شاخ : شخصيت

ڀرڳڙي، عبدالماجد: سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي، لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙيءَ ۾ 8 فيبروري 1948ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ -جنم- ورتو. ابتدائي -تعليم- لاڙڪاڻي مان ۽ بي. اي (آنرز) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ 1973ع ۾ لاڙڪاڻي مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1972ع ۾ سي -ايس- ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. -ان- دؤران پڙهائيءَ کي -جاري- رکندي 1985ع ۾ -آمريڪا- جي يونيورسٽي آف ايري زونا ٽوسان مان ايم. بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح انڪم -ٽيڪس- کاتي ۾ 2000ع تائين رهيو. کيس سنڌي -ٻولي-، -ان- جي ادب ۽ شاعريءَ سان چاهه هو، تنهنڪري سندس ڪوشش هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي ٻين -ترقي- يافته ٻولين جيان نئين دؤر جي -ٽيڪنالاجي- جو ڀرپور استعمال ٿئي ته جيئن هو -ان- لحاظ کان پٺتي نه رهجي وڃي. 1987ع ۾، ڊيسڪ -ٽاپ- ڇپائيءَ جي ڪم ۾ دلچسپي جي ڪري، ذاتي ڪمپيوٽر (ايپل مئڪنٽاش) ۽ ليزر پرنٽر خريد ڪيائين. تيستائين پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن ڪونه هو. سندس خواهش هئي ته سنڌي سافٽ ويئر جوڙي وڃي، نيٺ سخت محنت کانپوءِ 1988 جي شروعات ۾ هو ’مئڪنٽاش‘ ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو پروگرام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن بڻيو. اهڙي ريت هن 1988 جي اوائل ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن کان پوءِ سنڌي اخبارون، رسالا، ڪتاب وغيره ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي اشاعتي دنيا ۾ هڪ -انقلاب- آيو. 1990ع ۾ هو -پاڪستان- ڇڏي -آمريڪا- هليو ويو. ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ بنيادي ضرورت -ان- ٻوليءَ جو ڪوڊپيج (character set approved for computer use) هوندو آهي ۽ سنڌي لاءِ ڪوبه طئي شده اسٽينڊرڊ ڪوڊپيج ڪونه هو. انهيءَ ڪري سنڌي جي ڪمپيوٽر تي استعمال جو جيڪو حل ۽ طريقه ڪار ڪڍيو ويو هو تنهن ۾ عربي ۽ فارسي واري ڪوڊپيج کي ڪنهن طريقي سان سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو ويو هيو. نوي واري ڏهاڪي ۾ دنيا جي سڀني ٻولين لاءِ هڪ مشترڪه ڪوڊ پيج ٺاهڻ جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون ته جيئن دنيا جي مختلف ٻولين جي ڪمپيوٽر تي ترويج ۾ آساني ٿئي. اهڙي ريت يونيڪوڊ ڪنسورشم جو بنياد پيو جنهن هڪ يونيورسل يا عالمگير ڪوڊپيج جوڙيو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ -ان- جي ترويج جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون. يونيڪوڊ يا يونيورسل ڪوڊپيج ۾ دنيا جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي جو ڪيريڪٽر سيٽ، يعني سنڌي ٻوليءَ جا حرف به شامل هئا. 1999 تائين يونيڪوڊ ڪمپيوٽر جي مختلف آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻجڻ شروع ٿي ويو هو ۽ مائڪروسافٽ ۽ ايپل وارن طرفان به -ان- جي ترويج جي آڌار تي دنيا جي مختلف ٻولين کي سپورٽ ملڻ لڳي. انهن نئين پيش رفت جي ڪري پهريون ڀيرو اهو امڪان پيدا ٿيو ته سنڌي جو هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾، ڪنهن معياري ڪوڊپيج جي آڌار تي، ڪمپيوٽر تي استعمال ٿي سگھي ۽ انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي دنيا جا سڀ سنڌي پنهنجي ٻوليءَ جو استعمال ايئن ڪري سگھن جيئن ٻين -ترقي- يافته ٻولين جو ٿئي پيو. هيل تائين، سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال گھڻي ڀاڱي اشاعتي يا ڇپائي جي ڪمن تائين محدود هو ۽ اسٽينڊرڊ ۽ مروج ڪوڊپيج نه هجڻ جي ڪري سنڌي کي عالمي سطح تي رابطي يا ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن ڪونه هو. 2000 ۾، نئين صدي جي آغاز ۾، عبدالماجد ڀرڳڙي انهي سلسلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي معياري حيثيت ۾ ڪمپيوٽر تي رائج ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. هن سنڌي لاءِ پهريون يونيڪوڊ فانٽ جوڙيو، مائڪروسافٽ وارن سان ذاتي حيثيت ۾ ملي کين -ان- تي آماده ڪيائين ته هو پنهنجي ونڊوز سسٽم ۾ سنڌي جي ٽيڪسٽ پروسيسنگ ممڪن بڻائين، انهن کان سنڌي لاءِ ڪيبورڊ فائل ترتيب ڏياريائين ۽ آخرڪار پاڻ هڪ سنڌي انسٽالر جوڙي، انٽرنيٽ تي هر عام سنڌي لاءِ بغير ڪنهن قيمت جي مهيا ڪيائين ته جيئن سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال عام ٿئي. سنڌي زبان کي يونيڪوڊ ذريعي رائج ڪرڻ سندس اهو انقلابي قدم هو جنهن سان هن معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي پهريون ڀيرو سنڌي جو پنهنجي حيثيت ۾، هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾، عالمي سطح تي استعمال شروع ٿيو. -ان- ذريعي سنڌي ۾ اي ميلز موڪلڻ، سنڌي ويب سائٽون جوڙڻ، سنڌي ۾ ڪمپيوٽر ذريعي چيٽنگ ڪرڻ وغيره ممڪن ٿيون. اڳتي هلي، ونڊوز کان علاوه مئڪنٽوش ڪمپيوٽر تي به سنڌي جي يونيڪوڊ ذريعي استعمال کي ممڪن بڻايائين ۽ -ان- لاءِ انسٽالر جوڙيائين جنهن وسيلي مئڪنٽاش تي به معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ ممڪن ٿي. هن سنڌي معياري ڪمپيوٽنگ لاءِ جيڪي به TOOLS يا RESOURCES ٺاهيا، سي سڀ انٽرنيٽ تي سنڌين لاءِ مفت مهيا ڪيائين. سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان سندس www.bhurgri.com جي نالي سان ويب سائيٽ پڻ جوڙيل آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو انٽرنيٽ تي قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو، شاهه جو رسالو، سچل جو سنڌي ڪلام شايع ڪيا ويا ۽ -جتي- ٻيو کوڙ سارو سنڌي مواد موجود آهي. هن مغرب، يعني مراڪش ۽ الجزائر، جي ويهين صدي جي اوائل جي مشهور صوفي بزرگ احمد -بن- مصطفى العلوي جي مناجات جو عربي مان -انگريزي- ۾ ترجمو به ڪيو آهي جيڪو شايع پڻ ڪرايائين ۽ اهو سندس ويب سائيٽ تي به موجود آهي. -ان- کان علاوه 2002 -آمريڪا- جي يونيورسٽي آف اِلينُواءِ جي شعبه لسانيات جي پروفيسر جينيفر ڪول جي دعوت تي هو يونيورسٽي ويو ۽ سندن سنڌي -ٻولي- جي آن لائن ڪورس جي سلسلي ۾ کين مدد فراهم ڪيائين. 2003 ۾ مائڪروسافٽ جي لاءِ عربي جي فانٽ جي پروگرامنگ به ڪيائين ۽ انهن لاءِ ”پاڪستاني ٻولين جي ڪمپيوٽر تي يونيڪوڊ ذريعي ترويج“ جي موضوع تي هڪ ٽيڪنيڪل ريسرچ پيپر به لکيائين جيڪو انهن مائڪروسافٽ ڊيويلپرز نيٽ ورڪ MSDN تي شايع ڪيو. اڄ ڪلهه هُو -آمريڪا- ۾ رهائش پذير آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀرڳڙي عبدالماجد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀرڳڙي عبدالماجد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن