داخلا ؛ 5033
پڙهيو ويو ؛ 457
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-01-17


تصويرون




ٽائيم لائين

1913.01.07-A.D
غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي 7 جنوري 1913ع ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان

ٽائيٽل ؛ ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان


شاخ : سياستدان

ڀرڳڙي، غلام مصطفيٰ خان: غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي ولد غلام محمد خان 7 -جنوري- 1913ع ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- ڊينگاڻ ڀرگڙي تعلقي جيمس -آباد- (ڪوٽ غلام محمد) ۾ ورتائين. بعد ۾ حيدرآباد جي نؤ ودياليه هاءِ اسڪول ۾ اچي -انگريزي- پڙهڻ ويٺو. سندس والد 1924ع ۾ انتقال ڪيو. هن کي ديرادون پبلڪ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. -جتي- 1931ع ۾ سينئير ڪيمبرج جو امتحان ڏنائين. مارچ 1931ع ۾ -ڀڳت سنگهه- ۽ دت کي ڦاسي اچڻ وقت هن ديرادون جي اسٽرائيڪ ۾ شرڪت ڪئي. -ان- ڪري کيس اتان ڪڍيو ويو. 1937ع ڌاري خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ کيس”-امير- جانبازان هند“ جي عهدي تي نامزد ڪيو ويو. انهيءَ تحريڪ ۾ هو ڪيترائي سال ڪم ڪندو رهيو. يو پيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان هلايل هلچل ۾ حصو وٺڻ سبب جيل به ويو. 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1946ع ۾ پهرين اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيهر چونڊون ٿيون، -جن- ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر مخالف جماعتن جھڙوڪ پيپلز پارٽي، آزاد -پاڪستان- پارٽي، هاري -پارٽي- ۽ عوامي ليگ گڏجي متحده محاذ قائم ڪري اميدوار بيهاريا. انهن اميدوارن مان ست اميدوار چونڊجي آيا -جن- ۾ غلام مصطفيٰ به شامل هو. هو -ان- -اتحاد- جو ڊپٽي ليڊر هو. جڏهن 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌ کي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته -ان- ٺهراءُ جي مخالفت ۾ -جن- چئن ميمبرن ووٽ ڪيو هو، -تن- مان هڪ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي به هو. 1955ع ۾ مغربي -پاڪستان- اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. -جن- ۾ به رئيس صاحب چونڊجي آيو. مغربي -پاڪستان- اسيمبليءَ ۾”سنڌ متحده محاذ پارٽي“ مخالفت ۾ هئي ۽ رئيس صاحب -ان- پارٽيءَ جو ڊپٽي ليڊر هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ سنڌ -بلوچستان- ۽ فرنٽيئر صوبن جي عيوضين جي ون يونٽ خلاف ڪانفرنس ڪٺي ٿي. جنهن ۾ ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ٺهيو، جنهن جو رئيس صاحب خزانچي چونڊيو ويو، -ان- کان پوءِ مغربي -پاڪستان- جي -ٽن- مکيه جماعتن (1) سنڌ متحده محاذ، (2) آزاد -پاڪستان- -پارٽي- ۽ (3) سرخ پوش جماعتن گڏجي ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ قائم ڪئي، جنهن جو رئيس صاحب مکيه ميمبر رهيو. -ٿوري- وقت بعد ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ ۽ عوامي ليگ گڏجي ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، ”پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي“ ٺاهي. -ان- ڪنوينشن ۾ رئيس صاحب شرڪت ڪئي ۽ -ان- جماعت جو مکيه ڪارڪن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. رئيس صاحب حقيقت شناس، دور انديش، چٽو سياسي شعور رکندڙ باهمت قومي ڪارڪن هو. لکين رپيا پنهنجي ذاتي ضرورتن لاءِ هوندي به بنهه درويشانه ۽ سادي زندگي گذاريندو هو. هميشه -ترڪي ٽوپي- پائيندو هو ۽ خوش طبع ۽ خوش مزاج حد درجي جو هو، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. رئيس صاحب کي ٻه فرزند آهن. (2) رئيس عبدالقيوم ۽ (2) رئيس عبدالقادر.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن