داخلا جي تاريخ 2013-01-18
داخلا نمبر 5039
عنوان ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 576 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي

ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان

ڀرڳڙي، ميان غلام محمد خان: سنڌ جو محب وطن سياستدان، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، 15 جولاءِ 1878ع ۾ ڊينگاڻ تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) اڳوڻي ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو ميان ولي محمد خان هو. پاڻ سنڌ جي انهن معزز ترين هستين مان هو، جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ جا علمبردار ۽ مخلص قومي ڪارڪن هئا. اهڙن بزرگن تي ملڪ ۽ قوم کي بجا طور فخر ڪري سگهجي ٿو. سندس نالو تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.
مولانا عبيدالله سنڌي (ڏسو: امام انقلاب، مولانا عبيدالله سنڌي) ۽ ٻين انهيءَ پايي جي انقلابي ليڊرن کانسواءِ آئيني جدوجهد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ جو جيڪڏهن ڪو سنڌي مسلمان صحيح اڳواڻ سڏائڻ جو حقدار آهي ته انهن مان پهريون رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ٿي سگهي ٿو. هندو محب وطن سياستدانن کي درڪنار رکي، سنڌي مسلمان سياستدانن جي زندگيءَ تي نظر ڊوڙائبي ته رئيس غلام محمد خان، هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ”ڪانگريس“ اندر انهيءَ وقت شريڪ ٿيو، جڏهن سنڌ جا اڪثر مسلمان زميندار حڪومت جي خوف کان پيا ڇرڪندا هئا، ان وقت ٻهراڙي جي رهاڪو زميندارن لاءِ ڪانگريس جهڙي ترقي پسند جماعت ۾ شامل ٿيڻ ڪا رواجي ڳالهه ڪا نه هئي. ڀرڳڙي صاحب جي حيثيت سنڌ جي سياستدانن ۾ ان ڪري ممتاز رهي، جو سنڌ ۾ سندس پايي ۽ شهرت جو قومي ڪارڪن ان وقت ته ٺهيو، پر اڄ تائين به ڪو نه پيدا ٿيو آهي.
رئيس غلام محمد خان جي ابتدائي تعليم، سنڌ جي قديم خاندانن جي دستور مطابق قرآن شريف ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ سان شروع ٿي. سندس استاد ميهڙ طرف جو هڪ عالم هو، جنهن کي رئيس وڏي خاص سندس تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. انهيءَ وقت جا استاد شاگردن کي ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تان ڏاڍيون مارون ڏيندا هئا. رئيس صاحب باوجود هڪ رئيس زادي هئڻ جي، انهيءَ عام قانون کان ڇٽي نه سگهيو. هڪ دفعي جي ڳالهه ڪن ٿا ته مولوي صاحب کيس وڻ سان ٻڌي چهبڪن جي مار ڏني، جنهنڪري سندس نراڙ تي زخم ٿي پيا. گهر ۾ جڏهن خبر پئي، تڏهن رئيس وڏي کي انهيءَ حالت کان واقف ڪيائون، هن جڏهن مولوي صاحب کان ان جو سبب پڇيو، تڏهن مولوي صاحب پنهنجيءَ ان ڪارروائيءَ جي جواز ۾ اهو جواب ڏنو ته انهيءَ مار ڏيڻ سان مون اوهان جي فرزند جو بخت کوليو آهي. ”مار سنوار آهي“، اهو انهن استادن جو تڪيو ڪلام هوندو هو. ان وقت ٻارن جا مائٽ استادن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. رئيس وڏي مولوي صاحب کي ڪجهه به نه چيو، جيتوڻيڪ هو وٽس پگهار دار هو، بلڪه پٽ کي هدايت ڪري، وري به مولويءَ وٽ پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين. جڏهن رئيس صاحب ابتدائي تعليم مان فارغ ٿيو ته کيس حيدرآباد جي مشن اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. اهو اسڪول رئيس صاحب جي بنگلي واري جاءِ تي، ميرن جي قبن جي ڀر ۾ ٺهيل هو. اتي چار درجا پڙهي، پوءِ رئيس غلام محمد وري اين. اي. اڪيڊمي هاءِ اسڪول (حيدرآباد) ۾ اچي پڙهڻ لڳو. سگهوئي سندس والد رئيس ميان ولي محمد خان 1890ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ صغير هئڻ ڪري، ملڪيت ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي. تنهن کانپوءِ رئيس صاحب کي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي ڪجهه وقت تعليم جاري رکيائين.
رئيس غلام محمد ننڍي هوندي کان ئي خوددار ۽ آزاد خيال نينگر هو، هڪ ڏينهن ڪنهن ڳالهه تان مدرسي جي انگريز پرنسپال، مسٽر پرسي هائيڊ، کيس ٽوڪي چيو ته ”تون لائق (جينٽل مئن) انسان نه ٿو ڏسڻ ۾ اچين.“ ان تي رئيس صاحب بنا ڊپ جي کيس جواب ڏنو ته: ”اوهان کي غلط خيال ويٺل آهي، آءٌ نه صرف شريف آهيان، پر شريف گهراڻي جو فرد آهيان“. ان کانپوءِ انهيءَ اڻبڻت ڪري رئيس کي مدرسو ڇڏڻو پيو ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ هو عليڳڙهه ويو، جتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. امتحان پاس ڪرڻ بعد موٽي اچي پنهنجي زمينداريءَ جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو. ان وقت سندس زمين ڪورٽ آف وارڊس مان آزاد ٿي چڪي هئي. پاڻ ان وقت پنجويهن ورهين جو نوجوان هو ۽ ممڪن هو ته ٻين تعليم يافته زميندارن وانگر هي به وڏيرڪي زندگي گذارڻ لڳي ها، پر ستت ئي کيس هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سندس غيرت کي جهنجهوڙي، سندس زندگيءَ ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو.
رئيس جي مزاج ۾ تبديليءَ بابت روايت ڪجهه هن ريت بيان ڪئي وڃي ٿي هڪ دفعي پاڻ شادي پلي اسٽيشن تي لهي، ڳوٺ وڃڻ لاءِ رات جو اچي ڊاڪ بنگلي ۾ رهيو ساڻس ٻار ٻچا هئا ۽ بارش پئجي رهي هئي. ان وقت ڪو روينيو کاتي جو نوڪر آيو ۽ کيس چيائين ته: ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب (انگريز) اچڻ وارو آهي، تنهنڪري بنگلو خالي ڪريو. رئيس صاحب ان کي چيو ته رات آهي، بارش پئجي رهي آهي، ٻار ٻچا ساڻ آهن، هن وقت ڪيڏانهن وڃي سگهندس. بنگلو وڏو آهي، صاحب هڪ طرف رهي سگهي ٿو، وغيره. پر اهو ملازم بنگلي خالي ڪرڻ لاءِ اسرار ڪندو رهيو، ان وقت انگريز عملدار پاڻ کي سياهه ۽ سفيد جا مالڪ ۽ حڪمران قوم جا فرد سمجهي، عام ماڻهن ۽ زميندارن کي گهٽ نظر سان ڏسندا هئا. صاحب بهادر کي جڏهن معلوم ٿيو ته سندن حد جي هڪ زميندار اهڙي خودسري ڏيکاري آهي، جو بنگلي خالي ڪرڻ کان به انڪار ڪيو اٿس، سو غصي ۾ اچي، رئيس صاحب کي نقصان پهچائڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ لڳو. ٻئي طرف رئيس صاحب عملدارن جي روش کي نندڻ لاءِ زميندارن کي سڏائي، احتجاج شروع ڪيو. قصو وڌي ويو ۽ رئيس صاحب کي قلم 110 هيٺ رجوع ڪرڻ جا منصوبا سٽجڻ لڳا. رئيس صاحب دوستن جي مشوري سان انهن حالتن هيٺ 1905ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ انگلينڊ هليو ويو. اتي ٽي سال رهي پيو ۽ 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جي سند وٺي، موٽي سنڌ آيو. انگلينڊ ۾ رهائش دوران ڪهڙيون دوستيون ۽ لاڳاپا پيدا ڪيائين ۽ ڪهڙين تحريڪن ۾ شرڪت ڪيائين، تنهن جو تفصيل نه ٿو ملي، ليڪن هيءَ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته اتي جي آزاد هوا ۾ سندس آزاديءَ واري جذبي ۾ اضافو ٿيو. جڏهن موٽي آيو، تڏهن سندس اڳيان ڪي سياسي مقصد هئا، جن کي نظر ۾ رکي، ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ مان نڪري، حيدرآباد شهر ۾ وڪالت جي فرم کوليائين. ان لاءِ سندس ٻه ڪارڻ معلوم ٿين ٿا، هڪ ته شهر زندگيءَ سان وابسته رهڻ ڪري هو سهولت سان سياست ۾ حصو وٺي ٿي سگهيو ۽ ٻيو ته وڪالت جي ڌنڌي اختيار ڪرڻ ڪري کيس سرڪاري عملدار ڪا اجائي سجائي تڪليف پهچائي نه ٿي سگهيا.
سياسي زندگي: ان وقت حيدرآباد شهر سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين جو مرڪز بڻيل هو، مولانا عبيدالله سنڌيءَ، امروٽ کان لڏي پير صاحب جهنڊي جي ڳوٺ ۾ اچي ’مدرسه دارالارشاد‘ کوليو هو، سو به وقت بوقت پيو حيدرآباد ايندو ويندو هو. ان کانسواءِ پنجاب جي ’گروڪل آشرم‘ جي سنياسي، ساڌن، حيدرآباد کي علم ۽ تهذيب جو مرڪز ڄاڻائي، هڪ برهم آچاريه آشرم، ٽئين نمبر تلاءَ جي ڀر ۾ اڇيءَ پل وٽ اچي کوليو هو. جتي نوجوان هندو ڪارڪن پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪاڪا ڪليڪٽر ۽ آچاريه جيوت رام ڪرپالاڻيءَ جهڙا لائق معلم، ماستر ٿي پڙهائڻ لڳا هئا. آچاريه ڪرپالاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ شيخ عبدالرحيم جي نالي سان مسلمان ٿي چڪو هو ۽ ۽ هن نوجوان تعليم يافته عاملن کي مسلمان بنائڻ جي تحريڪ حيدرآباد مان ئي هلائڻ شروع ڪئي هئي.
رئيس صاحب خوش خلق، يار ويس، مهمان نواز ۽ هٿ جو ڪشادو اڳي ئي هو، تنهنڪري حيدرآباد ۾ رهڻ سان هو دوستن ۽ همدردن جو هڪ وسيع گروهه پيدا ڪري وڌو، جنهن ۾ مسٽر سنتداس منگهارام، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، مسٽر جيرامداس دولترام ۽ ٻيا سندس ساٿي ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. مسٽر حافظ عبدالقادر بئريسٽر، مسٽر عبدالرحمان بئريسٽر ۽ مسٽر عبدالجبار به سندس فرم ۾ داخل ٿي، وڪالت سان گڏ، ملڪي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳا. سگهو ئي شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلمان ٿي اچي رئيس صاحب وٽ رهڻ لڳو، جنهن کي ”الاميناخبار جي ايڊيٽريءَ جي چارج ڏني وئي. رئيس غلام محمد جي آفيس نالي ۾ وڪالت جي جاءِ هئي، پر حقيقت ۾ سياسي ۽ سماجي ڪم ڪار جو ادارو ٿي چڪي هئي. ڪيئي نوجوان وڪيل ان ۾ وڪالت سان گڏ سياسي تربيت به حاصل ڪندا هئا. رئيس صاحب سگهو ئي ڪراچيءَ جي مکيه ڪارڪنن سان لاڳاپو پيدا ڪيو، جن ۾ سيٺ هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، سيٺ يوسف علي علوي، غلام حسين قاسم ۽ مسٽر جعفر فَدو هئا. انهيءَ زماني ۾ اتي هڪ ”اسلام ڪلب“ نالي سان مرڪز به قائم ڪيو ويو، جنهن جي عمارت گانڌي گارڊن جي پويان هئا، جتي ٻاهريان صاحب اچي رهندا هئا ۽ پاڻ ۾ ملي صلاح مصلحت به ڪندا هئا. اها پوريءَ طرح خبر پئجي نه ٿي سگهي ته ڪانگريس تحريڪ سان رئيس صاحب جا لاڳاپا انگلنڊ جي رهائش واري وقت ۾ پيدا ٿيا هئا يا هتي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي دوستن جي سگنت ۾، پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته 1909ع ڌاري هي ڪانگريس جو ميمبر ٿي چڪو هو.
انهيءَ وقت ۾ ’منٽو پارلي رفارمس‘ موجب نيون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. سنڌ کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ چئن عيوضين چونڊڻ جو حصو مليو هو، جن جا تڪ هن ريت هئا: (1) سنڌ جي ميونسپالٽين طرفان هڪ عيوضي، (2) سنڌ جي لوڪل بورڊن طرفان هڪ عيوضي، (3) زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان هڪ عيوضي، (4) ڪراچي چيمبر آف ڪامرس (يورپين) طرفان هڪ عيوضي.
اهي چونڊون 1909ع جي آخر ۾ ٿي گذريون، جن ۾ هيٺيان عيوضي ممبئي ڪائونسل تي چونڊجي ويا:
(1) ميونسپالٽين طرفان سيٺ هرچند راءِ وشنداس، (2) لوڪل بورڊ طرفان سيد ميان الهندو شاهه ولد محمد علي شاهه ڊڀري وارو، (3) زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان رئيس غلام محمد خان ولد رئيس ولي محمد خان ڀرڳڙي، (4) چيمبر آف ڪامرس طرفان (سر) مانٽيگو ويب چونڊيا ويا.
ممبئي ڪائونسل ۾ سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس صاحب ٻنهي دوستن جو چونڊجي وڃڻ سنڌ لاءِ نيڪ فال هو. سيٺ هرچند راءِ اڳي ئي پڙهڻ جي زماني ۾ ست سال کن بمبئيءَ ۾ رهي آيو هو، جتي ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن سان لاڳاپا پيدا ڪري ويو هو. هو 1888ع کان ڪانگريس ۾ حصو وٺندو آيو هو، رئيس صاحب کان عمر ۾ سورهن سال وڏو هو. هنن گڏجي وڃي غير سرڪاري پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي. جنهن جي ليڊر ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ سر فيروز شاهه مهتا هو. نئينءَ ڪائونسل جو پهريون اجلاس 4 جنوري 1910ع تي ممبئيءَ ۾ ڪٺو ٿيو، ان کانپوءِ 1920ع تائين ٻئي گڏجي ممبئي ڪائونسل ۾ ڪم ڪندا آيا. 1916ع جي چونڊ خانبهادر سيد الهندو شاهه مرڪزي اسيمبليءَ تي چونڊجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي لوڪل بورڊ طرفان سر غلام حسين هدايت الله چونڊيو.
ڪائونسل جي پوريءَ مدت ۾ رئيس صاحب جيڪي ڪائونسل ۾ سوال پڇيا، ٺهراءَ آندا ۽ بل پيش ڪيا، يا مختلف موقعن تي تقريرون ڪيون، تن لاءِ ممبئي ڪائونسل جون ڪارروايون پڙهڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هتي صرف سندس مکيه ڪمن جو مختصر بيان ڏجي ٿو:
1. هن مسلمانن ۾ تعليم جي ڪمي محسوس ڪندي هڪ مسلم ايجيوڪيشن سيس بل تيار ڪري ڪائونسل ۾ پيش ڪيو، جنهن موجب مسلمان زميندارن کان رپئي تي هڪ پئسو فنڊ وصول ڪري، مسلم ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪرڻو هو. مسلمان زميندار، مسلمانن جي تعليم لاءِ هندن وانگر هاءِ اسڪول وغيره کولائڻ واسطي تيار نه هئا. هنن جو سمورو پئسو عياشيءَ، فضول خرچين ۽ شڪارن تي خرچ ٿيندو هو. تنهنڪري رئيس صاحب ان جو علاج انهيءَ ۾ ڏٺو ته سيس ذريعي پئسا وصول ڪرائي، سرڪار جي معرفت تعليم تي خرچ ڪجن، جڏهن اهو بل ڪائونسل اڳيان پيش ٿيو ۽ سيٺ هرچند راءِ ۽ ٻين سندس ساٿين ان جي تائيد ڪئي، تڏهن سرڪار مجبور ٿي، ان کي رد ڪرائڻ جي عيوض عام راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ موٽايو ۽ راءِ وٺڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي به مقرر ڪئي. رئيس پاڻ سڄي سنڌ ۾ گشت ڪري وڃي زميندارن کي انهيءَ تجويز جي فائدي کان واقف ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان لاڙڪاڻي جي چند خود مطلبي زميندارن ان جي مخالفت ڪئي، چيائون: هاري ناري پڙهندا ته چوڻ کان ٻاهر نڪري ويندا، تنهنڪري زميندار ڇو انهن لاءِ خرچ ڪن! ان تي ممبئي سرڪار کي وجهه ملي ويو ۽ انهن زميندارن جي مخالفت جي عذر تي بل کي ٿڏي ڇڏيو، سرڪار خود سنڌ ۾ تعليم عام ٿيڻ جي خلاف هئي. ان جي خيال ۾ هڪ ڪانگريسيءَ طرفان اهڙي بل جو پاس ڪرائڻ، ڪانگريس کي زور وٺائڻ جي برابر هو.
2. رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ سنڌ ۾ رسائيءَ ۽ لاپي جون خرابيون ڏٺيون هيون، کيس معلوم هو ته جڏهن ڪامورا گشت تي ويندا هئا، تڏهن سندن منزلن وقت وڏا انتظام ٿيندا هئا. زميندارن طرفان کير، ڇيلا، مکڻ، بيضا، گاهه ميسر ڪرڻ، پاڻي ڀرائڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ هارين کي بيگر ۾ وهايو ويندو هو. سختيءَ سان ڪم وٺڻ ۽ موچڙي مار ڪرڻ کان پوءِ به کين ماني ڪا نه کارائي ويندي هئي. پٽيوالن، نائڪن ۽ ڪارڪن کي خرچيون ڏيڻيون پونديون هيون، منزل جي سيڌي سامان، ميوي، شراب، ويندي برف تائين سڀ شيءِ جو انتظام روينيو يا ٻئي کاتي جي مقامي ملازمن کي ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ واسطي هر هڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ مهل، هڪ رقم الڳ ورتي ويندي هئي، جا لاپي جي نالي سان مشهور هئي. اها رقم تعلقي آفيس ۾ ڪٺي ٿيندي هئي، جنهن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو هو، سنڌ ڄڻ ته ڪامورن جو شڪار گاهه ۽ مرغزار بنيل هئي، انهيءَ ظلم کان سنڌين کي آجو ڪرڻ لاءِ هن ممبئي ڪائونسل ۾ هڪ ٺهراءُ آندو ۽ زوردار تقرير ڪئي. ٻين سندس ساٿين پڻ مدد ڪيس، نيٺ سرڪار مجبور ٿي هڪ انڪوائري ڪميشن مقرر ڪئي، جنهن جو چيئرمين جسٽس هيورڊ هو. ان جا ميمبر سيٺ هرچند راءِ وشنداس، شيخ غلام حسين، مسٽر ساهني ۽ محمود شاهه هئا. رسائي ڪميشن 3 اپريل 1918ع کان ڪراچيءَ مان شاهديون وٺڻ شروع ڪيون. مئي مهيني جي وچ تائين انڪوائري هلندي رهي، ان اڳيان گهڻا ڦاٽ ڦاٽا، انگن اکرن سان خرچ جون بنديون پيش ٿيون، زميندارن ۽ ڪيترن عملدارن صاف چئي ڏنو ته اهو دستور گهڻي وقت کان هلندڙ هو. رئيس صاحب شاهدين ڪٺي ڪرائڻ ۾ ڏاڍي جفاڪشي ڪئي، رپورٽ مٿي وڃڻ بعد سرڪار طرفان رسائيءَ خلاف سخت حڪم ڪڍيا ويا، پر عملدارن تي ڪو به اثر ڪو نه پيو. البته خلافت ۽ ڪانگريس هلچل ڪري ملڪ ۾ جا بيداري پيدا ٿي هئي، تنهن هن ۾ گهٽتائي ڪرائي.
3. ممبئي سرڪار طرفان وڏا عملدار اتفاق سان هڪ دفعو سال ۾ سنڌ ۾ ايندا هئا، سو به ٻه ٽي ڏينهن رهي، شڪار ڪري موٽي ويندا هئا. سنڌ ۾ تعليم، صحت، رستن، واهن ۽ ٻين سڌاري جي ڪمن تي توجهه ڪو نه ڏنو ويندو هو، ان سان ماٽيجي ماءُ وارو برتاءُ ڪيو ويندو هو. رئيس ۽ سندس ساٿين انهن ڳالهين جي بجيٽ جي موقعي تي تقريرن ذريعي يا سوالن وسيلي گهڻي اپٽار ڪئي، پر سواءِ چند معمولي ڳالهين جي ممبئي سرڪار تي ڪو به اثر ڪو نه پيو، جنهنڪري لاچار ٿي، هو محسوس ڪرڻ لڳا ته انهيءَ ساري مرض جو علاج صرف سنڌ جي ممبئيءَ کان عليحدگي ۾ هو. اڳتي هلي انهيءَ ڳالهه کي سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس جي ساٿين، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون وغيره زور وٺايو ۽ سنڌ کي ممبئيءَ جي عذاب کان آزاد ڪرايو.
4. حڪومت جو خيال هو ته سنڌ هڪ وڏو صوبو آهي، تنهنڪري انتظام جي سهولت لاءِ مڪاني عملدارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ سان ملڪ جو ڀلو ٿيندو، پر هنن کي اها خبر نه هئي ته ان ڪري ڪامورڪي ڪلاس جي هڪ هٽي ٿي وئي هئي ۽ رشوت ۽ ظلم جي بازار گرم لڳي پئي هئي، ڪنهن کي مجال نه هئي جو ان جي خلاف آواز ڪڍي سگهي. قلم 110 ۽ فرنٽيئر ريگيوليشن لڳائي، ڪوڙا ڪيس ڪري، آزاد خيال ماڻهن کي هيسايو ويندو هو. ڪامورا شاهيءَ جو مڪمل راڄ هو. ڪامورن جي انهن اختيارن کي گهٽائڻ لاءِ رئيس صاحب، سيٺ هرچند راءِ ۽ سندن ساٿين گهڻو آواز اٿاريو، پر ڪنهن به نه ٻڌو. ان وقت ڪامورن جي طاقت، برطانيا سرڪار جي طاقت تصور ڪئي ويندي هئي. انهن جي ڪمزوري برطانيه سرڪار جي ڪمزوري سمجهي ويندي هئي.
5. ٻيا مکيه مسئلا جن ۾ هن دلچسپي ورتي، سي هيٺيان هئا:
(1) اردو پرائمري تعليم لاءِ ٺهراءُ، (2) چئريٽيز رجسٽريشن بل، (3) ايريگيشن بل، (4) ڊسٽرڪٽ ميونسپل بل، (5) فري ڪمپلسري، (6) ڪاٽن ڪنٽرو بل، (7) ايڊيوڪيشن بل ۽ (8) وليج پئنچائت بل وغيره.
سندس ڪوشش سان سنڌ جي واهن جو سڌارو ٿيڻ لڳو. آبادگارن کي وڌيڪ سهولتون ملڻ شروع ٿيون ۽ کيتيءَ جي سڌاري لاءِ ايگريڪلچرل فارم کولڻ جي تجويز ٿي. سنڌ جي رستن سڌارڻ لاءِ لوڪل بورڊ کي وڌيڪ گرانٽون ملڻ شروع ٿيون. سيٺ هر چند راءِ ”روڊس بل“ پيش ڪيو ۽ هن ان جي تائيد ڪئي.
ڪانگريس جي ساليانن جلسن جي جانچ پڙتال مان معلوم ٿيندو ته انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي الهه آباد واري، ڊسمبر 1910ع واري اجلاس ۾ جو سر وليم ويڊربرن جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، تنهن ۾ رئيس به سنڌ مان 58 ڄڻن جي جٿي سان وڃي شريڪ ٿيو هو. ان ۾ سيٺ هرچند راءِ، مسٽر جيرام داس دولترام، مسٽر محمد حافظ بئريسٽر ۽ ٻيا سنڌي شامل هئا. اهو پتو پئجي نه ٿو سگهي ته سنڌ مان 1909ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي لاهور واري اجلاس ۾ جي ٽيهه سنڌي ويل هئا، انهن مان رئيس صاحب به هو يا نه.
وري ڊسمبر 1911ع ۾ سيٺ هرچند راءِ وشنداس ۽ رئيس ڀرڳڙي، انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾ جو مسٽر بشن نارائن ڌر جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، وڃي شريڪ ٿيا هئا. ان کانپوءِ ڊسمبر 1912ع ۾ بانڪيپور ۾، انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي اجلاس ۾ به سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس ڀرڳڙي وڃي شريڪ ٿيا هئا، جتي ٻنهي ڄڻن رٿ ڏئي، انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو ايندڙ ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، جا منظور ٿي. ان تي سنڌ جي انگريزي اخبار ”سنڌ گزيٽ“ لاڳيتا آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا ته جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان به ڪانگريس ۾ ويا ته وڏو ظلم ٿي ويندو، پر رئيس صاحب ان جي ڪا به پرواهه نه ڪري، ڪانگريس جي اجلاس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، مسلمانن جو هڪ گروهه پيدا ڪيو، جنهن هر طرح جي دلچسپي وٺي اجلاس کي ڪامياب بنايو. انهن مان مکيه ماڻهو سيٺ غلام علي چاڳلا، مسٽر غلام حسين قاسم، مير ايوب خان، مسٽر عبدالرحمان بئريسٽر، مسٽر محمد حافظ بئريسٽر ۽ مسٽر محمد علوي هئا.
ڪانگريس جو اهو اٺاويهون اجلاس، 26 کان 28 ڊسمبر 1912ع تي، ڪراچيءَ ۾ نواب محمد بهادر (جو ٽيپو سلطان جي اولاد مان هو) جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، مرحبائيءَ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين سيٺ هرچند راءِ هو، انهيءَ اجلاس ۾ سر آغا خان، مسٽر محمد علي جناح، لالا لجپتراءِ، مسٽر ڊنشا واڇا ۽ ٻيا ٻاهريان ليڊر پڻ آيل هئا.
ان اجلاس کان پوءِ ڪيترائي سنڌي جناح صاحب ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ سان گڏجي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي آگري ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانا ٿيا هئا. مسلم ليگ جو اهو اجلاس سر ابراهيم رحمة الله جي صدارت هيٺ 30 ڊسمبر 1913ع تي ڪٺو ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترائي اهم ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جي ڪانگريس جي گذريل اجلاس ۾ ٿي چڪا هئا. ان وقت مسلم ليگ هندوستان لاءِ خود-حڪومت حاصل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري چڪي هئي.
ان کان پوءِ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس 28 ڊسمبر 1914ع تي مدراس ۾ پوپيندرا ناٿ بسو جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، ان ۾ به سنڌ مان ڪيترا ئي صاحب رئيس ڀرڳڙيءَ ۽ سيٺ هرچند راءِ سان شامل ٿيڻ لاءِ ويل هئا. انهيءَ موقعي تي هو ”اديار ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ“ جي مرڪز ۾ ويل ٿا ڏسجن ۽ ڊاڪٽر ايني بيسنت سان ملاقات ڪئي اٿن، جنهن جو اثر اڳتي هلي رئيس صاحب جي زندگيءَ تي گهڻو پيو ٿو ڏسجي.
ان کان پوءِ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ممبئيءَ ۾ 27 کان 29 ڊسمبر 1915ع تي سر پي. اين. پي سنها جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، انهيءَ شهر ۾ ساڳئيءَ وقت 30 ڊسمبر 1915ع تي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس مولوي مظهر الحق جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو، انهن ٻنهي اجلاسن ۾ سنڌ مان رئيس صاحب سان گڏ غلام علي چاڳلا، مسٽر محمد حافظ، شيخ عبدالمجيد، ڊاڪٽر شيخ نور محمد ۽ شيخ غلام حسين هدايت الله ويل هئا. شيخ عبدالمجيد صاحب انهن ڏينهن ۾ رئيس صاحب جو سياسي مشير هو، مسلم ليگ ۾ انهن ڏينهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري ۽ جناح صاحب شريڪ ٿيڻ لڳا هئا، جن جي ڪوششن سان ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي ڪم ڪرڻ لڳيون هيون. ممبئيءَ ۾ گهڻي وقت رهڻ ۽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ڪري، رئيس صاحب ۽ جناح صاحب جا هڪ ٻئي سان دوستاڻا تعلقات قائم ٿي ويا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ هندوستان جي مختلف صوبن ۾ پراونشل ڪانفرنسون سڏائي، انهن جي ذريعي مڪاني مسئلن تي صلاح مصلحت ۽ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي پهرين ڪانفرنس 1908ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مسٽر اين. جي. چندروڪر جي صدارت هيٺ سڏائي وئي هئي. ان کان پوءِ وري ماٺ ٿي ويئي، ان پوءِ ٻئي سال حيدرآباد ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن کان پوءِ 1916ع ۾ رئيس صاحب جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مسٽر لالچند نولراءِ هو، انهيءَ ڪانفرنس ۾ ڪيترا اهم ٺهراءَ پاس ٿيا.
ٻئي سال 26 کان 28 ڊسمبر 1916ع تي انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس بابو امبيد ڪا ڇرن جي صدارت هيٺ لکنوء ۾ ڪٺو ٿيو ۽ انهيءَ موقعي تي 31 ڊسمبر 1916ع تي ساڳئي شهر ۾ مسٽر محمد علي جناح جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ۾ ان وقت تائين چڱو اثر پيدا ٿي ويو هو. راجا صاحب آف محمودآباد، سر علي محمد خان سان سندس دوستاڻا تعلقات ٿي ويا هئا، جنهنڪري انهيءَ موقعي تي جناح صاحب ۽ رئيس صاحب، راجا صاحب جا خاص مهمان ٿي رهيا هئا. ان وقت سنڌ مان مسٽر محمد حافظ ۽ ٻيا رئيس صاحب سان گڏ هئا. انهيءَ موقعي تي مسٽر هرچندراءِ وشنداس، رئيس صاحب ۽ جناح صاحب جي ڪوششن سان ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ هڪ سمجهوتو ٿيو، جنهن کي بعد ۾ ”لکنو پئڪٽ“ جي نالي سان سڏيو ويو. ان کان پوءِ ڊسمبر 1917ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو. ڊاڪٽر ايني بيسنت ’هوم رول ليگ‘ جي ڪري ڪانگريسي حلقن ۾ شهرت حاصل ڪري وئي هئي. هن رئيس صاحب کي ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري چونڊرايو، جنهنڪري هو انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت سان به ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ مان به اهو اعزاز مسٽر جيرام داس دولت رام ۽ آچاريه ڪرپالاڻيءَ کي مليو، پر ٻئي ڪنهن به مسلمان کي نه ملي سگهيو.
ٻئي سال جون 1918ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت کي نظربند ڪيو ويو، سندس پوئلڳن مان به ڪيترن کي جيل ۾ موڪليو ويو، جن مان مسٽر ڄيٺمل پرسرام ”سنڌ واسي“ اخبار جي ايڊيٽر کي ٻه سال قيد جي سزا ڏني ويئي. ان کانپوءِ آگسٽ 1918ع ۾ ممبئيءَ ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس سڏايو ويو، ان وقت ’مانٽيگو چيلمسفورڊ رفارمنس‘ بابت تجويز منظور ٿي چڪي هئي، ڪانگريس ۾ ٻه گروهه پيدا ٿي پيا هئا، جن ۾ نرم ڌر وارن رفارمنس کي آزمائڻ چاهيو ٿي ۽ گرم ڌر وارن ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهريو ٿي.
حڪومت جي سخت پاليسي اختيار ڪرڻ ڪري ملڪ ۾ ناراضپو وڌي ويو هو، تنهنڪري نرم ڌر وارا انهيءَ خيال کان ته ڪانگريس اجلاس ۾ بائيڪاٽ جي فائدي ۾ ڪثرت راءِ ٿي ويندي، اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا. ان کانسواءِ سرڪار ’هوم رول ليگ‘ جي طرفدارن ۽ آزاد خيال ماڻهن تي سختي ڪئي هئي، انهيءَ سلسلي ۾ رئيس جي حيدرآباد واريءَ آفيس جي تلاشي ورتي ويئي هئي. مولانا عبيدالله سنڌي، ملڪ ڇڏي افغانستان ۾ وڃي ويٺو هو. هو اتان هندستانين سان انگريزن خلاف لکپڙهه هلائيندو رهندو هو، تنهن جي ’سلڪ ليٽر‘ (ريشمي رومال) پڪڙجڻ (ڏسو: تحريڪ ريشمي رومال) کان پوءِ رئيس جي ”الاميناخبار جي ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 1916ع ۾ اڳي ئي جيل موڪليو ويو هو. حڪومت کي اهو پڪو گمان هو ته مولانا جي تحريڪ سان ڀرڳڙي صاحب جي همدردي آهي، ليڪن ڪا ثابتي ملي نه سگهي. عملدار ان ڪري سازش سٽي رهيا هئا ته ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ رئيس کي اڙائين، انهيءَ ڳالهه کان بچڻ لاءِ کيس دوستن طرفان اهو مشورو ڏنو ويو ته ڪجهه وقت لاءِ پاڻ انگلنڊ هليو وڃي، ان ڪري هو 1918ع جي وچ ڌاري انگلنڊ هليو ويو ۽ اتي وڃي خلافت تحريڪ، هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. (ڏسو: تحريڪ خلافت)
انهيءَ وقت مسٽر مانٽيگو، سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊياانڊيا بل“ پارليامينٽ اڳيان پيش ڪري چڪو هو، جنهن ٻنهي هائوسن جي سليڪٽ ڪاميٽي، لارڊ سيلبورن جي چيئرمينيءَ هيٺ مقرر ڪئي. ڪاميٽيءَ جي اڳيان شاهدين ڏيڻ لاءِ هندستان مان ڪيترا ليڊر ويا. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ طرفان سيٺ يعقوب، مسٽر محمد علي جناح ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ شاهدي ڏني، جنهن ۾ مسلمانن جو نقطه نگاهه پيش ڪيو ويو. انهيءَ سال آڪٽوبر ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي اتحادين جي فائدي ۾ ختم ٿي هئي. غازي انور پاشا ۽ طلعت پاشا، حالتون سازگار نه ڏسي، ملڪ ڇڏي ويا هئا. انگريزن جو جنگي ٻيڙو وڃي استنبول پهتو هو، جنهن سلطان محمد خامس جهڙي ڪمزرو ماڻهوءَ کي حڪومت ۾ آڻي انهيءَ کان مرضيءَ موافق شرط قبول ڪرايا هئا.
انهن حالتن کي ڏسي هندستاني مسلمانن ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي. حڪومت انهيءَ کي هٽائڻ لاءِ ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. سنڌ ۾ ڪن ڪامورن جي معرفت، مولوي فيض الڪريم موري واري کان هڪ رسالو لکايو ويو، جنهن ۾ ترڪن جي خلافت کي غلط قرار ڏئي، انگريزن جي اشاري تي ترڪن سان بغاوت ڪندڙ شريف حسين جي تائيد ڪيل هئي. انهيءَ تي سنڌ جي مولوين ۽ پيرن کي، ڪامورن ڊيڄاري صحيحون پئي ورتيون، رئيس کي جڏهن لنڊن ۾ انهيءَ ڳالهه جو پتو پيو ته ”الاميناخبار ذريعي هڪ خط ۾ پيرن کي سندن بزدليءَ تي سخت تنبيهه ڪئي هئائين، جنهن تي ڪيترا مٿس ناراض ٿي پيا هئا.
جنوري 1920ع تي رئيس انگلينڊ مان واپس موٽيو، سگهو ئي 15 کان 17 فيبروري 1920ع تي ممبئيءَ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي صدارت لاءِ کيس چونڊيو ويو. ان ڪانفرنس ۾ ڏهاڪو هزار ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. مرحبائي ڪاميٽيءَ جو صدر ڇوٽاڻي هو. کيس صدر چونڊڻ لاءِ دستوري تجويز مولانا عبدالباريءَ پيش ڪئي هئي ۽ سر فاضل ڀائي ڪريم ڀائي ان جي تائيد ڪئي هئي. انهيءَ اجلاس ۾ جن مکيه ماڻهن شرڪت ڪئي هئي، تن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن مان پتو پئجي سگهندو ته ڪهڙن بزرگن کيس صدارت جو لائق سمجهي، انهيءَ لاءِ چونڊيو هو:
مولانا عبدالباري فرنگي محلي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولوي ظفر علي خان لاهوري، داڪٽر سيف الدين ڪلچو، مسٽر گورڌنداس، مولانا آزاد سبحاني، مولانا فضل حسين حسرت موهاني، پير رشد الله جهنڊي وارو، مولانا شاهه سلمان ڦلواري، مولوي ابوالقاسم فضل الحق بنگال وارو، جمناداس دوارڪا داس، سر فاضل ڀائي ڪريم ڀائي، مسٽر محمد علي جناح، مولانا دائود غزنوي ۽ حاجي عبدالله هارون وغيره.
ابتدا ۾ سيٺ ڇوٽاڻيءَ استقباليه ڪاميٽيءَ طرفان خطبو پڙهيو. ان کان پوءِ رئيس صاحب پنهنجي صدارتي خطبي ۾، جيڪو ڪافي تفصيلي هو، فرمايو ته: ترڪيءَ جو مسئلو سڄيءَ دنيا جي قومن جي گڏيل تعلقات ۽ برطانوي سلطنت جي مفاد جي خيال کان نهايت اهم آهي، تنهنڪري برطانيه سرڪار کي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي ڏکوئڻ نه گهرجي. هنن کي گهرجي ته سندن ذميدار حاڪمن طرفان ڪيل وعدن کي پاڻي ڏين، پوءِ ممبئي سرڪار کي استدعا ڪيائين ته سندن ڪي ڪامورا خلافت تحريڪ جي مخالفت ڪري، سرڪار کي بدنام ڪري رهيا آهن، تن کي سزا ڏني وڃي. مسلمانن کي مشورو ڏنائين ته تحريڪ کي مؤثر بنائڻ لاءِ يورپ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ان مسئلي جي اهميت جي پرچار طرف توجهه ڏنو وڃي. ان اجلاس ۾ جيڪي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، انهن مان مکيه هيٺيان آهن: (1) مولانا محمد عليءَ جي سرڪردگيءَ ۾ ولايت موڪليل وفد تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. (2) ولايت موڪلڻ جي لاءِ ٻئي وفد جي تجويز پاس ٿي. (3) ٽيون وفد عرب ملڪن ۾ موڪلڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو، جو اتي وڃي منجهانئن باهمي اختلاف کي دور ڪرائي، صلح ڪرائڻ وارو هو. (4) ٽيهه لک رپيا انهيءَ ۽ ٻئي خلافت تحريڪ جي ڪم لاءِ گڏ ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو. (5) برٽش سرڪار کي عرض ڪيو ويو ته جزيرة العرب مان پنهنجون فوجون واپس گهرائي وٺي. (6) ممبئي سرڪار کي استدعا ڪئي وئي ته جن آفيسرن خلافت جي سوال ۾ دست اندازي ڪئي آهي، تن کي سزا ڏئي. (7) عالمن ۽ پيرن کي عرض ڪيو ويو ته جزيرة العرب ۽ خلافت جي حفاظت لاءِ معتقدن کان بيعت وٺن.
1920ع ۾ نون رفارمس موجب صوبي ۽ مرڪزي ڪائونسلن جون چونڊون ٿيون، ڪانگريس بائيڪاٽ جو ٺهراءُ پاس ڪري چڪي هئي، جيتوڻيڪ سندس نرم گروهه ڪائونسل ۾ وڃڻ قبول ڪيو هو، پر رئيس ڀرڳڙي، انهيءَ ٺهراءَ جو احترام ڪري، چونڊ ۾ نه بيٺو. ان کانپوءِ سرڪار کيس ’ڪائونسل آف اسٽيٽ‘ تي نامزد ڪيو ۽ هن دوستن جي اسرار تي اتي رهڻ قبول ڪيو، پر اڳتي هلي، سرڪار جي سختيءَ واري پاليسيءَ تي احتجاج ڪندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. ان وچ ۾ جيئن ته سڀ نرم ڌر وارا پوئتي رهجي ويا هئا ۽ گرم ڌر وارا ڪانگريس تي قبضو ڪري ويا هئا، تنهنڪري هي به ماٺ ۾ رهيو. سندس ڪن دوستن وڃي عهدا ورتا، جهڙوڪ: راجا صاحب محمودآباد، گڏيل علائقن ۾ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر ٿيو.
سيٺ هرچند راءِ وشنداس 1920ع ۾ ڪانگريس جي بائيڪاٽ هوندي هند اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيهي چونڊجي ويو. وري 14 نومبر 1923ع ۾ ٻئي دوست مرڪزي اسيمبليءَ ۾ اميدوار بيهي چونڊجي ويا ۽ جناح صاحب جي ’انڊپينڊنٽ پارٽيءَ‘ ۾ شريڪ ٿيا، باوجود انهيءَ رخ جي هو هميشه قومي سوالن ۾ برک ڪم ڪندا هئا.
31 مارچ 1923ع تي لکنوء ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ڪٺو ٿيو، جنهن جي صدارت رئيس ڀرڳڙيءَ ڪئي. ان ۾ مکيه ڪارڪنن مان ڪيترا شريڪ نه ٿي سگهيا، ڪي جيل ۾ هئا ۽ ڪجهه ان کي نرم جماعت سمجهڻ لڳا هئا. ان ۾ مکيه ماڻهو رڳو سندس، دوست سر علي محمد صاحب راجا آف محمود آباد شريڪ ٿيو، جو ان وقت يو. پي سرڪار جو هوم ميمبر هو. انهيءَ اجلاس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين شيخ شاهد حسين، تعلقدار گديه هو. شيخ صاحب اهو خطبو پڙهيو، جنهن ۾ مختلف پهلوئن تي بحث ڪيل هو. ان کان پوءِ رئيس صاحب هڪ ڊگهو خطبئه صدارت 58 صفحن تي مشتمل پڙهيو، جيڪو نهايت عالمانه ۽ همه گير هو.
شروعات ۾ هن مسئلي خلافت تي روشني وڌي ۽ پوءِ مسٽر لائڊ جارج وزيراعظم انگلستان جي مسلم آزار پاليسيءَ جو ذڪر ڪيائين، هن چيو ته لائڊ جارج جي وزيراعظميءَ تان لهڻ بعد کيس اميد هئي ته برطانيه سرڪار جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪجهه تبديلي ايندي، ليڪن ’لوزان معاهدي‘ جي آڇيل شرطن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها اڃا نه بدلي آهي، اميد آهي ته ترڪ انهن کي موجوده حالتن ۾ گهڻيءَ تبديليءَ کان سواءِ قبول نه ڪندا.
ان کان پوءِ هن ترڪيءَ ۾ ڌارين ملڪن جي رهاڪن کي مليل رعايتن جي نقصانن جو ذڪر ڪري، انهن کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو.
پوءِ ڳچيءَ سمنڊن جي آزاديءَ واري سوال تي بحث ڪندي، انهيءَ اصول کي سٺو قرار ڏيندي، هن چيو ته مغربي ملڪ دره دانيال جي کليل ۽ گڏيل قبضي رکڻ تي ڇو زور ڏئي رهيا آهن ۽ جبرالٽر، اوهيو، منڊپ، ملاڪا ۽ نهر سويز وغيره کي به اهڙيءَ طرح آزاد ڪرڻ تي زور ڇو نه ٿو ڏنو وڃي. صرف دره دانيال تي زور ڏيڻ مان سامراجي منصوبي جي بوءِ اچي ٿي.
پوءِ هن ترڪيءَ ۾ اقليتن جي سوال تي بحث ڪيو ۽ چيائين ته: هندستان وانگر انهن کي جداگانه چونڊ ۽ نمائندگي ڏيڻ لاءِ گفتگو ٿي سگهي ٿي، ليڪن کين ملڪ جي حصي ڏيڻ لاءِ مغربي طاقتون زور لڳائي رهيون آهن، سا ڳالهه قابل قبول ٿي نه ٿي سگهي.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، عرب ملڪن جو ذڪر ڪندي چيو ته عرب ملڪن، ترڪي سلطنت خلاف بغاوت ان لاءِ نه ڪئي هئي ته ترڪن جي حڪومت کان نڪري، مغربي حڪومتن جي تسلط هيٺ اچن، دنيا جي مسلمانن جو فرض آهي ته کين انهيءَ نئين غلاميءَ مان آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته جلد عرب ملڪ گڏجي پنهنجون آزاد متحده رياستون قائم ڪندا.
مغربي طاقتن جي ايشيا ۽ آفريقا تي تسلط جو ذڪر ڪندي ظاهر ڪيائين ته ان مصيبت کان ڇوٽڪاري لاءِ واحد علاج اهو آهي ته مشرقي ملڪ پاڻ ۾ اتحاد ڪري، ’ليگ آف نيشنس‘ وانگر پنهنجي ايشيو-آفريقي جماعت ٺاهي ۽ انهيءَ ذريعي سان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪن. هن چيو ته ’پان اسلامزم‘ جو نظريو فرسوده ٿي ويو آهي ۽ ترڪن پڻ مجبور ٿي، ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هندستان ۾ ان کي نئين سر آلاپڻ مان هڪ طرف ملڪ جي آزاديءَ ۾ دير پوندي، ته ٻئي طرف هندستان جي غير مسلم رهاڪن کي اسان جي سامراجي منصوبن بابت شڪ ٿيندا.
پوءِ هندستان جي سياسي مسئلن تي روشني وجهندي ڀرڳڙي صاحب ان کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو: (1) سرڪار ۽ عوام جي وچ جو مسئلو، ۽ (2) هندستان جي مختلف فرقن ۽ جماعتن ۾ اختلاف جو مسئلو.
پهرئين مسئلي تي گفتگو ڪندي راءِ ظاهر ڪيائين ته جيتوڻيڪ کيس ’ترڪ موالات‘ ۽ ’سول نافرماني‘ جي تحريڪ سان اختلاف آهي، ليڪن ان جو علاج اهو ڪونه آهي، جو انگريزي حاڪمن اختيار ڪيو آهي، جيترو هو عام راءِ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪندا، اوترو ئي هو ملڪ جو اعتبار وڃائيندا. عوام جي جذبن کي، جي حاڪم جي نقطه نگاهه کان کڻي غلط هجن، ته به سمجهائي ٿڌو ڪري سگهبو، نه انتقامي قدم کڻي انهن کي ڪِچلڻ سان.
ٻئي مسئلي يعني هندستانين جي باهمي سياسي اختلاف ۽ تعليمات تي گفتگو ڪندي تجويز ڏنائين ته باوجود اختلاف راءِ جي سڀئي گڏجي مختلف طريقن سان ساڳئي مقصد لاءِ لڙي سگهن ٿا، باهمي اختلاف ۽ شڪر رنجيءَ جو ضرور نه آهي، جدا چونڊن کي هن خراب سڏيو، پر چيائين ته ڪنهن وقت برائيءَ کي به مصلحت خاطر ملڪ ۽ باهمي اتحاد جي نقطئه نگاهه کان برداشت ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي.
ڪائونسلن جي بائيڪاٽ واري پاليسيءَ بابت ظاهر ڪيائين ته اهو حربو ناڪام ٿيو آهي ۽ ان تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي. هندو مسلم اتحاد لاءِ اپيل ڪندي پڇاڙيءَ ۾ رئيس صاحب مسلم ليگ جماعت ۾ درستين لاءِ ڪي تجويزون پڻ پيش ڪيون.
شخصي زندگي: رئيس غلام محمد باوجود سمورو وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ جي پنهنجي زمينداريءَ کي چڱو سڌاريو، پيدائش وڌايائين ۽ ڦٽين ٽاڻڻ جي فيڪٽري قائم ڪيائين، پر پنهنجي وڌي ويل خرچ کي گهٽائي نه سگهيو. سندس ذاتي خرچ ايترو گهڻو ڪو نه هو، پر سياسي ڳالهين تي گهڻو خرچ ٿيندو هو. ”الاميناخبار جو سمورو خرچ پاڻ ڪندو هو. ”سنڌ واسي“ اخبار کي مدد ڪندو هو، سنڌ جا اڪثر قومي ڪارڪن سندس مهمان نوازيءَ ۽ مدد سان مستفيذ ٿيندا هئا. غريب شاگردن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپون پنهنجي هڙان ڏيندو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خلاف هندن جو ڪيس پاڻ هلايائين، حرن کي لوڙهن مان آزاد ڪرائڻ جو ڪيس هلايائين. ”الحقاخبار جي ايڊيٽر تي جڏهن ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال تي ڪيل نڪته چينيءَ جي سلسلي ۾ بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو ويو ته رئيس اهو پاڻ هلايو ۽ جڏهن مئجسٽريٽ ايڊيٽر کي ڏوهي قرار ڏيئي 500 رپيا جرمانو وڌو ته اهو پاڻ ادا ڪيائين. اهڙا سندس سخاوت جا ڪيئي مثال آهن.
هو اميراڻي ٺٺ سان رهندو هو، پر دل فقيراڻي هوندي هيس. ريل جي فرسٽ ڪلاس ۾ سامان رکي، اڪثر ٿرڊ ڪلاس ۾ دوستن ۽ عام ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو. ڪولهين، مينگهواڙن، هارين سان گڏ پٽ تي ويهي رهاڻيون ڪندو هو. هڪ دفعي ڪنهن مينگهواڙ کي ڏسي چيائين ته: ”آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان“ تنهن تي هن چيس ته: ”جي ائين آهي ته منهنجي هٿ جو پاڻي پيءُ!“ رئيس صاحب پاڻي وٺي پي ويو.
پاڻ ”سنڌ زميندار ايسوسيئيشن“ جو باني هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جماعت جي شاخ 1918ع ۾ پهرين هن ئي قائم ڪرائي. حيدرآباد نيشنل ڪاليج کي ڪامياب بنائڻ ۾ هن گهڻي سر جوشي ڏيکاري، ورهين جا ورهيه ان جي بورڊ جو چيئرمئن رهيو.
ماڻهن ۾ هن لاءِ ايترو قرب ۽ پيار هوندو هو، جو اڪثر مسئلا وٽس اچي پيش ڪندا ۽ فيصلا ڪرائيندا هئا، هڪ ڀيري ميڊيڪل اسڪول حيدرآباد جي شاگردن ۽ هيرآبادي عاملن جي وچ ۾ سخت تڪرار ٿي پيو، پر رئيس جي وچ ۾ پوڻ ڪري صلح ٿي ويو.
رئيس غلام محمد مذهبي معاملن ۾ تصوف ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي اثر ڪري آزاد خيال ۽ فرقي بنديءَ کان پري هو. کيس مذهبن جي پويان بنيادي وحدت جو پتو پيل هو، ان ڪري سڀني مذهبن جي پوئلڳن سان سندس سٺو سلوڪ هوندو هو. ڪٽرپڻو سندس ويجهو به نه هو، هو محبت جو مجسمو هو، سندس خاص مقربن مان مسٽر غلام علي نانا، پير غلام نبي شاهه الهندي ڪچي وارو، مرحوم نور محمد وڪيل، محمد صالح صديقي، ڄيٺمل پرسرام، کيمچند مهتاڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيرامداس دولترام، مسٽر سنتداس منگهارام هئا. سياسي دوستن مان سيٺ هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، مسٽر محمد علي جناح ۽ راجا صاحب محمودآباد هئا.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي نمونيا جي بيماريءَ ۾ گهڻو وقت مبتلا رهي، 9 مارچ 1924ع تي وفات ڪئي. سندس وفات وقت حيدرآباد جا هزارين شهري، هندو ۽ مسلمان مرد ۽ زالون، سندس جنازي سان ماتم ۾ هليا، کيس ڊينگاڻ ۾ مائٽاڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
سندس ڀاءُ رئيس جان محمد خان، ممبئي ڪائونسل جو ٿرپارڪر ضلعي مان ڪجهه وقت ميمبر چونڊيل هو، هو پڻ خوش اخلاق يار ويس، مهل سر ڪم ايندڙ ۽ مهمان نواز هو. کيس اولاد ڪو نه ٿيو.
رئيس غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا، رئيس عبدالقيوم خان، رئيس غلام رسول خان ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان، پهريون سگهوئي وفات ڪري ويو. جن پڻ پنهنجي والده مرحوم جي روايتن کي قائم رکيو.
رئيس غلام محمد خان مرحوم جي وفات ڪري سنڌ جي سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿيو. هن جي سياست اصول پرستيءَ، اخلاص، حب الوطنيءَ ۽ خدمت خلق جي بنيادن تي ٻڌل هئي. سندس زندگي پوين لاءِ مشعل راهه ٿي سگهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.07.15  عيسوي

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ، 15 جولاءِ 1878ع ۾ ڊينگاڻ تعلقي جيمس آباد ( ڪوٽ غلام محمد ۾ پيدا ٿيو


1924.03.09  عيسوي

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 9 مارچ 1924ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون