داخلا نمبر 5448
عنوان ڀنڀرو غلام عباس
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 157 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
غلام عباس ڀنڀرو

غلام عباس ڀنڀرو

ڀنڀرو غلام عباس

ڀنڀرو، غلام عباس: غلام عباس ڀنڀرو ولد غلام حسين ڀنڀرو 1947ع ۾ سوڀي ديري تعلقي جي ڳوٺ بچل ڀنڀري ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول غلام حسين ڀنڀري مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول هنڱورجا، انٽر عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙي ۽ بي. اي پاڪستان ڪاليج خيرپور مان ڪيائين. سندس تعلق زميندار گھراڻي سان آهي. هي هڪ قومي ڪارڪن رهيو آهي. سنڌ جي حقن متعلق لکڻ سبب ماضيءَ جي حڪومتن ۾ کيس جيل به موڪليو هو. هن 1960ع ۾ صحافت ۽ شاعري شروع ڪئي. غلام عباس ڀنڀري ۽ سندس سؤٽ عطا محمد ڀنڀري 1968ع ۾ ڀنڀرا ادبي انجمن پاران رسالي ”هوشو“ پبليڪيشن جا چار شمارا ”شهيدان سنڌ“، ”جي. ايم. سيد دي گريٽ“، ”سنڌ يهودي ٽائيپ سازش جي گھيري ۾“ ۽ ”رڻ گجيو راڙو ٿيو“. شايع ڪري وقت جي حڪومت ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، ۽ نتيجي طور ان پبليڪيشن تي حڪومت پابندي هڻي ڇڏي. هي سنڌ صحافي سنگت جو هڪ وقت مرڪزي صدر ۽ سنڌ ۾ ڪيترن صحافين جو استاد رهيو آهي. غلام عباس جي ڪهاڻي ” سنڌ جا ڪردار ڳالهائن ٿا“ ۽ سندس هڪ نظم ”مان گھران ٿو پاڻي ڏي“ کي وڏي پذيرائي ملي. ڪيترا نوجوان، خيرپور جي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ دوران سندس اوطاق کي هاسٽل طور استعمال ڪندا رهيا آهن. کيس مختلف صحافي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ادارن پاران ڪيترا مڃتا ايوارڊ، شيلڊون ۽ ميڊل مليل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو