داخلا ؛ 5429
پڙهيو ويو ؛ 720
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-02-13


تصويرون


Atta-Muhammad-Bhambhro.gif
اديب عطا محمد ڀنڀرو
اديب عطا محمد ڀنڀرو



ٽائيم لائين

1936.02.01-A.D
عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي خيرپورميرس ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--ڀنڀرو عطا محمد

ٽائيٽل ؛ ڀنڀرو عطا محمد


شاخ : شخصيت

ڀنڀرو، عطا محمد: ناليوارو محقق، اديب ۽ مترجم عطا محمد ولد محمد بخش ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ -بچل- ڀنڀري، تعلقي سوڀيڍيري (ضلعي خيرپورميرس) ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجا -ان- وقت جي اي.وي اسڪول هڱورجا ۾ پاس ڪيائين.جڏهن ته مئٽرڪ -ٺري ميرواهه- جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري پوءِ خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي.اي جي ڊگري ورتائين. ايل.ايل.بيءَ جي -تعليم- لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي پڙهيو. قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي شروعاتي مشق گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته نامياري وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ -اياز- سان گڏ هن 1970ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جي پرئڪٽس ڪئي.
عطا محمد ڀنڀري 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو -جاري- ڪيو، جنهن بعد ڊي. پـي. -آر- لاڳـو ٿـي. ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ شـايـع ٿـيـو ۽ انهــيءَ ئــي عـرصـي ۾ ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1980ع ڌاري هن ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ ائين -انگريزي- ۽ روسي ٻولين مان پڻ ٻاراڻي ادب جا بهترين ڪتاب ترجما ڪيائين. هن 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري به -تخليق- ڪئي. 1989ع ڌاري عطا محمد ڀنڀرو حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ساڳئي سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي ترجمو ڪيو ۽ ائين هن ترجمي جي فن کي باقاعدي معمول بڻايو، هن وقت تائين هو هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي، -جن- مان ڪي مختلف ادارن وٽان ڇپيا ۽ ڪجهه -اشاعت- جا منتظر آهن. هن جاکوڙي شخص جا ترجمو ڪيل هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن: (1) ڀٽ جو شاهه، ايڇ. ٽي. سورلي (سنڌيڪا: 1992ع)، (2) سنڌو لکت ۽ ٻولي، ايس. آر. راءُ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1994ع)، (3) سنڌ جو مهراڻ، ايڇ. جي. راورٽي (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1995ع)، (4) سنڌو لکت جون -بين- القوامي لکتن سان لاڳاپو، جي. -آر- هنٽر (سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو: 1995ع)، (5) سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، اين. جي. محمدار (سنڌي ادبي بورڊ: 1997ع)، (6) سنڌوءَ جو سفر، -اليگزينڊر برنس- (سنڌيڪا:1998ع)، (7) سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي، ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي (سنڌيڪا: 1998ع)، (8) سنڌو شينهن درياهه، جيئن فيئرلي (سنڌيڪا: 1999ع)، (9) سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي، سي. ايل. ماڙيوالا (سنڌ تحقيقي بورڊ: 1999ع)، (10) حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ (نيو فيلڊس پبليڪيشن: 2000ع)، (11) سنڌ جي -تاريخ- مؤرخن جي زباني، ايڇ. ايم. اليٽ (نيشنل بڪ فائونڊيشن -اسلام- آباد:2000ع)، (12) سڪندر جي ڪاهه، ايرين (روشني: 2000ع)، (13) سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام (سنڌيڪا: 2001ع)، (14) سنڌوءَ جو موهه، جنرل سرجارج ميڪمين (سنڌ تحقيقي بورڊ: 2002ع)، (15) -تاريخ- جا سبق، ول ڊيورانٽ (روشني:2002ع)، (16) سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (17) -ٺٽي- جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر -احمد حسن داني- (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (18) -ٺٽي- جا ڪاتب، محمد عبدالغفور (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (19) سنڌ جيئن مون ڏني، ٽي. پوسٽنس (سنڌيڪا: 2005ع)، (20) سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن (سنڌيڪا: 2005ع)، (21) سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن (روشني پبليڪيشن: 2006ع)، (22) سنڌ هند جي قديم جاگرافي، ليگزينڊر ڪننگهام (سنڌي ادبي بورڊ:2007ع) وغيره.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀنڀرو عطا محمد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀنڀرو عطا محمد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن