داخلا ؛ 5449
پڙهيو ويو ؛ 188
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-02-18


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀنڀرو محمد عثمان

ٽائيٽل ؛ ڀنڀرو محمد عثمان


شاخ : عالم

ڀنڀرو، محمد عثمان:عمرڪوٽ ضلعي جي مشهور عالم علامه محمد عثمان جي ڪُنيت ”ابوالسعيد“ ۽ تخلص ”قراني“ هو. هن جو تعلق ڀنڀرا ذات سان هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 27 صفرالمظفر 1294هه مطابق 1877ع ۾ ڳوٺ ڍينگاڻ ڀرڳڙي تعلقي جيمس -آباد- (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ٿرپارڪر (هاڻي ميرپور خاص) ۾ ٿي. جڏهن ستن سالن جو ٿيو ته سندس والد کيس حاجي -احمد شاهه- وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. فارسيءَ جي -تعليم- ميان محمد علي -پٺاڻ- (ڳوٺ سيد لاکي شاهه) وٽ -ٿوري- عرصي اندر حاصل ڪيائين. ميان محمد عليءَ کي شعر گوئي ۽ نظم سنجيءَ ۾ ڪافي دسترس هئي، تنهنڪري سندس صحبت ۾ شعر گوئي ۽ نظم چوڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل ڪيائين. فارسيءَ جي -تعليم- مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ عربي -تعليم- مخدوم قاضي القضاة مولانا محمد متعلويءَ وٽ ٽنڊي مير غلام عليءَ ۾ ورتائين. صرف ۽ نحو شرح ملا جاميءَ تائين ۽ علم فقه ۾ ”هدايه“ پڙهيائين. علم منطق ۽ نحو مولانا خير محمد وٽ پڙهيائين. آخر دستاربندي ۽ سند تحصيل علم مولوي محمد متعلويءَ کان ورتائين. تحصيل علم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ 1315هه/1897ع ۾ پنهنجي ڳوٺ عمر ڀنڀري لڳ -اسٽيشن- شادي پلي (تعلقي ساماري ضلعي ميرپور خاص) ۾ ”مدرسه مجدديه“ (ڀنڀري) قائم ڪري، -ٿر- جھڙي پوئتي پيل علائقي ۾ خلق خدا کي -تعليم- ڏيڻ شروع ڪيائين. هن 15 رجب المرجب 1355هه/1936ع تي سومر جي ڏينهن وفات ڪئي. کيس سندس وصيت مطابق مدرسي جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀنڀرو محمد عثمان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀنڀرو محمد عثمان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن