داخلا نمبر 5425
عنوان ڀنڀرو ڀنڀرا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 115 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀنڀرو ڀنڀرا

ڀنڀرو/ ڀنڀرا: ”سميجا“ قبيلي (سماٽ) جو ھڪ فرد، جنھن جو شجرو ھيٺينءَ طرح ڄاڻايل آھي، ڀنڀرو پٽ آمر پٽ منھي پٽ ڀاڻو پٽ ڏيرو پٽ ٿيٻو پٽ انڙ پٽ سمون پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمو پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار پٽ نيٽ پٽ نوتيار.


هن صفحي کي شيئر ڪريو