داخلا نمبر 5458
عنوان ڀنڀور
شاخ ماڳ مڪان
پڙهيو ويو 1011 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ڀنڀور  شهر جو اوائلي ڏيک

ڀنڀور شهر جو اوائلي ڏيک

2ڀنڀور  شهر جو اوائلي ڏيک

2ڀنڀور شهر جو اوائلي ڏيک

3ڀنڀور  شهر جو اوائلي ڏيک

3ڀنڀور شهر جو اوائلي ڏيک

ڀنڀور

ڀنڀور: چيو وڃي ٿو ته ڀنڀور جو اصل نالو بَن بِھار يا ون وھار (Van Vihar) يا ڀن ڀور (سورج جو شھر) هو ۽ اتان سنڌ جي هن قديم شھر جو مقامي سنڌي نالو ”ڀنڀور“ مشھور ٿيو، تاريخ ۾ جڏھن به سنڌ جي رومانوي داستانن جو ذڪر ايندو ته ان ۾ ڀنڀور جي سسئيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل ”سسئي پنھونءَ“ جو قصو ضرور اھميت سان بيان ڪيو ويندو ۽ ان ئي حوالي سان ڀنڀور جو شھر اڄ به ياد ڪيو ٿو وڃي.
ڀنڀور سنڌ جو اھم ۽ تاريخي شھر آھي، جيڪو ھن وقت ميرپور ساڪري تعلقي جي آثار قديمه ۾ شمار ٿئي ٿو.
مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته ڀنڀور شھر، ڀنڀو راءِ اڏايو ھو ۽ ھو ئي اتي جو راجا ھو. درياهه جي ڪناري تي ھئڻ ڪري ڀنڀور شھر اھميت اختيار ڪري ويو، جڏھن بنو اُميه جي گورنرن جي نااھليءَ ڪري سنڌ م راجائن بغاوت شروع ڪئي ته ڀنڀور رياست جو راجا به انھن مان ھڪ ھو. 133 ھجريءَ (750ع) ۾ بنو اُميه جو دؤر ختم ٿيو ۽ عباسي خلافت جي شروعات ٿي ته 133 هه (750ع) ۾ پھرين پھرين عربي فوج سنڌ ڏانھن اماڻي وئي. ٻين رياستن سميت سنڌ جو شهر ڀنڀور به عباسي خلافت جي اثر ھيٺ آيو، پر آھستي آھستي ڀنڀور شھر اجڙڻ لڳو، تان جو خليفي ھارون رشيد جي دؤر 171 ھه/787ع ۾ ھي شھر ڦٽي ويو.
ڀنڀور ھن وقت هڪ پڊ آھي، جنھن جي اجڙڻ بابت تاريخدانن ۽ جاگرافيدانن جا مختلف رايا آھن.
ڪتاب ”تحفة الڪرام“ مطابق هي شھر شيخ تراب جي دؤر ۾ ڦٽو ھو ۽ ان جو ڪارڻ ’ڌرتي ڌٻڻ‘ ڄاڻايو ويو آھي. جڏهن ته مير طاھر خيال ظاھر ڪيو آھي ته ڀنڀور شھر درياهه جي سڪڻ سبب ڦٽو ھو ۽ ھتي جي ماڻھن ساڪري ۾ وڃي پکا اڏيا ھئا. ڀنڀور جي ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي ايڏي آسودي نه سھي، ته به چڱي خاصي ھئي. ڌوٻين جي گھاٽن کان ھيءُ شھر مشھور ھو، سسئي پنهونءَ جي قصي ۾ پنھونءَ جو واپار سانگي ھت اچڻ ثابت ٿو ڪري ته ڀنڀور وڏو واپاري مرڪز ھو. پنھونءَ جي هتي اچڻ ۽ سسئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌڻ بعد پنهونءَ جو سسئيءَ سان نينھن لڳو ۽ ان ناتي سان ھيءَ شھر تاريخ ۾ امر ٿي ويو. 1052ع ڌاري سومرن سردارن ساموئيءَ جي سمن کي پاڻ سان شامل ڪري ڀنڀور واري علائقي تي قبضو ڪيو، جنھن بعد ديبل کان سيوھڻ، بکر ۽ اچ فتح ڪندا وڃي ملتان تائين نڪتا.
ڪراچيءَ کان نئشنل ھاءِ وي ذريعي ٺٽي ڏانھن ويندي گھاري شھر وٽان، جيڪو نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ڪراچي، ڪوٽڙي سيڪشن تي ڌاٻيجي ريلوي اسٽيشن ڀرسان رڻ پٽ جي وچ تي آھي، ساڍا ٽي ميل پري گھاري جي کاريءَ تي پھاڙي علائقي ۾، ڀنڀور جا آثار موجود آھن، جيڪي 50 فوٽ اتاھين ٽڪريءَ تي آھن، جنهن کي ”سسئيءَ جو ٽڪر“ به سڏجي ٿو. ھي سسئيءَ ۽ پنھونءَ جي عشق جي سر زمين آھي، جن جي محبت جي مامري کان سنڌ ۽ دنيا جا ماڻھو گهڻو واقف آھن، گھڻن عالمن جو اھو خيال آھي ته گھاري جي کاريءَ مٿان نظر رکڻ واسطي ڀنڀور، ھڪ چيڪ پوسٽ ھئي. ھن دڙي مان ڪاشيءِ جا ٿانو، ماکيءَ جي مانارن جهڙا ٺڪر ۽ عرب حڪمرانن جا ٽامي جا ننڍڙا سڪا به مليا آھن. ٺڪر جي ٿانون / شين جو ذڪر مشھور آرڪيالاجسٽ ھينري ڪزنس به ڪيو آهي. جنھن جو خيال ھو ته ماکيءَ جي مانارن جھڙا ٺڪر، سڪن ٺاھڻ جا سانچا ھئا، ڀنڀور جي کوٽائي وقت ھيٺ کاھيون کوٽيون ويون ته جيئن پڪ ڪري سگھجي ته هي ماکيءَ جي مانارن جھڙا ٺڪر، مسلماني دور کان اڳ به ھئا يا نه؟ پٿر سان جوڙيل جڳھيون ھڪ دور جي آباديءَ سان تعلق رکن ٿيون. پٿر واري ڀت جي ڀرسان کوٽيل ھڪ کاھيءَ مان عرب دور سان لاڳاپيل ٽامي جا سڪا به مليا ھئا. ھي شھر وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئڻ ڪري محققن جي نگاھن جو مرڪز رھيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ھن ايراضيءَ جي کوٽائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو. سڄي ڊيلٽا ۾ ڀنڀور جو قلعو اڪيلو قلعو آھي، جيڪو پڪين سرن بدران پٿرن سان ٺاھيو ويو ھو، ڪن تاريخدانن ڀنڀور کي ”ديبل“ به سڏيو آھي. سسئي پنھونءَ جي داستان جو ته ڀنڀور سان تعلق ھو، پر حيرت جھڙي ڳالهه آھي ته تاريخ جي ڪنھن به ڪتاب ۾ ڀنڀور جو ڪنھن ٻئي حوالي سان ذڪر موجود ناھي.
سن 1930ع ڌاري اين جي مجمدار ۽ 1951ع ۾ ھڪ يورپي ماھر ڀنڀور جون مختصر کوٽايون ڪرايون. ڀنڀور جي باقاعدي کوٽائيءَ جو ڪم مارچ -اپريل 1958ع ۾ قديم آثارن جي کاتي پاران ڊاڪٽر ايف. اي خان شروع ڪرايو. ان کان پوءِ آڪٽوبر ۾ کوٽائي ٿي، جيڪا 1959ع تائين جاري رھي. کوٽائين مان اھو معلوم ٿيو ته ھي شھر گھٽ ۾ گھٽ پھرين صدي ق.م کان پھرين صدي عيسويءَ ۾ سٿين ۽ ساسانين جي اثر ھيٺ رهيو ھو. ھتان يوناني نموني جا ٿانوَ به مليا آھن، اھي آثار سطح زمين کان 25 فوٽ ھيٺ مليا آهن، جڏھن ته مٿينءَ سطح جي کوٽائيءَ مان ظاھر ٿيو آھي ته شھر ڪنھن اوچتي حملي، لٽ مار ۽ باهه ۾ سڙي تباهه ٿيو آھي. شھر تي ٻارھين يا تيرھين صدي عيسويءَ ۾ ڪنھن وڏي لشڪر جو حملو ڪيل ٿو ڀانئجي، ڇو ته شھر مان وڏي تعداد ۾ انساني جسم بي ترتيب صورتن ۾ گھرن ۽ رستن تان مليا آھن، جن مان ڪن کي تير لڳل ھئا. هڪ اندازي موجب ڀنڀور جي تباھي، شاهه خوارزم ھٿان ٿي ھوندي، جنھن بابت تاريخ ۾ حوالا ملن ٿا. روايت آھي ته سنڌ تي حملي وقت ان زماني ۾ ديبل ۾ ڦرلٽ ڪري باهه ڏني وئي ھئي ۽ ان سان گڏ ٻيا شھر به ساڳيءَ طرح ڦري ۽ ساڙي تباهه ڪيا ويا ھئا. بھرحال ديبل اڃا به سوال جي نشاني بڻيل آھي. شھر جا آثار کاريءَ جي اتر ۾ آھن. تنھنڪري بندرگاهه وارو حصو ڏکڻ ۾ اٿس، بندرگاهه کان ھڪ ڏاڪڻ شھر ڏانھن وڃي ٿي، شھر جي اتر اوڀر ۾ وڏيءَ ڍنڍ جا نشان باقي آھن، قلعي کان ٻاھر، اتر ۽ اوڀر طرف شھر جي پکيڙ نظر اچي ٿي. ڀنڀور جي اتر واري ديوار ۾ 12 برج آھن ۽ اوڀر طرف چار يا پنج، اولهه ۾ مورچن جو اندازو ڏھن کان مٿي ناھي، جڏھن ته ڏکڻ واري ور وڪڙ ديوار ۾ 15 کان 20 مورچا آھن. شھر واضح طور ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. ھڪ مضبوط ديوار اتر کان ڏکڻ طرف تعمير ٿيل آھي، جنھن ۾ ڏهه يا يارھن مورچا آھن، اھڙيءَ طرح قلعو ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو آھي. اوڀر واري حصي جي اھم دريافت ڪوفي طرز جي ھڪ مسجد آھي. الھندي حصي مان شِوَ جو مندر لڌو ويو آھي. انھن ٻن عبادت گھرن جي بنياد تي ماھرن خيال ڏيکاريو آھي ته ڀنڀور ۾ آباديءَ کي ھندو مسلم بنياد تي جدا جدا رکيو ويو ھو، پر اھا راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ اھو ضروري ھو ته گھٽ ۾ گھٽ قلعي جي اندروني کنڊرن جي مڪمل کوٽائي ڪئي وڃي ھا. اها ڳالهه هندو مسلم ايڪتا طرف پڻ اشارو ڪري ٿي.
ڀنڀور جي کوٽائيءَ دوران تھذيب جي ٽن دورن جي آبادين جا آثار مليا آھن. سڀ کان ھيٺيون تهه پھرين صدي عيسويءَ جي سٿين ۽ پارٿين جو عھد، وچيون تهه ھندو دور ۽ مٿئين تهه مان اسلامي دور جي باقيات دستياب ٿي آھي. عمارتن ۾ ساحلي قلعو آھي، جنھن جي فصيل جي چار ڀيرا اڏاوت ۽ مرمت ٿي آھي. ھن جا ٽي دروازا، بندرگاهه ۽ مسجد اھم آھن. مسجد ۾ 120x122) فوٽن ۾) ڪوفي جي مسجدن وانگر محراب ڪونھي. دستياب ٿيل ڪوفي خط جي 13 ڪتبن مان ٻن ۾ سن 109 هه ۽ 294 لکيل آھي. مسلم باقيات ۾ واثق بالله، وليد بن عبدالملڪ، ھشام بن عبدالملڪ، مامون الرشيد ۽ المعتمد بالله جي وفات جا سون ۽ چاندي جا سڪا، اموي ۽ عباسي دور جا مٽيءَ، چينيءَ ۽ شيشي جا ٿانو، وٽ ۽ تورا، لوهه ۽ ھڏن مان ٺھيل سامان شامل آھي. ھيءَ وسندي 13 صدي عيسويءَ ۾ برباد ٿي ۽ وري آباد نه ٿي .آثار قديمه جي ماھرن موجب اھا مسجد، ننڍي کنڊ جي سر زمين تي پھرين مسجد ھئي، جيڪا ڪوفي ۽ واسط جي مسجدن جي طرز تعمير مطابق تيار ڪئي وئي هئي.
ڀنڀور جي ڀڙن جي کوٽائيءَ کان پوءِ نڪتل ٺڪرين تي اڪريل لکت، عربن کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ جي رائج ھجڻ جو پڪو ثبوت ڏئي ٿي، ان مان ثابت ٿيو ته سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌي ٻولي نه صرف ڳالھائي ويندي ھئي، پر ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي به ويندي ھئي. عرب سياحن جي سفرنامن ۽ کوجنائن مان پتو پوي ٿو ته عرب حڪومت جي ابتدائي زماني ۾ ۽ ان کان اڳ سنڌي زبان عام ماڻھن جي رومزه واري ۽ واپار جي استعمال واري ٻولي ھئي. جاحظ، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جهڙن سياحن ۽ تاريخدانن جي احوالن مان ثابت ٿيو آھي ته سنڌي زبان جا ڌار ڌار رسم الخط، عربن جي سنڌ ۾ اچڻ وقت، واپاري ۽ تجارتي استعمال ھيٺ ھئا، جڏھن ته مٿين عرب سياحن جي احوالن جي صداقت، ڀنڀور جي کنڊرن مان نڪتل ٺڪرين تي لکيل اکرن مان پڻ ملي ٿي، ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائي، سنڌي ٻوليءَ جي انھيءَ باب جي تحقيق ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي آھي، انھيءَ کوٽائيءَ مان لڌل ٺڪرين تي لکيل حرف، اٺين صدي عيسويءَ جي ”آڳاٽي– ناگري“ (Proto-Nagari) نموني جا آھن. آثار قديمه جي محڪمي طرفان، ڀنڀور جي باري ۾ شايع ڪيل ھڪ خبرنامي ۾ ٽن ٺڪرين جون تصويرون ڏنيون ويون آھن، انھن مان صفحي نمبر 33 تي ڏنل تصويرن، 9، 10 ۽ 11 مان 9 ۽ 11 نمبر وارين ٺڪرين تي ھڪ جھڙو رسم الخط، يعني ”ارڌ ناگري خط“ لکيل آھي. وچينءَ تصوير، يعني ڏھين نمبر تصوير ۾ لکيل اکر ”لوھاڻڪي يا لاڙي رسم الخط“ ۾ آھن. لوھاڻڪو رسم الخط ٺٽي ۽ برھمڻ آباد جا لوھاڻا استعمال ھيٺ آڻيندا ھئا، جڏھن ته لاڙي خط، لاڙي بندر، فتح باغ، جوڻ، رڙي، بدين ۽ رھمڪي بازار جا عام ماڻھو ۽ واپاري ڪم آڻيندا ھئا.ر سم الخط جا اھي نمونا عرب سياحن جي بيانن کي صحيح ثابت ڪن ٿا.
مٿي ڄاڻايل وچينءَ ٺڪريءَ تي لکيل حرفن جي پڙھڻي ”بُجر ھيدر“ آھي، پھرينءَ سٽ ۾ ”بجر“ لکيل آھي، جڏھن ته ٻيءَ سٽ جي پڙھڻي ”ھيدر“ آھي. ”ھيدر“ لفظ جو ھاڻوڪو اچار ’ھيڊ‘ آھي. ’بُجر ھيڊ‘ ھڪ پسارڪو وکر آھي، جنھن تي بُج بُج ٿيندا آھن، جيڪا گسائي ڪنھن ڌڪ يا سور واريءَ جاءِ تي لڳائبي آھي. ڀڳل ٺڪريءَ تي لکيل اھي اکر، اصل ۾ مٽيءَ جي تس تي لکيل ٿا ڀانئجن، جيڪو ڪنھن ھٽ جو ئي ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ جو اڃا تائين به سنڌ جي ڳوٺن ۾ ھٽائي ٺڪر جي تسن ۾ وکر وجھي، انھن تي ان وکر جو نالو لکي ڇڏيندا آھن. ھن راءِ مان ٽي نتيجا نڪرن ٿا: پھريون ته عربن جي آمد کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جا نمونا ملن ٿا، يعني ڄاڻايل ٺڪرين تي لکيل لفظن مان ثابت ٿئي ٿو ته عربن جي آمد کان اڳ ، سنڌي ٻولي جدا جدا لکت ۾ لکي ويندي ھئي. ٻيو نتيجو اھو ٿو نڪري ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي ھئي، جيڪا ان وقت به شاھوڪار، معياري ۽ وسيع ٻولي ھئي. اُن ۾ علم نجوم، علم ھيئت، طب ۽ ٻين علمن جو خزانو موجود ھو. ھن دعويٰ مان اھو پڻ ثابت ٿيو ته اڄ کان 14 سئو سال اڳ جيڪي وکرن جا نالا ھئا، اھي ھن وقت به سنڌ ۾ ساڳيا مروج آھن. ٽيون نتيجو اھو ٿو نڪري ته ’بجر ھيدر‘ فقرو، وياڪرڻ جي لحاظ کان توڙي نحوي نقطه نگاهه کان ڌيان جوڳو آھي. ھيءُ ھڪ صفتي فقرو آھي، جنھن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته اڄ کان 14 سؤ سال اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي فقرن جي ساخت ۽ سٽا ساڳي ھئي، نحوي لحاظ کان ھن صفتي فقري ۾ لفظ ’بجر‘ صفت آھي، جو ’ھيدر‘ (هيڊ) اسم جي اڳيان اچي ٿو ۽ ان قسم جي صفت بيان ڪري ٿو، يعني لفظ بجر ٻڌائي ٿو ته ڪھڙي قسم جي ھيڊ؟ بھرحال، ڀنڀور جي ڀڙن مان حاصل ٿيل لکت نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي قديم حيثيت جي شاھد آھي، پر تاريخي طور، سنڌي رسم الخط جي استعمال جو پڻ چٽو ثبوت آھي.
ڀنڀور ۾ تجارت: ڀنڀور سنڌونديءَ جي دوآٻي (Delta) جي اولهندي ڪنڊ تي مهراڻ جي ماٿريءَ جو هڪ تمام وڏي بندرگاهه طور به مشهور هو جتي ٻيڙيون ڏيساور ڏانهن ويندڙ مال پهچائينديون هيون ۽ هتان اهو مال سامونڊي غورابن ۾ چڙهندو هو. واپارين کي ڪسٽم ڊيوٽي يا محصول ڏيڻو پوندو هو. رحيمداد خان مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”شهر کان مال نڪرڻ وقت واپارين کي بندر ۽ سرحد تي مال جي رقم جو پنجون حصو يا ڍل يا محصول طور ڏيڻو پوندو هو“. ساڳئي ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ”شهر جي عالم پناهه جي دروازن مٿان بندر تي خاص برج جڙيل هو، جتي هڪڙو خاص سرڪاري عملدار محصول اوڳاڙيندو هو.“ ڌارين ملڪن جا واپاري، پروانا، راهداري يا پاسپورٽ به انهيءَ عملدار کان وٺندا هئا ۽ وٽس مسلح فوج جو دستو به رهندو هو. جيڪي واپاري چوريءَ مال نيڪال ڪندا هئا، تن کي ڏاڍيون سخت سزائون ملنديون هيون. هن آفيسر يا عامل وٽ باقاعدي هڪ رجسٽر به رهندو هو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويندو هو ته واپاري ڪهڙي ملڪ کان آيو آهي، وٽس ڪهڙو مال آهي ۽ پروانو/ راهداري وغيره به اٿس يا نه. واپاري عملدار کي سموري مال جي رقم ٻڌائيندا هئا ۽ پوءِ ئي هو مال نيڪال ڪري سگھندا هئا. اندازي کان وڌيڪ نفعي خورن کي سزائون ملنديون هيون. رستن ۽ چوڪين تي سرڪاري جاسوس بيهاريل هوندا هئا، جيڪي واپارين جي چرپر جو سرڪار کي اطلاع پهچائيندا هئا. هن بندر تي ڪوڪن، ملبار، سريلنڪا (سرانديپ)، ڪار مندل، ايراني نار، سوراشٽر، مشرقي ٻيٽن، چين، حضرالموت، مصر، فنيقي، ڪلداني ۽ يمن جا سامونڊي غوراب اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. اهڙي بين المملڪتي واپاري مرڪز هئڻ ڪري ڀنڀور جي دنيا ۾ تمام گھڻي هاڪ هئي. ان باري ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”ملڪ جنت السنڌ هندوستان جي ٻين صوبن کان وڌيڪ دولتمند هو ۽ سنڌو نديءَ جي جهاز رانيءَ ۽ مغربي ملڪن کي ويجھو هئڻ سبب ان جو واپار هزارين ورهين کان مغربي ملڪن سان هلندڙ هو.“
مهراڻ جي ماٿري ۽ ڀر وارن ملڪن جي پيداوار ۽ صنعتي شين جي باري ۾ هينري ڪزنس (H.Cousens) پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”هتان بيدمشڪ، لاک، نير، سوٽي ۽ سنهي تند واريون ململون، چمڙو، ريشمي ۽ اوني ڪپڙا، سنڌوءَ جا گھوڙا مغربي ۽ مشرقي ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. نير، لاک ۽ ململ جي مصرين کي تمام گھڻي گهرج هوندي هئي، ڇو ته لاشن جي ”ممين“ ٺاهڻ لاءِ اهي شيون گهربل هونديون هيون.“ اهڙو ئي اظهار علا ابن الفقيه همداني ڪندي لکي ٿو ته ”الله تعاليٰ سنڌ کي هيءَ خصوصيت بخشي آهي، جو منجھس هر قسم جون شيون جھڙوڪ جواهرات، ياقوت، الماس، عاج، عمارتي ڪاٺ، بيد، خوشبودار مسالا، لونگ، دالچيني، عنبر، سنبل، ناريل، صندل، ڪارا مرچ، ساگوان، جانورن ۾ گينڊا، هاٿي ۽ گھوڙا، پکين ۾ مور ۽ طوطا، دوائن ۾ هريڙون ۽ توتيو پيدا ٿين ٿا. ان کانسواءِ سنڌ جا ميوا انب، ليما ۽ نارنگيون، رنگن ۾ ڪرمچي رنگ، نير، لاک ۽ چمڙو جنهن کي رڱڻ جو ڀنڀور ۾ وڏو ڪارخانو هوندو هو ۽ اهو ٻٻر جي وڻن جي ڇوڏن ۾ رڱيو ويندو هو. ڪپهه ۽ چانور، ريشمي ڪپڙو ۽ سوٽي ململ ”سنڌو“، اهي سڀ اهڙيون شيون آهن، جن جي دنيا جي هر مهذب ملڪ کي ضرورت هئي، ۽ اهي هتان ئي ٻين ملڪن ڏانهن ايراني نار ۽ يمن جي بندرن کان مغربي دنيا ڏانهن وينديون هيون. قريش واپاري انهن شين کي شام ۽ مصر جي مارڪيٽن تائين رسائيندا هئا.“ وڌيڪ لکي ٿو ته ”بابل ۽ اشور وارا سنڌ مان عمارتي ڪاٺ، مصر وارا پنهنجن مُردن کي ممين ٺاهڻ واسطي هتان نير، لاک ۽ سنهي ململ گھرائيندا هئا. ڪلديا جا قديم بندر ”اونير“، ”سپارا“ ۽ ”پنور“ سنڌ جي پيداوار جي واپار ڪري دولتمند هئا ۽ ٻاهرين دنيا اهڙين قيمتي شين ڪري ”جنت السنڌ“ اڳيان محتاج هئي ۽ اهو ئي سبب هو، جو هن ملڪ جي دولت کي لٽڻ لاءِ ڌارين قومن وقت به وقت مٿس ڪاهون ڪيون هيون ۽ اهو سلسلو هر صدي جاري رهيو.“ مشرق ۽ مغربي دنيا جي تعلقات تي H.G. Rawlinson هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هڪڙو تفصيلي باب سنڌ جي پيداوار ۽ صنعتي شين بابت ڏنو اٿس ۽ لکي ٿو ته ”سنڌ جي سوٽي ململ جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي ۽ سنڌ جي نالي پٺيان ”سنڊن“ (Sindon) سڏبي هئي. ”سنڊن“ بابت دنيا جي قديم ڪتاب توريت ۾ به ڄاڻايل آهي ته اها ململ دنيا جي هر حصي ۾ خريدي ويندي هئي ۽ خاص ڪري مصر وارا خريد ڪندا هئا. 13 صديءَ جو سياح مارڪو پولو (Marcopolo) پنهنجي تصنيف ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”سنڌ جا قيمتي گھوڙا وڏين وڏين رقمن تي وڪامندا هئا ۽ دکن ۾ في گھوڙي جي رقم پنج سؤ اشرفيون هئي. عربن جي ڪاهه وقت سنڌ ۾ جيڪو سڪو رائج هو، تنهن کي طاطري سڪو سڏيندا هئا ۽ اهو سوماترا کان ايندو هو.“ اهڙي قسم جي ٻئي وڻج واپار ۽ دولت ڪري يوناني جاگرافيدانن کي ”ڀنڀور“ جي سنڌ ۾ هڪ وڏي تجارتي مرڪز هئڻ جي ڄاڻ هئي. بطليموس، جنهن سڀ کان اول دنيا جو نقشو ٺاهيو هو، تنهن ”ڀنڀور“ کي باربريڪ ايمپوريم (Barbarik Emporium) يعني ”واپار جو وڏو مارڪيٽ“ جو نالو ڏنو آهي. اهڙو ئي اظهار W.H. Schoff پنهنجي ڪتاب ۾ ڪندي ٻڌائي ٿو ته ”ٻي صدي عيسويءَ جي برک جاگرافيدان آريان (Arrian) ڀنڀور کي باربيڪ (Barbarike) جي نالي سان سڏيو آهي.“ سنڌي واپاري وڻج ۾ شين جي مٽا سٽا ۽ ڏيتي ليتي ڏاڍي ايمانداريءَ سان ڪندا هئا ۽ سندن انهيءَ خوبيءَ جي، مختلف صدين ۾ مختلف ماڻهن گهڻي واکاڻ ڪئي آهي: جيئن ستين صديءَ عيسوي ۾ هوئن تانگ، يارهين صديءَ عيسوي ۾ شريف ادريسي، تيرهين صديءَ عيسوي ۾ مارڪوپولو ۽ عيسوي پندرهين صديءَ ۾ ڪمال الدين عبدالرزاق سمرقندي. انهن جو ذڪر F.Max Muller به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. سنڌين جي اهڙي قسم جي ساک ۽ ڳڻ جي ڪري R.W Frager لکي ٿو ته ”هن تجارتي شهر ۾ فنيقي، يهودي، ايراني، عرب ۽ مصري سوداگرن جون وڏيون وڏيون واپاري ڪوٺيون هيون، جن اصطخر، حيره، بابل، انطاڪيه، تدمر، پٽيرا، صور، صيدان ۽ مصر ۾ بئنڪون، واپار لاءِ وڏا وڏا مرڪز ۽ ڪوٺيون کوليون هيون. سڪندر اعظم مقدونيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته 325 ق.م ۾ ڀنڀور پهتو ته اتي سنڌوءَ جي ڪناري تي ڪجهه گھوڙا قربان ڪري پوءِ پنهنجي سپهه سالار نيرڪوس کي جهازن جي ذريعي مڪران طرف روانو ڪيائين. ڪنهن به ملڪ يا شهر تي سڪندرِ اعظم ڪاهه ڪرڻ کان اڳ پنهنجي يوناني ديوتائن جي نالي جانور، خاص ڪري گھوڙا ان لاءِ قربان ڪندو هو ته جيئن اهي ديوتائون مٿس خوش ۽ راضي رهن ۽ کيس سوڀ نصيب ٿئي. سڪندرِاعظم حقيقت ۾ مشرق ۽ مغرب جي واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ۽ ڀنڀور کان وٺي حب نديءَ تائين واري علائقي تي قبضو ڪري ”ارابتائي“ (Arabitae)، حب نديءَ کان هنگلاز يا هنگلاج (لس ٻيلي) تي ”ارتائي“ (Oritae) ۽ سون مياڻي راهمبيڪيا (Rhambacia) تي اسڪندريه نالا رکيا. سڪندر اعظم کي جيڪو مال غنيمت مهراڻ جي زرخيز ميدان مان هٿ لڳو، تنهن مان خاص طور چوپايو مال يونان ڏانهن موڪليائين.
سنڌ جي تاريخ ۾ عام طرح ذڪر آھي ته 712ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ ۾ اچڻ سان پھريائين ديبل (ديول) بندر تي قبضو ڪيو ھو، ڪي چون ٿا ته پيرپٺو، جيڪو ٺٽي کان ڇهه ڪوهه پري آھي، سو ديول بندر ھو، ڪن جو وري چوڻ آھي ته ھي ڀنڀور جو شھر ديول بندر ھو. ھتي قلعي جي اندر ھڪ ھاڪارو مندر ھو، جنھن کي مسلمان تاريخ نويسن ”ديول“ سڏيو آھي ۽ شھر کي ”ديول بندر“ ڪوٺيو اٿن. ايترو ته اڄ به ظاھر آھي ته ھي پٽ بلڪل سڻائي ھنڌ تي آھي. ڪراچيءَ وارو سمنڊ ھن پاسي اڄ تائين ڇوليون ھڻي سڄا پٽ پيو پسائي، ننڍيون ٻيڙيون اڄ تائين گسري (گذري) بندر کان گھاري جي کاريءَ تائين اچن وڃن ٿيون ۽ منھوڙي جي ڦرندڙ بتيءَ جو دھو (دئو) به ھن پاسي پوي ٿو.
ڀنڀور ۽ گھاري جي ڀر ۾ ’ڪبير جا پٽ‘ به موجود آهن. چون ٿا ته ’ڪبير ڀڳت‘ سنڌ ۾ آيو ھو ۽ ڪي ڏينھن ھتي آستانو ڪيو هئائين ۽ ٺٽي جي ڪورين جو ڪبير ڀڳت جو آستانو ٺٽي ۾ قائم ڪيو ۽ ڪبير جي پٽ ڪمال ڀڳت جو ميلو ھر سال، ٺٽي ۾ وڏيءَ ڌام ڌوم سان لڳندو آھي. ٻيءَ روايت موجب اصل ۾ سيد ڪبير شاهه ساڪري جي پاسي جو سيد ۽ وڏو شاعر ھو ۽ اھو پٽ شاهه ڏانھن منسوب آھي. (وڌيڪ ڏسو: ڀڳت ڪبير)


هن صفحي کي شيئر ڪريو