داخلا نمبر 5504
عنوان ڀنڊ نظير احمد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 221 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
نظير احمد ڀنڊ

نظير احمد ڀنڊ

ڀنڊ نظير احمد

ڀنڊ ، نظير احمد: نامياري سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ نظير احمد ڀنڊ 26 جولاءِ 1947ع تي بلاول خان ڀنڊ (لڳ خدا آباد) تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي اٿس. هو بنيادي طور آبادگار آهي. سٺو نثرنگار آهي ، سندس ڪتاب ” تختگاهه خداآباد “ (خدا آباد جي تاريخ بابت مضمونن جي ترتيب:2004ع) سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڇپيل آهي. هو هن وقت خدا آباد ۾ رهي ٿو ، ڪيترن ئي سماجي تنظيمن جو ميمبر آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ، خدا آباد جي باني ميمبرن مان آهي ۽ سگا جو مرڪزي عهديدار ۽ تعليمي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.26  عيسوي

نظير احمد ڀنڊ 26 جولاءِ 1947ع تي بلاول خان ڀنڊ ( لڳ خدا آباد ) تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون