داخلا جي تاريخ 2013-03-13
داخلا نمبر 5645
عنوان ڀوتاڻي محمد اسلم
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 346 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
محمد اسلم ڀوتاڻي

محمد اسلم ڀوتاڻي

ڀوتاڻي محمد اسلم

ڀوتاڻي، محمد اسلم: بلوچستان جي هاڻوڪي اسپيڪر محمد اسلم ڀوتاڻيءَ 2 آڪٽوبر 1960ع تي دريجي، ضلعي لسٻيلي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سردار اميد علي ڀوتاڻي آهي. 1982ع ڌاري هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. هن باقاعدي سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت حاصل ڪئي ۽ 2002ع وارين عام چونڊن ۾ هو لسٻيلي جي تڪ پي. بي-45 تان ايم. پي. اي چونڊجي آيو. جڏهن ته 2008ع واري اليڪشن ۾ هن ٻيهر ڪاميابي ماڻي ۽ ’هم خيال گروپ‘ جو پارلياماني ليڊر چونڊيو ويو. هن وقت هو بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر آهي. اسلم ڀوتاڻي ڪيترن ئي ملڪن جا ذاتي ۽ سرڪاري دورا پڻ ڪيا آهن، هو سنڌي، اردو ۽ بلوچي ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.10.02  عيسوي

محمد اسلم ڀوتاڻيءَ 2 آڪٽوبر 1960ع تي دريجي ، ضلعي لسٻيلي ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون