داخلا نمبر 5784
عنوان ڀولا ڪلهوڙا1
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 150 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀولا ڪلهوڙا1

ڀولا ڪلهوڙا: هي ڳوٺ قنبر کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ڏکڻ طرف، وڳڻ لاڙڪاڻي روڊ جي اتر ۾، 200 گھرن تي مشتمل، 10 فوٽن جي هڪ دڙي تي آباد آهي. هن ڳوٺ کي يونين ڪائونسل ٻير ۽ سرڪل قنبر ۾ ديهه جي به حيثيت حاصل آهي. هن ڳوٺ جي اولهه ۾ چنڊيا ڪلهوڙا، اتر ۾ گٺ شاخ (نصير شاخ)، ڏکڻ ۾ گھوگھارو ۽ اوڀر ۾ نئون ڳوٺ واقع آهن. ڳوٺ جي نالي مان ئي خبر پوي ٿي، ته هتي پهرين ڪلهوڙن وسنءَ ڪئي. مقامي روايتن موجب 1782ع ۾ ڪلهوڙن جي اقتدار جي زوال کان پوءِ جڏهن ٽالپر سنڌ جا حڪمران بڻيا، تڏهن هنن مقامي ڪلهوڙن تي ظلم ڪيا. ڪلهوڙن کي گھوڙي تي سواري ڪرڻ، پڳ ٻڌڻ ۽ جاگير رکڻ حرام قرار ڏئي، کين گداگري ۽ فقيريءَ تي مجبور ڪيو ويو. ڪلهوڙن جو شاهي خاندان ته سنڌ ڇڏي هليو ويو، باقي جيڪو غريب خاندان رهيو، انهن مان ڪن گھراڻن پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ کي ڇڏڻ بجاءِ فقيري ۽ گداگري قبولي ڀولا، رڇ ۽ ٻيا جانور پالڻ شروع ڪيا، جنهنڪري اهي اڳتي هلي، انهن جانورن جي نسبت سان مشهور ٿي ويا. هن ڳوٺ جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي جيڪي ڪلهوڙا آباد ٿيا هئا، اهي ڀولا پاليندا هئا، جنهنڪري ڀولائي ڪلهوڙا مشهور ٿيا ۽ اهڙيءَ ريت هن ڳوٺ تي به اڳتي هلي ”ڀولا ڪلهوڙا“ نالو پئجي ويو. هن ڳوٺ جي تاريخي قدامت مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي ڳوٺ 55-1750ع ڌاري آباد ٿيو آهي، جيڪو 87-1738ع ڌاري ”ڀولا ڪلهوڙا“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو