شاعر ڀون سنڌي

شاعر ڀون سنڌي

ڀون سنڌي

ڀَوَن سنڌي : سنڌي ٻولي جو ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڀَوَن سنڌي، جنھن جو پورو نالو ڀونداس پُٽ جئرامداس لوھاڻو آھي، 11 جنوري 1954ع ۾ ’سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان‘ جي محبت سان رچيل شھر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم مير غلام محمد خان ٽالپر جي جوڙايل ٽنڊي باگي جي قديم ۽ تاريخي اسڪول مان حاصل ڪيائين. انٽر سائنس مسلم ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم.ايس.سي (ڪيميسٽري) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين.ان کان سواءِ ايم.اي (اقتصاديات) سنڌ يونيورسٽي ۽ ايل.ايل.بي جو امتحان سنڌ لاڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ڀَوَن سنڌي ڪجھ عرصو وڪالت جي پيشي سان منسلڪ رھڻ کان پوء 1981 ۾ تعليم کاتي ۾ بطور ليڪچرر ڀرتي ٿيو.سرڪاري نوڪري جي دوران تعليم ۽ تدريس کان علاوہ ھن شاگردن جي فڪري اوسر لاءڪئين پروگرام ۽ ٽوئر بہ ترتيب ڏنا ۽ گڏوگڏ اُستادن جي تنظيم سنڌ پروفيسرس ائنڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن جي مختلف عھدن تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 2014 ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي مان رٽائر ٿيو.
ڀَوَن سنڌي دنيا جي مختلف ٻولين جي نامور ڪھاڻيڪارن جون 100 کان وڌيڪ ڪھاڻيون ترجمو ڪري چڪو آھي، جن ۾ 1. درد بڻيو دلرُبا (2015ع) نئون نياپو اڪيڊمي. (ھن ڪتاب کي سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران سال 2015 جو بھترين ترجمي جو ڪتاب قرار ڏنو ويو.) 2. گوري گهاگهر ۽ گوندر (1985ع : پھريون ڇاپو نئون نياپو پبليڪيشن. 2015 : ٻيون ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي.) 3. محبت ماريا ماڻھو (2016ع) نئون نياپو اڪيڊمي 4. ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص (2015ع) نئون نياپو اڪيڊمي شامل آھن. جڏھن ته سندس شاعريءَ جو مجموعو ”سندري، سپنا ۽ صليب“ 1986ع ۾ ڇپيو. اُن کان علاوہ 1976 ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر جي زندگي تي ترتيب ڏنل مخزن “ھھڙا مانجھي مرڻا ناھن “ ، گونمنٽ ڪاليج ڪوٽڙي لاء 2013 ۾ ترتيب ڏنل “باراڻ“مخزن ۽ 1981 ۾ انيل گاف سان گڏ ترجمو ڪيل ناولٽ “برھم پترا پڻ سندس ادبي پورھيئي ۾ شامل آھن.
ڀَوَن سنڌي ڪيترائي ادبي خط، تنقيدي مضمون، شاعري، طبعزاد ڪھاڻيون، مختلف شخصيتن تي خاڪا، مختلف ليکڪن جي ڪتابن تي مھاڳ، پاڪستان ۽ پرڏيھ جا سفر ناما بہ لکيا آھن جيڪي مختلف وقتن تي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آھن. ڀَوَن سنڌي مختلف سماجي ۽ ادبي پروگرامن جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ تقريرون ڪرڻ کان علاوہ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي باگو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ ٽنڊو باگو ۽ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ٽنڊو باگو جو باني ميمبر ۽ سرگرم عھديدار پڻ رھي چڪو آھي.
نوٽ: ڀَوَن سنڌيءَ بابت معلومات کي آنلائن اپڊيٽ ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ ڇپيل جُلد ۾ مختلف رکيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.01.11  عيسوي

ڀونداس 11 جنوري 1954ع ۾ ’ سنڌ راڻيءَ ۽ مير باگي خان ‘ جي شهر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقيرعبدالغني ڀٽي اياز
بهاؤالدين
آدم هنڱورجو
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
ڀائي ڌرمداس
گل محمد رند
فياض ڏاهري
ريحان اعظمي
عرض محمد خان لغاري نواب
درگاهي ميراڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون