داخلا نمبر 5685
عنوان ڀوپو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 150 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
هڪ ڀوپو ٽوڻو ڦيڻو ڪري رهيو آهي

هڪ ڀوپو ٽوڻو ڦيڻو ڪري رهيو آهي

ڀوپو

ڀوپو: سڄيءَ سنڌ، پر خاص ڪري ۽ راجستان وارن علائقن ۾ هندو برادريءَ ۾ جادوگريءَ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ ماڻهن کي ”ڀوپو“ چوندا آهن. ڀوپا اڪثر جادوئي طلسم، تعويذن ۽ ٽوڻن وارن عملن جي ڪري مشهور آهن، جن کي جديد سائنس ۾ غلط تصور ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۽ راجستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڀوپائيءَ جو رواج اڄ به عام آهي. سنڌ کان سواءِ هندستان، ملائيشيا، آفريقا ۽ يورپ جي ڪِن ملڪن ۾ اهي ڀوپا پنهنجي مخصوص طريقي سان اهڙن مريضن جو علاج ڪندا آهن، جن کي شڪ هوندو آهي ته کين غيبات جو اثر آهي. ڀوتاڙيل جي علاج ڪرڻ واري عمل کي ٿر ۾ ”ڀوپائي“ چيو ويندو آهي. اهي ڀوپا پنهنجو مخصوص لباس پائي، وڏيون مالهائون ۽ مڻڪا ڪنڌ ۾ وجهي، غيبي مريضن مان جِنن ۽ روحن/ بدرُوحن جو سايو ڪڍندا آهن. سندن وار عورتن وانگر وڏا ڇڏيل هوندا آهن. اهو رواج هندن ۾ گهڻو آهي، پر مسلمان ڀوپن کي ”عامل“ چيو ويندو آهي. بنگالي عامل، جيڪي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ جادوئي علاج ڪندا آهن، تن جو وري طريقو ئي مختلف هوندو آهي. اهي عامل صرف جادوءَ تي ڀاڙيندا آهن. جڏهن ته ٿر ۽ راجستان جا هندو ڀوپا پنهنجن شاگردن ۽ دوستن سان گڏجي ٽولين جي صورت ۾ ڌوڻي، شوقيه ڪچهريون به مچائيندا آهن. ٿر ۾ ڀيل ذات جا ڀوپا وڌيڪ مشهور آهن. ڪي ڀوپا رات ويلي مُقامن، مڙهين، مندرن ۽ ٻين ديوتائن جي ڏيوَرين ۾ ڌوڻيندا آهن. جن ۾ پاٻوءَ جا ڏيورا وڌيڪ مشهور آهن. پاٻوءَ تي ٿر جا ٺَڪر ۽ ڀيل ذاتين جا ماڻهو گهڻو اعتماد ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو پاٻوءَ جي پِڙ جي سار سنڀال رکندا آهن ۽ جاترين کي ڀاوَ ۽ شفا لاءِ ڌاڳا وٽي ڏيندا آهن، تن کي وري پاٻوءَ جا ڀوپا چيو ويندو آهي. ڪي ڀوپا جنتريون، مالهائون، آکا ۽ سرودا جانچي، وڃايل مال يا ٻين قيمتي شين جو ڏس پڻ ڏيندا آهن. ڪُل وقتي ڪوڙ سان ڀريل اهڙا ڏس ڪيترين ئي برادرين ۾ جهيڙا ڪرائڻ جو باعث به بڻجندا رهيا آهن، تنهن هوندي به ڀوپائيءَ جي عمل ۾ اڃا تائين ساڳيو ئي اعتبار برقرار آهي. جڏهن ته ميڊيڪل سائنس موجب اهي سڀ وهم ۽ وسوسا آهن ۽ اهي شيون اڪثر نفسياتي مرضن جو سبب بڻجنديون آهن.

مختلف تاريخي ڪتاب ۽ لوڪ روايتون اِن ڀوپائيءَ ۽ جادوئي عملن جو آڳاٽي ۽ اڻ سڌريل دور سان لاڳاپيل هئڻ جو ڏَس ڏين ٿا. انساني زندگيءَ جي ان شروعاتي دؤر ۾ خواب ۾ ايندڙ مري ويلن جي ڏيکاري ڏيڻ ۽ انهن کي ريجهائڻ لاءِ سندن ننڍڙا بُوتا ٺاهي، انهن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي وئي. ائين بُتن ۽ ڏيورين جي پوڄا شروع ٿي. انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ مختلف جادوئي عمل ڪري، حيلا هلائي، انهن کي ريجهائيندا هئا. ائين انهن جادوئي ۽ ٽوڻي ڦيڻي وارن عملن به ان دور ۾ جنم ورتو.

ڀوپائيءَ ۽ جادو ڦيڻي جي عملن وسيلي، ڪيترائي ڀوپا جڏهن گهڻي مشهوري ماڻيندا آهن ته اهي غيبي مريضن جي معاشي حالت جي حساب سان علاج واسطي ڪاري رنگ جا ٻَڪر، ڪُڪڙ، دنبا، روڪ پئسا ۽ ٻيون شيون وٺندا آهن. انهن ڀوپن ۾ به طبقا هوندا آهن. ڪي مخصوص ڏيوَرين جا ڀوپا، ڪي سَيدن ۽ اوليائن جا ڀوپا ۽ڪي جادوئي ڀوپا وغيره. ٿر ۾ انهن ڀوپن پويان ڪيترائي ڳوٺ مشهور آهن، جن ۾ ڀوپي جو تڙ، ڀوپي جي ڍاڻي وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن به ڪنهن غيبي مريض جو علاج ڪرڻو هوندو آهي ته پهرين مريض کي سمهاري، ان پويان ڪنهن لوهي شيءِ سان ڪار (ليڪو) ڪڍي، باهه ۾ گرم ڪيل زنجيرن يا لوهي شيخن سان تشدد پڻ ڪندا آهن. سندن عقيدي موجب ڪنهن ڀوت يا جن جو سايو هوندو ته اهو ان ذريعي مريض جي بدن مان نڪري ويندو. ڌوڻڻ (نچڻ) کان اڳ هڪ همراهه مخصوص نموني جي ڍولڪي وڄائيندو آهي، جنهن جو ترنم ئي پنهنجي وڄت جو هوندو آهي. پهريان هوريان هوريان، پوءِ ڪجهه تيز ۽ پوءِ زوردار آواز ۾ ڍولڪي وڄائي ويندي آهي. ان ردم جي ذريعي ڀوپا ڪنهن غيبات جي چنبي ۾ آيل مريض جو علاج ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ڪنهن مهل اهي ڀوپا پنهنجو پاڻ تي به تشدد شروع ڪري ڇڏين ٿا. ائين ڪيترائي مريض توڙي ڀوپا پاڻ زندگيون پڻ وڃائي ويهن ٿا. ڪيترائي مريض جسماني ۽ ذهني تشدد سبب پريشانيءَ جي عالم ۾ گهڙيون گهاري، بيحال ٿي پوندا آهن. ڪيترائي ڀوپا جتي ڪنهن جي جان بچائڻ جا جتن ڪندا آهن، اتي ڪيتريون ئي ويڌنون پڻ انهن جي کاتي ۾ لکبيون آهن. هڪ ٻئي طريقي موجب ٿر ۾ اڃان به نانگ جي ڪکيل جو زهر ڀوپا وات سان چُوسي ڪڍندا آهن. پاڻ مريض جي ويجهو نه ويندا آهن، ڪنهن ٽوال يا پٽڪي جو ڇيڙو نانگ جي ڏنگيل جاءِ تي رکي، زهر چُوسي، اوڳاڇيندا آهن. ان علاج جي آسري ڪيترائي نانگ بلائن جا ڪکيل ماڻهوءَ موت جا مهمان بڻجندا آهن، ته ڪي وري هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ اڄڪلهه ته نانگ جي ڪکيل لاءِ سنيڪ بائيٽ ويڪسين به مارڪيٽ ۾ دستياب آهي. مقامي سرڪاري اسپتالن ۾ سنيڪ بائيٽ انجيڪشنن جي کوٽ توڙي انجيڪشن جي قيمت وڌيڪ هئڻ به ان طريقي واري علاج جو هڪ سبب آهي. ٿر واري پاسي، ڀوپائيءَ وارو عمل طبي علاج جي نعم البدل طور به ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو