داخلا نمبر 5720
عنوان ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 155 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي

ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي: ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي سکر ۾ وڪيل هو. هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ بعد، هو سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ اسپيڪر چونڊيو ويو. انگريزن کان ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به زور شور سان حصو ورتو هئائين. اُن کان اڳ 1911ع کان 1914ع تائين سکر ميونسپالٽيءَ جو صدر رهيو. ان کان پوءِ پنهنجي قابليت آهر ٻيهر به 1924ع کان 1928ع تائين ميونسپالٽي سکر جو صدر چونڊيو ويو. نهايت ايماندار ۽ جان نثار ورڪر هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو