داخلا نمبر 5718
عنوان ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 281 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي

ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي: ڀوڄراڄ هوتچند ناگراڻيءَ (پروفيسر بي. ايڇ ناگراڻي) جو جنم پهرئين مئي 1903 تي حيدرآباد ۾ ٿيو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. هي ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ کان پوءِ ٻيو اهم عالم هو، جنهن ”ساميءَ جا سلوڪ“ ٽن ڀاڱن (1955، 1958ع ۽ 1960ع) ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. ان لاءِ هن ڪوڙي مل چندن مل وارو ڇاپو، مولچند گيانيءَ وارو گرمکي ڇاپو ۽ ملڪ هيرا وارو گرمکي ڇاپو آڏو رکي ”ساميءَ جا سلوڪ“ ترتيب ڏنا ۽ ساميءَ جي جيون ۽ سلوڪن تي تفصيلي مواد لکيو، سندس ”سامي جا سلوڪ“ سن ۾ محمد ابراهيم جويي، ٻن ڀاڱن ۾ 1978ع ۾ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران (تفصيلي مهاڳ ۽ عبدالڪريم سنديلي جي سامي ڪوش سميت) ڇپائي پڌرا ڪيا. ان کان سواءِ بي. ايڇ ناگراڻيءَ جو هڪ ڪتاب ’برهمچريه‘ به ڇپيل آهي، جيڪو پرنسپال ڌرمداس سان گڏ تصنيف ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.05.01  عيسوي

پروفيسر بي . ايڇ ناگراڻي جو جنم پهرئين مئي 1903 تي حيدرآباد ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون