داخلا نمبر 5715
عنوان ڀوڄراج چانڊو مل موٽواڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 353 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀوڄراج چانڊو مل موٽواڻي

ڀوڄراج چانڊو مل موٽواڻي: ڀوڄراج موٽواڻيءَ جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ 1874ع ڌاري ٿيو . ڀوڄراج اڃا سورهن سالن جو هو ، جو سندس پيءُ چانڊومل لاڏاڻو ڪري ويو . سندن گھر جي معاشي حالت ٺيڪ نه هئي ، ان ڪري ڀوڄراج مئٽرڪ جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي وڃي ٽپال کاتي ۾ 15 روپين ماهوار تي نوڪري شروع ڪئي . ڪجهه وقت کان پوءِ هن قمبر ۾ انجينئري کاتي ۾ 30 روپيا ماهوار پگھار تي نوڪري ڪئي ، جتي سندس ملاقات سنت سائين جيوت سنگهه سان ٿي . کيس سندس ديدار مان دلي آنند حاصل ٿيو ۽ هو سائين جيوت سنگهه جو مريد بنجي ويو . هر روز آفيس مان موٽندي ڀوڄراج ، سنتگرو جيوت سنگهه وٽ ايندو هو . سندس خدمت ۽ ڀڳتيءَ ۾ وقت سجايو ڪندو هو ۽ گڏوگڏ ڳائڻ ۽ تنبورو وڄائڻ پڻ سکندو هو . ستگرو جيوت سنگهه شاعر به هو ، ان ڪري سندس صحبت ۾ شاعري ڪرڻ ۽ ڳائڻ لڳو . ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي وري لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ملي ، اتي نوڪري ڪري موڪل واري ڏينهن وري سنتن جي سيوا ۾ حاضر هوندو هو . هن سندن صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو . نوڪري به ايمانداريءَ سان ڪيائين ، کيس ٻه پٽ ٿيا ، جن مان ٽيون نمبر پٽ مشهور سماجي خدمتگار ۽ سنڌ ۾ ٻالڪن جي ٻاريءَ جو باني دادا شيوڪ ڀوڄراج هو . ڀوڄراج موٽواڻيءَ 5 نومبر 1920ع ۾ گذاري ويو . هن سنڌي ۽ هنديءَ م شاعري ڪئي ۽ ” ڀوڄل “ تخلص استعمال ڪندو هو . سندس شاعري ۽ ڀڄن سنڌ جي ” اتم سِڌ منڊلي “ ۽ ” جيون “ چرتر سائين ڀوڄراج “ ڪتابن ۾ درج آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو