داخلا ؛ 4756
پڙهيو ويو ؛ 388
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-11-22


تصويرون


Bhutto-Shahnawaz.gif
شاهنواز ڀٽو
شاهنواز ڀٽو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀٽو شاهنواز

ٽائيٽل ؛ ڀٽو شاهنواز


شاخ : شخصيت

ڀٽو، شاهنواز: شاهنواز ڀٽو -پاڪستان- جي اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم جناب ذوالفقار علي -ڀٽي- جو فرزند هو، 1958ع ڌاري -جنم- وٺندڙ شاهنواز سڀني ٻارن ۾ ننڍو هو. شروعاتي -تعليم- -پاڪستان- ۾ ورتائين، پوءِ اعليٰ -تعليم- لاءِ ٻاهر موڪليو ويو. هو سئٽزرلينڊ ۾ پڙهي رهيو هو ته سندس والد ذوالفقار علي -ڀٽي- جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري تڏهوڪي آمر ضياءُ -الحق- فوجي حڪومت قائم ڪئي ۽ بعد ۾ -ڀٽي- صاحب کي قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. 1979ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي -ڀٽي- کي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو ته -ان- غم ۽ غصي ۽ عوام جي بيچينيءَ سبب شاهنواز -ڀُٽو- پنهنجي وڏي -ڀاءُ- مير مرتضيٰ -ڀٽي- سان گڏ ضياءُ آمريت خلاف جدوجهد ڪئي. سندن وڏي ڀيڻ بينظير ڀٽو پڻ فوجي عتاب هيٺ رهي ۽ ڪجهه عرصو سکر جيل ۾ قيد ڪاٽيائين. هوءَ پنهنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ لاءِ فڪرمند رهندي هئي.
شاهنواز ڀُٽي ۽ مرتضيٰ -ڀٽي- جي شادي -افغانستان- جي هڪ شاهوڪار خاندان مان افغاني جنرل شاهنواز جي ڌيئرن سان ٿي.
18 -جولاءِ- 1985ع تي 27 سالن جي ڳڀرو نوجوان شاهنواز -ڀٽي- جو لاش فرانس جي شهر نائيس ۾ سندس گهر مان مليو، جنهن بابت ڪن حلقن جي راءِ آهي ته کيس -ان- افغان گهرواريءَ ريحانه زهر ڏنو هو. نتيجي طور مرتضيٰ -ڀٽي- پنهنجي افغان گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. ڪن حلقن جو خيال آهي ته شاهنواز -ڀُٽو- ضياءَ -الحق- خلاف هو ۽ -ان- کيس مارائڻ جو منصوبو رٿيو، ۽ شاهنواز ڀٽو -ان- سازش جو شڪار ٿيو. ڪن جي راءِ آهي ته انقلابين جي اصول تحت هن سختيءَ ۽ جاسوسيءَ کان -تنگ- ٿي زهر کاڌو هو. بهرحال قتل جي شڪ ۾ فرينچ حڪومت ريحانه کي گرفتار به ڪيو هو، پر ڪجهه عرصي بعد کيس آزاد ڪري سفر جي اجازت ڏني وئي، جنهن بعد هوءَ -آمريڪا- هلي وئي ۽ هن وقت شاهنواز -ڀٽي- جي ڌيءَ سسئي ڀٽو ساڻس گڏ -آمريڪا- ۾ رهائش پذير آهي.
شاهنواز -ڀٽي- جي خوش مزاجيءَ واري طبيعت سبب سڀ گهر ڀاتي کيس ڀائيندا هئا، هن جي مزار سندس عظيم والد، -بهادر- ڀيڻ ۽ -ڀاءُ- سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ۾ آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀٽو شاهنواز- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀٽو شاهنواز - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن