داخلا ؛ 4765
پڙهيو ويو ؛ 578
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-11-27


تصويرون


mumtaz-bhutto.gif
ممتاز علي  ڀٽو
ممتاز علي ڀٽو



ٽائيم لائين

1933.11.29-A.D
ممتاز علي ڀٽو 29 نومبر 1933ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽي ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--ڀٽو ممتاز علي

ٽائيٽل ؛ ڀٽو ممتاز علي


شاخ : سياستدان

ڀٽو، ممتاز علي: ناميارو سياستدان ممتاز علي ڀٽو 29 نومبر 1933ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هو شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي- جو سئوٽ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جو چيئرمئن آهي. ماضيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ميمبر، وفاقي وزير، گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير به رهيو آهي. هن پرائمري -تعليم- پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ باقي -تعليم- ميسور (ڀارت) مان -تعليم- حاصل ڪئي. 1959ع ۾ ’لنڪنس اِن‘ مان ’بار ايٽ لا‘ ڪيائين ۽ 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ورتي. مارچ 1965ع ۾ 32 سالن جي عمر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. جڏهن ذوالفقار علي -ڀٽي- 30 مارچ 1967ع تي پيپلز -پارٽي- ٺاهي ته هي -ان- جو بنيادي ميمبر رهيو. 1970ع واري چونڊ ۾ سندس مقابلو قاضي فضل -الله- سان ٿيو ۽ هن اها چونڊ کٽي. 24 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي -ڀٽي- کيس سڏي، پهريان سنڌ جو گورنر ۽ پوءِ پهرين مئي 1972ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو.
سنڌ جي وڏي وزير طور هن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجي ڏيڻ جو سنڌ اسيمبليءَ مان -ائڪٽ- پاس ڪرائي سنڌي زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏياريو، پر -ان- جي ڪجهه نام نهاد -اردو- دان طبقن طرفان مخالفت ٿيڻ سبب سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ نتيجي طور مرڪز جي مداخلت تي مير رسول بخش ٽالپور، گورنر سنڌ طور سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جي ٻي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو.
ممتاز علي ڀٽو سٺي ايڊمنسٽريٽر طور مشهور ٿيو. 7 -جنوري- 1977ع تي ٿيل چونڊن ۾ هو هڪ دفعو وري قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. 1977ع ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- کيس پيپلز -پارٽي- سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. -ڀٽي- صاحب جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس ضياءُ -الحق- گرفتار ڪري ورتو. بعد ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. 31 مارچ 1985ع ۾ هن لنڊن ۾ سنڌي -بلوچ- پشتون فرنٽ جي نالي سان نئون -اتحاد- ٺاهيو ۽ پاڻ -ان- جو ڪنيوينر مقرر ٿيو. مارچ 1989ع ۾ حيدرآباد ۾ هن ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو، جنهن ۾ هن سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان سنڌ سطح تي نئين پارٽيءَ جوڙي، جنهن جو پاڻ چيئرمئن ٿيو. -پاڪستان- ۾ ڪنفيڊرل نظام قائم ڪرڻ هن پارٽيءَ جي منشور جو مکيه نقطو آهي. 1993ع ۾ لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 6 نومبر 1996ع ۾ جڏهن صدر فاروق احمد لغاريءَ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته -ان- بعد ممتاز علي -ڀٽي- کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو، کيس پنهنجو ”ٽيلينٽِڊ ڪزن“ سڏيندو هو. ويجهي ماضيءَ ۾ ممتاز علي ڀُٽي شهيد بينظير ڀٽو جي -پارٽي- پاليسين سان اختلاف رکيا، جڏهن ته هاڻوڪي حڪومت تي پڻ -تنقيد- ڪندو رهي ٿو. شڪار جو شوقين ممتاز علي ڀٽو مطالعي جو ذوق به رکي ٿو، ڪجهه سال اڳ هن سنڌ جي قومپرست پارٽين سان گڏجي ”سنڌ قومي اتحاد“ ٺاهيو، جيڪو پائدار ثابت نه ٿيو. هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي -جاگير- جا معاملا سنڀالي رهيو آهي، جڏهن ته پنهنجي فرزند -امير- بخش ڀُٽي سان گڏ پنهنجي پارٽيءَ ”سنڌ نيشنل فرنٽ“ کي پڻ متحرڪ رکندو اچي ٿو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀٽو ممتاز علي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀٽو ممتاز علي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن