داخلا ؛ 4767
پڙهيو ويو ؛ 672
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-12-03


تصويرون


Sir-Shahnawaz-Bhutto.gif
سر شاهنواز ڀٽو
سر شاهنواز ڀٽو

Sir-Shahnawaz-Bhutto-2.gif
سر شاهنواز ڀٽو
سر شاهنواز ڀٽو



ٽائيم لائين

1888.03.02-A.D
سر شاهنواز ڀٽو 2 مارچ 1888ع تي ڄائو

1957.11-19-A.D
سر شاهنواز ڀُٽي 19-نومبر 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--ڀٽو سَر شاهنواز خان

ٽائيٽل ؛ ڀٽو سَر شاهنواز خان


شاخ : سياستدان

ڀٽو، سَر شاهنواز خان: سر شاهنواز خان ڀُٽي جو خاندان هڪ روايت موجب اصل ۾ جيسلمير جي راجپوت گھراڻي ”بالي خاندان“ جي شاخ آهي. جيڪي پهرين پنجاب پوءِ سنڌ ۾ اچي -آباد- ٿيا.
سر شاهنواز خان -ڀٽي- جي ڏاڏي جو نالو خدا بخش خان ڀٽو هو، جنهن پنهنجي نالي ”ڳڙهي خدا بخش خان“ ڳوٺ، رتيديري تعلقي ۾ ٻڌايو. شاهنواز ڀٽو سندس فرزند غلام مرتضيٰ خان، جو پهريون نمبر پٽ هو ۽ ڳوٺ ڳڙهيءَ خدا بخش خان ۾ 2 مارچ 1888ع تي ڄائو. -ٿوري- ابتدائي -تعليم- ڳوٺ ۾ وٺي، پوءِ -انگريزي- -تعليم- لاءِ سنڌ مدرسي ۽ سينٽ پيٽرڪس اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويو. سندس ڏاڏي 1896ع ۾ وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ سگھوئي سندس والد غلام مرتضيٰ خان به جوانيءَ ۾ 31 سالن جي عمر ۾، 1899ع ڌاري وفات ڪري ويو. -ان- ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي، هو اباڻي زمينداري ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڳوٺ واپس آيو. کيس لاڙڪاڻي ۽ جيڪب -آباد- ۾ زمين هئي.
هن 22 سالن جي عمر ۾ ملڪي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. اهو 1910ع جو زمانو هو. جڏهن پهرين ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ڪليڪٽر هوندا هئا. هن حڪومت جي آفيسرن سان سٺا لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا. -ان- کان سواءِ پنهنجي زمين به سڌارڻ طرف ڌيان ڏنو. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو ڪالوني ٺهرايائين، جنهن جي ڪيترن بنگلن ۾ سرڪاري عملدار مسواڙ تي رهندا هئا. هي لاڙڪاڻي جو پهريون زميندار هو، جنهن جديد طرز جي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪئي. عام زميندارن وانگر سارو وقت ڪچهرين يا شڪارن ۾ نه گذاريندو هو. هر ڳالهه لاءِ وٽس وقت مقرر هوندو هو. وٽس ماڻهو اطلاع سان ايندا هئا، عملدارن سان سٺن تعلقاتن ڪري، کيس 1919ع ۾ او. پي. او جو خطاب مليو ۽ 1921ع ۾ کيس ”خانبهادر“ ۽ 1924ع ۾ ”قيصر هند“ جو خطاب مليو. 1925ع ۾ کيس ”سي.آءِ. اي“ جو لقب ۽ پهرين -جنوري- 1930ع تي ”سر“ جو خطاب مليو.
سر شاهنواز خان ڀٽو 1919ع ۾، ”منٽو مارلي رفارمس“ هيٺ هڪ سال لاءِ زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان امپيريل ڪائونسل دهليءَ ۾ چونڊجي ويو، -جتي- 1920ع تائين ميمبر هو. 1920ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هو مسلسل 1933ع تائين رهندو آيو. مانٽيگو چيمسفورڊ رفارمس بعد 1921ع جي شروعات ۾، هيءُ لاڙڪاڻي ضلعي مان -بمبئي- ڪائونسل تي چونڊجي ويو، جنهن تي 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ تائين رهندو آيو. 1925ع ۾، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ چونڊيو، ۽ -ان- جماعت ۾ انهيءَ حيثيت سان، 1933ع ۾ -بمبئي- سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ جي وزير ٿيڻ تائين، رهندو آيو. هو سنڌ مان -بمبئي- ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن جو 1925ع کان وٺي هو ليڊر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ تائين رهيو.
هن ڪوآپريٽو تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ، خانبهادر عظيم خان سان گڏجي ڪافي ڪوشش ورتي. ڪيتري وقت تائين هو لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽو -بئنڪ- جو چيئرمئن چونڊبو آيو. سرڪار طرفان کيس 1920ع ۾، فرسٽ ڪلاس آنرري اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن منصب تي 1930ع تائين ڪم ڪندو آيو.
بمبئي علائقي پاران ”سائمن ڪميشن“ کي مدد ڪرڻ لاءِ، جيڪا ڪميٽي مقرر ٿي هئي، -ان- جو هن کي چيئرمئن مقرر ڪيو ويو هو. -ان- ۾ ”سنڌ جي جدائيءَ“ واري سوال تي ووٽ نه ڪرڻ تي سنڌ ۾ گھڻو چوٻول پيدا ٿيو ۽ مٿس نقطه چيني ڪئي وئي. پوءِ عام راءِ جو احترام ڪندي، هن سگھوئي پنهنجو رخ بدلايو ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن طرفان ٺهراءُ پاس ڪرائي، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ اجلاس طلب ڪرايائين. نومبر 1930ع ۾، لنڊن ۾ ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس لاءِ کيس سرڪار طرفان سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. اتي سنڌ جي سوال تي غور ڪرڻ لاءِ برطانيه سرڪار طرفان لارڊ رسل جي چيئرمئنيءَ هيٺ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن تي سنڌ مان سر غلام حسين هدايت -الله- ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو ميمبر هئا. -ان- ڪميٽيءَ ۾ هن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ پرزور تقرير ڪئي. تڏهوڪي بمبئيءَ جي گورنر جي هڪ تقرير مان ايئن معلوم ٿئي ٿو ته سکر -بئراج- اسڪيم کي -ايگزيڪيوٽو- ڪائونسل دهليءَ کان منظور ڪرائڻ ۾ به سر شاهنواز خان جو وڏو هٿ هو. 1932ع ۾، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ علامه يوسف عليءَ جي صدارت هيٺ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ڪٺي ٿي. ڀٽو صاحب -ان- جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن هو. اتي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ نالي سان قائم ڪيل جماعت جو کيس صدر چونڊيو ويو، جنهن جو سيڪريٽري سيد ميران محمد شاھه هو.
1924ع ۾ شاهنواز خان -ڀٽي- کي -بمبئي- سرڪار جو وزير چونڊيو ويو ۽ کيس لوڪل سيلف گورنمنٽ جو کاتو ڏنو ويو. جنهن عهدي تي 1936ع جي مارچ تائين رهيو. -ان- کان پوءِ هڪ سال لاءِ سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار ٿي رهيو.
سنڌ ۾ جڏهن سائين جي. ايم. سيد 1934ع ۾ ”سنڌ پيپلس -پارٽي-“ نالي جماعت برپا ڪئي ته -ان- جو ليڊر شاهنواز خان -ڀٽي- کي چونڊيو ويو. سنڌ ۾ سياسي جماعتن ٺاهڻ لاءِ اها پهرين ڪوشش هئي. -ان- کان اڳ سنڌ جي پارليامينٽري سياست لاءِ مسلمانن ۾ ڪا جماعت ڪانه هئي. ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ گھڻو ڪري گورنرن يا وائسراءِ کي تقريرن ذريعي شڪايتون پيش ڪرڻ ۽ ٺهرائن پاس ڪرائڻ جي ايجنسي ٿي ڪتب ايندي هئي. سنڌ آزاد ڪانفرنس جو مقصد ’سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ‘ لاءِ ڪوشش ڪرڻ هو. -ان- وقت تائين سنڌ ۾، ڪن خاص با اثر شخصي گروهن ذريعي ڪم هلندو هو. -جن- ۾ هڪ گروھه سر غلام حسين هدايت -الله- جو هو ۽ ٻيو سر شاھنواز خان -ڀٽي- جو.
1936ع ۾ سنڌ جي جدا صوبي جي صورت اختيار ڪرڻ شرط وري سياسي پارٽين ٺاهڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿيون. هن دفعي سائين جي. ايم. سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، پنجاب جي يونينسٽ پارٽيءَ جي نموني تي ”سنڌ -اتحاد- -پارٽي-“ ٺاهي، ۽ ٻنهي گروهن جي اڳواڻن کي -ان- ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست ڪئي. ٻنهي گروهن -ان- ۾ -ان- شرط تي شريڪ ٿيڻ قبوليو ته پارٽيءَ جو ليڊر سيٺ عبدالله هارون ٿيندو، ۽ ڊپٽي ليڊر اهي ٻيئي ٿيندا. هي ٻيئي ڪنهن هڪ جي ليڊر شپ هيٺ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ 31 -آڪٽوبر- 1936ع تي ”-اتحاد- پارٽيءَ“ جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ -آئين- پاس ڪيو ويو. چونڊن مهل، پارٽيءَ طرفان جڏهن ٻيو ڊپٽي ليڊر، سيد ميران محمد شاھ مقرر ٿيو، تڏهن سر غلام حسين وارو گروھ ڪنوينشن مان احتجاج طور اُٿي ويو، ۽ وڃي ٻي جماعت بنايائون. -اتحاد- پارٽيءَ جو ليڊر ڪجھه عرصو حاجي عبدالله هارون رهيو، پر پوءِ -ان- استعيفيٰ ڏنائين ۽ -ان- جو ليڊر سر شاهنواز خان چونڊيو ويو ۽ حاجي عبدالله هارون ڊپٽي ليڊر طور ڪم ڪرڻ لڳو. -اتحاد- -پارٽي- غير جانبدار -پارٽي- هئي. سر غلام حسين واري مسلم ليگ سياسي -پارٽي- فرقيوار هئي. چونڊن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو، ۽ حاجي عبدالله هارون، ٻيئي ليڊر، فرقيوار پروپگئنڊا جي زور سبب شڪست کائي ويا. پر چونڊن ۾ -اتحاد- پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، -جن- سر شاهنواز کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گورنر کي درخواست ڏني. کيس چونڊرائڻ لاءِ سائين جي. ايم. سيد پنهنجي استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ليڪن گورنر اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه -جمهوريت- جي روايتن جي خلاف هئي ته هڪ شڪست کاڌل ليڊر کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گھرائجي. نيٺ هن منٿ ڪري، سر شاهنواز خان کي بمبئيءَ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبريءَ لاءِ رضامند ڪيو. سر شاهنواز خود دل شڪستو ٿي پيو هو ۽ -ان- کان پوءِ وڌيڪ سياست ۾ رهڻ نه ٿي گھريائين.
4 -اپريل- 1937ع تي، سر شاهنواز ڀٽو پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ 1945ع تائين اُتي ڪم ڪندو رهيو. 1945ع کان جھوناڳڙهه اسٽيٽ ۾ ديوان مقرر ٿيو. -جتي- 1948ع تائين رهندو آيو. جڏهن جھونا ڳڙھه اسٽيٽ هندستان جي هٿ هيٺ آئي ۽ نواب آف جھونا ڳڙھه -پاڪستان- آيو ته هيءُ به ساڻس گڏجي هتي آيو. ڪجھه وقت تائين هتي به هو ديوان رهندو آيو، پر پوءِ صحت جي خرابيءَ سبب -ان- منصب -تان- استعيفا ڏنائين.
سر شاهنواز خان -ڀٽي- ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرئين گهر مان امداد علي خان ۽ سڪندر علي خان فرزند ٿيس. اها گهرواري سندس حياتيءَ ۾ ئي -اپريل- 1950ع ۾ انتقال ڪري وئي. جڏهن ته سندس ٻي گهر واري 28 -آڪٽوبر- 1962ع تي وفات ڪئي، جنهن مان کيس ذوالفقار علي خان ڀٽو 5 -جنوري- 1928ع تي ڄائو، جيڪو -انگلنڊ- مان بئرسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري آيو. 1958ع کان -جولاءِ- 1966ع تائين -پاڪستان- حڪومت ۾ وزير جي عهدي تي رهيو. پوين سالن ۾ هو -پاڪستان- جو پرڏيهي وزير به رهيو ۽ پوءِ -پاڪستان- جو صدر ۽ وزيراعظم ٿي رهيو. (وڌيڪ ڏسو: ڀٽو، ذوالفقار علي).
سياسي مسلڪ: سر شاهنواز خان سنڌ جي ٻين سياستدانن وانگر عملي سياست جو مکيه رڪن هو، جنهن ۾ اقتدار ذريعي ملڪي خدمت جي مقصد کي اڳيان رکيو وڃي ٿو. سندس سياسي پاليسي غير فرقيوارانه ۽ -آبادگار- طبقي جي حمايت واري هئي. هن 19-نومبر 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي ۽ ڳڙهي خدا بخش جي تاريخي قبرستان ۾ مدفون آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀٽو سَر شاهنواز خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀٽو سَر شاهنواز خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن