داخلا ؛ 4758
پڙهيو ويو ؛ 558
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-11-22


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀٽو علي محمد

ٽائيٽل ؛ ڀٽو علي محمد


شاخ : شخصيت

ڀٽو، علي محمد: علي محمد ڀٽو ولد حڪيم نور محمد، 23 سيپٽمبر 1908ع تي ڳوٺ پير بخش -ڀٽي- (ميرپور -ڀٽي-) تعلقي رتيديري ۾ -جنم- ورتو. ابتدائي -تعليم- ڳوٺ پير بخش -ڀٽي- جي سنڌي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين، -ان- کان پوءِ لاڙڪاڻي مدرسي، جيڪب -آباد- هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. 1929ع ۾ مٺڻ ڪوٽ پنجاب ۾ -آبپاشي- کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. 1930ع ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ ڪلارڪ/ ٽائيپيسٽ مقرر ٿيو. چيمبرس آف ڪامرس ڪراچيءَ ۾ ڪورس ڪرڻ کان پوءِ اسٽينوگرافر -انگريزي- مقرر ٿيو. رائل ڪاليج صدر ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ اسپيڊ ڪلاسز ۾ داخلا ورتائين، -جتي- پوءِ ٽيچر مقرر ٿيو. 1931ع کان 1936ع تائين جيمس -آباد-، ميرپور خاص ۽ سکر بدلي ٿي آيو، -جتي- سکر -بئراج- جي آفيس ۾ انجنيئرنگ کاتي ۾ ملازم ٿيو ۽ -بئراج- ڪالوني سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1939ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ انگريزيءَ جو آفيشل رپورٽر مقرر ٿيو، 1940ع ۾ سنڌي رپورٽر مقرر ٿيو. 1952ع ۾ رضاڪارانه طور رٽائرمينٽ حاصل ڪري ٽي اخبارون، ”دي اسٽيٽ سرونٽ“ هفتيوار، ”حمايت حق“ ۽ ”-پاڪستان--اردو- ۾ هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر مان -جاري- ڪيائين. محمد ليٿو پريس اسٽيٽ، سرونٽ پريس، فضل پرنٽنگ پريس قاضي عبدالقيوم روڊ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي پريسن مان ڇپائي پڌرو ڪرڻ لڳو. 1955ع ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي کيس واپس نوڪريءَ ۾ رکيو، بعد ۾ زراعت کاتي حيدرآباد ۾ پبلسٽي آفيسر رهيو، خيرپور ۾ بدلي ٿيڻ بعد واپس اولهه -پاڪستان- -اسيمبلي- لاهور ۾ آفيشل رپورٽر مقرر ڪيو ويو. -ان- دوران -ايوب خان- طرفان کيس بنيادي -جمهوريت- ۾ عوامي نمائندن آفيسرن جي سکيا لاءِ آفيسر مقرر ڪيو ويو، -جتي- عبدالحميد خان -جتوئي-، نصر -الله- ڪلهوڙي ۽ محمد صالح ٻُٽ کي پڻ هن سکيا ڏني. 1962ع کان مارچ 1965ع تائين لاهور ۾ اسيمبليءَ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ رٽائرمينٽ ورتائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ خيرپور ميرس ۾ ’قائد ڪمرشل ڪاليج جو افتتاح‘ اُن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڪئپٽن محمد عثمان عيساڻيءَ کان ڪرايائين، بعد ۾ اهو ڪاليج حيدر چوڪ حيدرآباد منتقل ٿي ويو، -جتي- شاگرد ٽائيپ ۽ شارٽ هئنڊ سکندا هئا.
علي محمد -ڀٽي- ”سنڌي آواز نويسيءَ“ جا ٽي ڀاڱا ۽ ٽنهي ڀاڱن جي لاءِ -ان- جي ’ڪنجي‘ تيار ڪئي ۽ ’سنڌي آواز نويسيءَ جي لغت‘ به تيار ڪئي، جيڪا لغت سنڌ -اسيمبلي- ۽ ڪورٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۽ سيڪريٽريٽ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي ٻڌل اندازاً 700 کان 1000 لفظن تي مشتمل آهي. -ان- کان سواءِ ملاوتي حرفن جا 12 جلد تيار ڪرڻ دوران 31 مارچ 1987ع تي وفات ڪري ويو، هڪ پٽ هڪ بيواهه ۽ چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀٽو علي محمد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀٽو علي محمد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن