داخلا نمبر 4784
عنوان ڀٽي زيب
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 246 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀٽي زيب

ڀٽي، زيب: سنڌ جي نالي واري اديب ۽ استاد ’زيب ڀٽيءَ‘ جو پورو نالو قادر بخش ڀٽي آهي. هي 10 مارچ 1932ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي (سنڌي) ۽ بي. ايڊ، بي. ٽي اٿس. پيشي جي لحاظ کان سنڌيءَ جو رٽائرڊ پروفيسر آهي. هي هڪ سٺو شاعر ۽ نثر نويس آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنل ۽ ڇپيل آهن، جن ۾ ”سر ڏهر“ (1974ع) ۽ ”سنڌي سڳنڌ“ ٻيا شامل آهن. هي هن وقت ٽنڊو محمد خان ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو