داخلا ؛ 4791
پڙهيو ويو ؛ 668
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-12-17


تصويرون


Qamar-Bhatti.gif
قمر ڀٽي
قمر ڀٽي



ٽائيم لائين

1958.01.21-A.D
قمرالدين ڀٽي 21 جنوري 1958ع تي ڳوٺ فيض محمد کوکر لڳ باڊهه شهر ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--ڀٽي قمر

ٽائيٽل ؛ ڀٽي قمر


شاخ : سياستدان

ڀٽي، قمر: قمر ڀٽيءَ جو پورو نالو قمرالدين -ڀٽي- ولد حاجي محمد سليمان -ڀٽي- آهي. 21 -جنوري- 1958ع تي ڳوٺ فيض محمد کوکر لڳ -باڊهه- شهر، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- پراڻي -باڊهه- مان 1969ع ۾، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول -باڊهه- مان 1973ع ۾، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1975ع ۾، بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1982ع ۾ ايم. اي (اڪنامڪس) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1987ع ۽ ايل. ايل. بي لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1993ع ۾ پاس ڪيائين.
قمر -ڀٽي- اديب، شاعر ۽ سياستدان آهي. ”جيئي سنڌ قومپرست پارٽيءَ“ جو اڳواڻ آهي ۽ هن وقت وڪالت ڪري رهيو آهي.
قمر ڀٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ (1) گيت منهنجا گوليون (1984ع)، (2) هند ۾ -جلاوطن- سنڌي (1987ع)، (3) ڦٽڪن لڳڻ وارو ڏينهن (1981ع)، (4) محڪوم ملزم، حاڪم جج 1982ع، (5) ايم. آر. ڊي تحريڪ (1983ع)، (6) سڀاش چندر بوس (1984ع)، (7) مهاجرن جو مستقبل (1983ع)، (8) دارالاصلاح (جيل ڊائري: 1980ع)، (9) سنڌ ڪيئن آزاد ٿيندي (1991ع)، (10) سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي (1991ع)، (11) سياست ۽ سازشون. -ان- کانسواءِ سياست ۽ ادب تي سندس ڪيترا ڪالم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. قمر -ڀٽي- ”عوامي سوڀ“ جو -ايڊيٽر- به رهيو آهي.
قمر -ڀٽي- شاگرديءَ جي زماني کان سائين جي. ايم. سيد جي نظريي، سوچ يا شخصيت کان متاثر رهيو. شاگرد تنظيم جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سال 1984ع ۾ مرڪزي صدر رهيو ۽ 1990ع کان ”جيئي سنڌ قومپرست پارٽي“ جو چيئرمئن آهي. هن شاگرديءَ ۽ سياست دوران 13 سال قيد ڀوڳيو، 30 ڦٽڪا کاڌا ۽ 3 سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ٿيو.
قمر -ڀٽي- صاحب ڪيترن ملڪن جا دورا پڻ ڪيا آهن، -جن- ۾ هندستان، هانگ ڪانگ، -افغانستان- ۽ انگلينڊ شامل آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀٽي قمر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀٽي قمر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن