داخلا ؛ 5098
پڙهيو ويو ؛ 185
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-23


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀڳت رامچندر

ٽائيٽل ؛ ڀڳت رامچندر


شاخ : شخصيت

ڀڳت رامچندر: -ڀڳت رامچندر- ذات جو لُهاڻو ۽ ڳوٺ ”چر“ تعلقي ساماري ضلعي ٿرپارڪر (هاڻي ميرپورخاص) جو رهاڪو هو. سندس -جنم- 1765ع ڌاري ٿيو. رام چندر جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي ڀڳتيءَ ڏانهن مائل هئي، سو جوانيءَ ۾ قدم رکندي ئي اچي صوفي ”صادق“ فقير جو مريد ٿيو. پنهنجي نيڪ نيتيءَ، اندر جي اجرائي ۽ جهد جي ڪري، صادق فقير جي -ٽن- مشهور وڏن (ڪبيرن) خليفن مان هڪ هو. سندس فقيريءَ جا عجيب لقاءَ هئا. ظاهري طرح ته -ڀڳت- هندو هو پر نماز پنج وقت ئي پڙهندو هو ۽ مراقبو ڪندو هو. گھٽ کائڻ، -ٿورو- سمهڻ ۽ محنت مزدوري ڪرڻ سندس خاص عادتون هيون. سندس معاش جو ذريعو گھور ڪرڻ هو. ڏينهن جو گڏهه تي معمولي وکر وجھي ڳوٺن ۾ وڪڻڻ ويندو هو ۽ رات جو اچي مرشد جي حاضريءَ ۾ رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته گھور جي سانگي پري وڃي نڪرندو هو. حالانڪه صادق فقير جو فقيراڻو گنج ۽ ننگر اڻکٽ هو ۽ -ڀڳت- جيڪڏهن گھور ڇڏي، فقير صاحب وٽ ويهي رهي ها ته به کيس کاڌو ۽ ڪپڙو پيو ملي ها، پر -ڀڳت- جي طبيعت محنت ۽ مزدوريءَ کان سواءِ مفت جي ماني کائڻ تي ڪڏهن به راضي نه ٿي. هن -ڀڳت- جي وسيع المشربيءَ سخا جون ڪيئي ڪهاڻيون پيون ٻڌجن، -ڀڳت رامچندر- هڪ بيوه سيده خاتون جي ڏکئي وقت ۾ جيڪا خدمت ڪئي، اها بيمثال آهي. هن جي انهيءَ نيڪي، سخا ۽ خدمت جو داستان ڊگھو آهي. -ڀڳت- رامچندر، صادق فقير جي وفات کانپوءِ ٽي سال حيات رهيو ۽ 1851ع ڌاري پرلوڪ پڌاريو. -ڀڳت- صاحب سنڌيءَ جو شاعر هو. سندس شاعري بيتن تي مشتمل آهي. سندس -بيت- سادا ۽ سريلا آهن. -ڀڳت- ظاهري طرح هندو هو، پر مٿس مسلم فڪر غالب هو، حقيقت ۾ هي هڪ صوفي -انسان- هو. سندس هيٺين بيتن مان اهڙو اندازو ڪري سگھجي ٿو:
ڪلمو وڏي قرب مان، -ڀائي- ويٺو ڀر،
اها راهه ”رامچندر“ چئي، آهي پيغمبريءَ پر،
گروءَ سندو گھر، اٿئي اندر جي -اوطاق- ۾.
-
ڪلمي سڀ ڪڪوريا، خواجا نبي ۽ شاهه،
لڳن رنگ ”رامچندر“ چئي، اندر ٿيا اجھا.
ڀڃي سڀئي ڀاءَ، نسورو ئي نور ٿيا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀڳت رامچندر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀڳت رامچندر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن