داخلا ؛ 5093
پڙهيو ويو ؛ 248
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-22


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ڀڳت پيسو رام

ٽائيٽل ؛ ڀڳت پيسو رام


شاخ : شخصيت

ڀڳت پيسو رام: امر شهيد -ڀڳت ڪنور رام- جي فرزند پيسو رام 8 -آگسٽ- 1917ع تي سکر ضلعي جي -جروار- ڳوٺ ۾ -جنم- ورتو. پيءُ وانگر ڳائڻ شروع ڪيائين. 1935ع -ڀڳت ڪنور رام- سندس شادي جيٺا نند زميندار جي نياڻيءَ پريتان ٻائيءَ سان ڪرائي. شاديءَ جي موقعي تي ڪيترا سنت، مهاتمائون ۽ گُني گياني آيا. پيسورام به -ڀڳت ڪنور رام- وانگر نماڻو، سادو، نهٺو ۽ سخي آهي. پيءُ جي روايت تي قائم رهندي، غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ابتدا ۾ سکر ۾ مينگهراج جي ڪوٺين تي لکپڙهه جو ڪم ڪندو هو. -ڀڳت ڪنور رام- جي شهادت بعد حالتون سازگار نه ڏسي ڪجهه سال ڪلڪتي طرف پڪوڙ ۾ نيڀراج هرومل وٽ منيب ٿي رهيو. پنجن سالن بعد وري سنڌ موٽي آيو ۽ جروارن ۾ پورهيو ڪري گهرٻار جي پالنا ڪرڻ لڳو. پيءُ وانگر ڳائڻ وڄائڻ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ -جاري- رکيائين ۽ -ڀڳت ڪنور رام- جي شرڌالن جي خدمت ڪندو رهيو. سندس آواز ۾ به سوز هو. ورهاڱي کان پوءِ ڏهن سالن تائين جروارن ۾ رهيو. 1957ع ڌاري سنڌ جا وڻ ڇڏي ڀارت ۾ امراتيءَ ۾ وڃي ديرو ڄمايائين. اتي ڪنور -ڀڳت- جو آستان آهي ۽ -ان- سڄي ايراضيءَ کي ”ڪنوررام نگر“ سڏيندا آهن. -ڀڳت- پيسورام، -ڀڳت ڪنور رام- جي هتي جوت جلايو ويٺو آهي. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀڳتي ڪندو آهي. سندس پٽ امراوتيءَ ۾ دڪان سنڀاليندو آهي ۽ پيءُ، پيسورام وانگر ستسنگ ۽ -ڀڳت- رنگ قائم رکيو پيو اچي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ڀڳت پيسو رام- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ڀڳت پيسو رام - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن