داخلا نمبر 5147
عنوان ڀڳت ڪبير
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 1022 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ڀڳت ڪبير

ڀڳت ڪبير

ڀڳت ڪبير

ڀڳت ڪبير: ننڍي کنڊ جي ويدانتي صوفي شاعر ڀڳت ڪبير جو جنم چوڏهين صديءَ جي آخر ۾ ٿيو. پندرهين صدي عيسويءَ جي شروعات جو زمانو، جڏهن هندوستان جي ڪجهه حصي تي ابراهيم لوڌيءَ جي حڪومت هئي. ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل ۽ مذهبي وِسوَسن جو زمانو هو. ننڍو کنڊ انڌن عقيدن طرف وڌي رهيو هو. ان ئي دور ۾ اڄ کان تقريباً 600 سال اڳ فقير طبيعت جو مالڪ ۽ صاف گو انسان، ڀڳت ڪبير پيدا ٿيو. سندس پوئلڳن جو گهڻو حصو ان ڳالهه تي متفق آهي ته 1398ع ڌاري بنارس جي ڪاشي شهر جي نيرو ۽ نيما نالي بي اولاد جوڙي کي صبح سوير جمنا نديءَ جي ڪناري تي تازو ڄاول ٻالڪ ڪبير مليو. ڪاشيءَ جا هي ڪوري جيتوڻيڪ مسلمان ٿي چڪا هئا، پر پوءِ به ناٿ پنٿ جي يوگين جو اثر مٿن نمايان هو. ذات پات جي اثر ڪري هندو توڙي مسلمان هن ڪوري خاندان کي عزت جي نگاهه سان نه ڏسندا هئا. ڪبير هنن ڪورين وٽ پلجي وڏو ٿيو. هن لوئي نالي هڪ لاوارث عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪمالو ۽ ڪمالي نالي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ پيدا ٿيا. چون ٿا ته ڀڳت ڪبير اڻ پڙهيل هو ۽ ڪورڪو ڪم ڪري گذران ڪندو هو. ڀڳتي مارڳ جي مشهور ڀڳت سوامي رامانند جو چيلو ٿيو. ڀڳت ڪبير 27 سالن جي عمر ۾ مشهور بزرگ گرونانڪ سان گڏيو. 120 سالن جي طويل عمر ماڻڻ کان پوءِ 1518ع ۾ مگهر شهر ۾ چولو مٽايائين. سندس خاڪي جسم تي هندن ۽ مسلمانن جي وارثي ڪري جهڳڙو به ٿيو هو.

ڀڳت ڪبير طبيعت ۾ سادو، بي ڊپو، صاف گو ۽ خيالن جي آزاديءَ جو قائل هو. ذات پات جي فرق، هندو مسلم نفرت، انڌن عقيدن، مورتي پوڄا ۽ ٻاهرئين ڏيک جو سخت مخالف هو. هن ننڍي هوندي کان ئي ناٿ يوگين جي روحاني رياضت جو طريقو سکي ورتو هو پر ڀڳتيءَ مارڳ جي اڳواڻ سوامي رامانند جي چيلي ٿيڻ ڪري کيس يوگ جي راهه جي خشڪي ۽ ڀڳتيءَ جي رستي جي لذت جو احساس ٿيو. پوءِ هن يوڳ جي ساڌنائن (مشقن) ۽ ڀڳتي مارڳ جي پريم راڳ کي ملائي نئون ”سنت مارڳ“ يا ”سنت واد“ تخليق ڪيو. سنت واد جا هيٺيان اصول چيا وڃن ٿا:

(1) پرماتما (خدا) جو لطيف ترين تصور، (2) گرو (مرشد) ڪرڻ جي ضرورت، (3) انسان کي خدا جي جوت (روشنيءَ) جو حصو سمجهڻ، (4) ستسنگ (سچن جي سنگيت) ڪرڻ، (5) ويراڳ (دنيا کان ڪنارو) ڪرڻ، (6) نفس جي نفي ڪرڻ، (7) گوشت خوري ترڪ ڪرڻ، (8) ذات پات جو خاتمو، (9) محنت ڪري ڪمائي کائڻ، (10) انسانن ۽ جانورن تي رحم ڪرڻ.

ڀڳت صاحب هر ڳالهه کري ۽ پوري سگهه سان چوڻ جو قائل هو. ان ڪري برهمڻ، پنڊت، قاضي ۽ مُلا سندس خلاف هئا. مذهبي ٺيڪيدارن مٿس لڳايل ڪوڙن الزامن هيٺ وقت جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ کيس، هٿ پير ٻڌي گنگا نديءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ، باهه ۾ ساڙائڻ ۽ هاٿي جي پيرن هيٺان لتاڙائڻ جهڙيون سخت سزائون ڏنيون، پر هو اهو ئي چوندو رهيو ته ”آءٌ هڪ رام کان سواءِ ٻئي کي سلام ڪريان ئي ڪو نه“. سندس نظريي جي جهلڪ هن شعر ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

ايــــڪ نــرنــَجَــــن الله مـيــــرا،

هــندو تــُرڪ دونون نهين ميرا،

راکــون ورت نـه مـحـرم جــانا،

تِــس ســمروُن جــو رهـي نـدانا،

پَوجا ڪرون نه نماز گذاَروُن،

ايڪ نراڪار هردئه نمسڪارون،

نا حج جائون، نا تيرٿ پوجا،

ايڪ پڇاڻِيا تَئهِ ڪيا دُوجا،

ڪَهه ڪَبير ڀَرَم سب ڀاگا،

ايڪ نرنجن سون مــن لاگا.

ڀڳت ڪبير انڌن عقيدن جو ايترو ته مخالف هو، جو جڏهن کيس خبر پئي ته ڪجهه ماڻهن اهو عقيدو جوڙيو هو ته، ”جيڪو ماڻهو ڪاشي شهر ۾ مرندو، اهو سڌو سرڳ ويندو“ ته هو وفات وقت ڪاشي ڇڏي، گهر هليو ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.

ڀڳت ڪبير هنر يا ڪلا ڏيکارڻ لاءِ شاعري نه ڪئي، پر هن جي ويچار ڌارا صرف سچ جي ڳولا لاءِ هئي ۽ سچ کي ظاهر ڪرڻ سندس مقصد هو. جيتوڻيڪ سندس شاعري مستانه رنگ جي آهي، پر پوءِ به سندس شعر ۾ قافيو، تجنيس حرفي ۽ تشبيهون نمايان نظر اچن ٿيون. ان کان سواءِ عام چوڻيون، پهاڪا ۽ داستانن جا ٽاڻا موجود آهن. ڪبير جي واڻي دوهن، چوپاين ۽ واڻين (ٻاڻين) تي مشتمل آهي. کيس واڻيءَ جو شهنشاهه چيو وڃي ٿو.

ڪبير پنٿين سندس شاعريءَ کي چئن حصن ۾ ورهايو آهي. (1) ڪوٽ واڻي، (2) مول گيان، (3) ساکي، (4) ٻيجڪ.

شايد اهي فڪر جون ڏاڪڻيون آهن. ڪبير بابت سوَن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. بنگالي ٻوليءَ ۾ لکيل ”ڪبير ڪي پد“ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو مشهور ڪوي رابندرناٿ ٽئگور ڪيو هو، جيڪو ”One hundred Poems of Kabir“ عنوان سان شايع ٿيو هو.

ڪبير جي ٻوليءَ بابت هندستاني دانشورن جو رايو آهي ته اها ادبي ٻولي نه آهي، پر اها گڏيل ٻولي آهي. ڪبير پاڻ چيو آهي”ميري بولي پوربي“. ڪبير جي اڻپڙهيل هئڻ ۽ سندس چيلن جي پنجاب، بهار، اترپرديش ۽ راجسٿان ۾ هئڻ ڪري سندس رچنائن ۾ راجسٿاني، پنجابي، عربي، فارسي ۽ سنسڪرت جا لفظ شامل ٿي ويا آهن، پر عام ماڻهن جي دلين ۾ سندس شاعري ايتري ته مقبول هئي ۽ آهي، جو اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪبير جنهن ڳالهه کي جنهن صورت ۾ چوڻ چاهيو، ان کي ان روپ ۾ ان ٻوليءَ ۾ چئي سگهيو آهي. ٻولي ڪبير جي گولي نظر اچي ٿي.

ڀڳت ڪبير جي مستي، فقيري سڀاءَ، کري طبيعت ۽ بي پرواهيءَ ڪري سندس شاعريءَ ۾ فطري وهڪ موجود آهي، جنهن کيس هندي ساهتيه جو لاثاني شخص بڻائي ڇڏيو آهي. سچ ته اهو آهي ته اڄ تائين هندي شاعريءَ ۾ ڪبير جهڙو طنزيه نگار شاعر پيدا ئي نه ٿي سگهيو آهي. نهايت سادو ۽ نهايت سخت، سندس شاعري جنجهوڙڻ واري آهي. ڪبير ٻين سنتن يا مهاتمائن وانگر سنسار جي جدوجهد کان پاسي ٿيڻ جو اپديش ڪڏهن به نه ڏنو، پر هو اهڙي سوچ سان ٽڪر کائڻ جو حامي هو. هو ڪرانتيڪاري (انقلابي) هو. سندس شعر جو نمونو هي آهي.

اڪٿ ڪهاني پريم ڪي، ڪڇ ڪهي نه جاءِ،

گونگي ڪيري سرڪرا، بئٺا سو مسڪاءِ.

(پيار جي ڪهاڻي ڪٿڻ کان مشڪل آهي. ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. هي گونگي جي ڳڙ کائڻ مثل آهي، جيڪو کائي رڳو پيو مرڪي).

ڪبير پريم ائسي، جيسي لمبي کجور،

چڙهي تو چاکي پريم رس، گِري تو چڪنا چور.

(ڪبير پيار ڊگهي کجيءَ وانگر آهي. ڪو چڙهي ويو ته مٺاس چکيندو ۽ جي ڪِريو ته چڪنا چور ٿي ويندو)

پريم نه کيتون نپجئه، پريم نه هاٽ بِڪاءِ،

راجا پرجا جس رَچَئه، سيس ديئي لَئه جاءِ.

(پيارنه ڪي ٻنين ۾ پيدا ٿئي ۽ نه ئي دوڪانن تي وڪامي، چاهي بادشاهه هجي يا رعيت، سر ڏئي وٺي سگهي ٿو).

ڪبير جب تم آئي سنسار ۾، جگ هنسا تم روءِ،

اب ايسي ڪرني ڪر چلو، ڪه تم هنسو، جگ روءِ.

ويدانيت ۽ تصوف ۾ هڪجهڙائي آهي. شاهه عبداللطيف تي به ڀڳت ڪبير جو اثر معلوم ٿئي ٿو، ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

جي تو بيت ڀائنيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

(شاهه)

تم جن جانو گيت هئم، يه نج برهم ويچار،

ڪيول ڪهه سمجهائيا، اتم ساڌن سارَ.

(ڪبير)

اکين ۾ ٿي ويهه، ته آءٌ واري ڍڪيان،

توکي ڏسي نه ڏيهه،آئون نه ڏسان ڪي ٻيو.

(شاهه)

آئو نين هماري، مين نين جهانپ هي لون،

نه اور ڪو ديکهون مين، نا توهي ديکهن دون.

(ڪبير)

اندر آئينو ڪري، پرين تون پسيج،

انهي راهه رميج ته مشاهدو ماڻئين.

(شاهه)

هردا ڀيتر آرسي، مک نه ديکا جاءِ،

مک تو تڀي پرگهٽئه، جي من ڪي دپتا جاءِ.

(ڪبير)

سنڌ ۾ ڀنڀور ۽ گھاري جي ڀرسان ’ڪبير جا پَٽ‘ به موجود آهن. چون ٿا ته ’ڪبير ڀڳت‘ سنڌ ۾ به آيو ھو ۽ ڪي ڏينھن ھتي آستانو ھئس. هڪ روايت موجب جيئن ته ڪبير ڀڳت ڪوري ھو ۽ ٺٽي جي ڪورين کي ھن لاءِ ايتري تعظيم ھئي، جو ڪبير ڀڳت جو آستانو ٺٽي ۾ قائم ڪيائون، جيڪو اڄ تائين موجود آھي ۽ ڪبير ڀڳت جي پٽ ڪمال ڀڳت جو ميلو ھر سال، ٺٽي ۾ وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آھي. ٻيءَ روايت موجب اھو ڪبير، اصل ۾ سيد ڪبير شاهه ساڪري جي پاسي جو سيد ۽ وڏو شاعر ھو ۽ اھو پٽ انھيءَ ڪبير شاهه ڏانھن منسوب آھي ۽ نه ڪبير ڀڳت سان!

ڪبير جي ڪلام جو سنڌي شاعريءَ تي عام اثر موجود آهي، جيڪو ڀٽائي ۽ ساميءَ کان وٺي سچل سرمست تائين ملي ٿو. شاهه ۽ ڪبير جي حوالي سان ۽ خود ڪبير جي شاعريءَ ۽ پنٿ بابت سنڌيءَ ۾ ڪافي مواد لکيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو