داخلا نمبر 5216
عنوان ڀڳتي تحريڪ
شاخ مذهب
پڙهيو ويو 211 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڀڳتي تحريڪ

ڀڳتي تحريڪ: تاريخي لحاظ کان ڀڳتي تحريڪ جو اوائلي روپ ڏکڻ ڀارت ۾ اُڀريو، جتي تامل صوبي ۾ اَڊواڙ ڀڳتن جو گروهه پيدا ٿيو، جن مالڪ حقيقيءَ جي حاصلات لاءِ ’گيان مارڳ‘ ، ’ڪرم مارڳ‘ ۽ ’پريم مارڳ‘ جي ڀيٽ ۾ ’ڀڳتي مارڳ‘ کي ترجيح ڏني. اُنهن پنهنجي معبود جي اُپاسنا (عبادت) ۽ ڀڳتي رچنائون ڪرڻ ۽ ڀڄن ڪيرتن ڪرڻ کي ئي ايشور جي حاصلات جو صحيح طريقو سمجهيو. هنن پنهنجي آتمڪ انڀو (روحاني تجربي) کي قلمبند ڪيو، جيڪي ’پرٻنڌم‘ جي نالي سان سڏجن ٿا. انهن کي تامل زبان ۾ ويدن جهڙي مقبوليت حاصل آهي. ٻي صدي ۽ نائين صديءَ جي وچ واري عرصي اندر اَڊواڙ سلسلي جا 12 ڀڳت ٿي گذريا آهن.
اَڊواڙ ڀڳتن سان شروع ٿيل اها روايت ڏکڻ ڀارت ۾ اُسريل وئشڻو ڌرم سان هم قدم رهندي، شنڪر آچاريه جي ادويت واد (Monotheism) ۽ مايا واد (Illinoim) هڪجهڙائي قائم رکي ۽ وئشڻو ڌرم جي يامن آچاريه ۽ رامانُج آچاريه تائين پهتي. اُهي پاڻ اڊواڙ ڀڳتن جي ’پرٻنڌم‘ جا وڏا معتقد هئا. اِن طرح اها ڌارا رامانند وسيلي مهاراشٽر جي مشهور ساورڪري يا وٺل گروهُدار سنت گيانيشور، ايڪناٿ، نامديو ۽ تڪارام لاءِ اُتساهه جو سرچشمو بڻي. ان طرح ساورڪري فرقي جي مکيه پرچارڪن کي سنت سڏيو ويو هو.
ڏکڻ ڀارت ۾ پيدا ٿيل اها ڀڳتي روايت اٽڪل تيرهين صديءَ ڌاري سنت نامديو ذريعي اُتر ڀارت ۾ ڦهلي ۽ اُتي ئي پنهنجي آب تاب سان جوڀن ۾ آئي، جنهن جو ڪجهه اثر اڄ تائين پڻ محسوس ڪجي ٿو. اُتر ڀارت ۾ ان هلچل جي ڦهلجڻ جي پس منظر کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي ڪارڻ هئا. جيئن ته ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ مسلم راڄ ٿيڻ سان هندن جي مذهبي ميدان ۾ توازن بگڙي ويو هو، هندو عوام ۾ انهن جي فخر ڪرڻ واري جذبي کي ڇيهو رسيو. انهن جي سامهون سندن مندرن ۾ ديوتائن جي مورتين کي ٽوڙيو ويو ۽ هوُ ڪُڇي به نٿي سگهيا. راجائن ۽ اميرن ۾ عيش عشرت جو ماحول چوٽ چڙهي ويو هو. رعيت ڏانهن سندن لاپرواهي ۽ دٻدٻي واري رُخ عوام جي دلين ۾ مايوسيءَ جو لاڙو پيدا ڪيو. ماڻهن ۾ بي علمي ۽ جهالت سبب وسوسا ۽ وهم وڌيل هئا. سماج ۾ برايون گهر ڪري ويون هيون. هندو پنڊت ۽ مسلم مولوين جو زور رڳو عمل ۽ ٻاهرين مذهبي عملن تائين محدود هو. تيرٿ، جپ تپ، پوڄا پاٺ ۽ شريعت جي پابندين جي بار هيٺ ڌرم ۽ مذهب جو جذباتي اظهار دٻجي ويو هو. اهڙين حالتن ۾ بي سهارا ماڻهن لاءِ پرماتما ڏانهن نهارڻ ۽ ٻاڏائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو.
اهڙين حالتن، جنهن اندر سنڌ به اچي پئي ويئي، ’ڀڳتي هلچل‘ کي جنم ڏنو. سنڌ ۾ سڌنو ڀڳت، قاضي قادن، شاهه لطيف (1689-1732ع)، سچل سرمست (1739-1826ع)، سامي (1743-1850ع)، اُتر پرديش ۾ رويداس، ڪبير (1440-1518ع)، سورداس، تلسي داس (1532-1623ع)، بنگال ۾ جئديو، چيتنيه؛ راجسٿان ۾ دادو ديال (1544-1603ع)، ميران ٻائي (1498-1565ع)، سُندر داس؛ گجرات ۾ نرسي ڀڳت ۽ پنجاب ۾ شيخ فريد، گرونانڪ (1467-1538ع)، انگد (1435-1452ع) ۽ ٻيا انيڪ سنت ڪوي پيدا ٿيا، جن عوام جي ٻُڏندڙ دلين کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڀڳتي ڀاونا جو ڦهلاءُ ڪيو. آهستي آهستي ان لاڙي هڪ وسيع هلچل جي شڪل اختيار ڪئي، جيڪا اڳ هندوستان ۾ ڪڏهن به نه هلي هئي.
لسانيات ۽ علم الانسان جي مشهور ماهر ڊاڪٽر گريئرسن ان هلچل جي ڀيٽ، اوچتو پيدا ٿيل ”وڄ جي چمڪاٽ“ جي ڦهلاءُ سان ڪندي چوي ٿو ته ”اسين پاڻ کي اهڙي هلچل جي دوبدو ڏسون ٿا، جيڪا اُنهن سڀني کان وسيع آهي، جيڪي ان کان اڳ ڀارت ۾ هليون هيون، ايتري قدر جو ٻُڌ ڌرم وارن جي هلچل کان به وڌيڪ هيءَ تحريڪ زور واري ثابت ٿي، ڇو جو اُن جو اثر اڄ به نمايان آهي.“
سنڌي ادب جي مستند تاريخ سورهين صديءَ کان شروع ٿئي ٿي، جيڪڏهن ان کي پهريون دور شمار ڪجي ته اهو سورهين صديءَ کان 19هين صديءَ جي اڌ تائين ڦهليل آهي. هن دور کي صوفي سنت دور يا روحانيت وارو دور چئي سگهجي ٿو. هن دور جا مکيه شاعر قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، روحل، مراد، دلپت، بيدل ۽ بيڪس وغيره اچي وڃن ٿا. انهن جي شاعريءَ ۾ روحانيت جي راز سان گڏ عوام جي دکن ۽ دردن جو درمان موجود آهي. هن ئي دور ۾ هندو سنتن ڀڳتيه ڌارا جي نمائندگي ڪئي ۽ مسلمان شاعرن تصوف کي بيان ڪيو. ڪٿي هندو شاعرن تصوف جي رنگ ۾، ته ڪٿي مسلمان شاعرن ڀڳتيءَ جي رنگ ۾ رڱجي شاعري ڪئي. شاهه لطيف تي ڪبير، ميران ۽ ٻين سنت شاعرن جو اثر واضح آهي ۽ اهو اثر سچل سرمست تي به آهي. ساميءَ ته ڀڳتي اثر هيٺ پنهنجي شاعريءَ جو رنگ ئي ساڳيو رکيو آهي ۽ پنهنجي ڪلام کي ته ساميءَ جا سلوڪ سڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابري مسجد
بابلي مذهب
باس
باسڻ
آتش پرست
آتش پرستي
آتش ڪده
آتما
بپتسمو
آچاريه
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون