داخلا نمبر 8442
عنوان ڃوڃڻ
شاخ مختلف
پڙهيو ويو 69 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون
هن تصوير ۾ ڳئون جو ڦر،اڳينءَ ڄنگهه سان ڃوڃڻ ذريعي ٻڌل آهي.

هن تصوير ۾ ڳئون جو ڦر،اڳينءَ ڄنگهه سان ڃوڃڻ ذريعي ٻڌل آهي.

هن تصوير ۾ عورت،ڳئون جي پوين ڄنگهن ۾ ونگ/ ڃوڃڻ وجھي، کير ڏوهي رهي آهي.

هن تصوير ۾ عورت،ڳئون جي پوين ڄنگهن ۾ ونگ/ ڃوڃڻ وجھي، کير ڏوهي رهي آهي.

ڃوڃڻ


ڃوڃڻ: ’ڃوڃڻ‘ سنڌي ٻوليءَ جو قديم لفظ آهي، جيڪو سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ اڄ به مالدار ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. کير ڏيندڙ جانورن، جهڙوڪ: ڳئون يا مينهن کي ڀاڳيا ڏُهائيءَ وقت پوين ڄنگهن ۾ جيڪو ونگ ۽ ڍنگ وجهندا آهن، اُن کي لاڙ ۽ ڪوهستان (خاص ڪري ٿاڻي بولا خان کان ٺٽي تائين) ۾ ’ڃُوڃڻ‘ چوندا آهن. جيئن ته ’ڃ‘ اکر جا لفظ تاريخ جي قديم زرعي دؤر کان پوءِ گهڻي ڀاڱي عام وهنوار واري ٻوليءَ مان ختم ٿي ويا آهن، پر خوشقسمتيءَ سان هي ’ڃ‘ سان شروع ٿيندڙ هڪ لفظ، ڃ اکر جي باقيات طور اڄ به مستعمل آهي. اُتر طرف ’ڃ‘ اکر، ’ن‘ ۾ تبديل ٿيڻ ڪري، اُتي ’ڃوڃڻ‘ يعني ’ونگ‘ کي ’نونڃڻ‘ چوندا آهن، ٻئي طرف ٿر واري علائقي ۾ ان ساڳئي لفظ کي ’نهَنجڻ‘ چيو ويندو آهي.
ان کان سواءِ ڏُهائيءَ وقت ڳئون جو ڦَر، گابو يا گابِي، ڳئون جي اڳينءَ ڄنگهه سان ونگ ڏئي ٻڌبي آهي، اُن کي پڻ ’ڃُوڃڻ‘ چوندا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابِينَ
بادامي
بادگيرُ
بادِلو
بار/ ٻار
آبراڻي
آبـِـري1
آبـِـري2
بارلو
بازيگر
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون