چانڊيو خادم حسين

چانڊيو خادم حسين

چانڊيو خادم حسين

چانڊيو، خادم حسين: مشهور ليکڪ خادم حسين ولد اميد علي چانڊيو پهرين سيپٽمبر 1961ع تي ڳوٺ شادي خان چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان پرائي وڌيڪ تعليم سڪرنڊ ۽ نواب شاهه مان حاصل ڪيائين. 1983ع ۾ بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ 1985ع کان آن فارم واٽر مينيجمينٽ کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ مقرر ٿيو. ملازمت دوران 1992ع ۾ خانگي طرح ايم. اي (سنڌي) جو امتحان پاس ڪري، ساڳئي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ مقرر ٿيو. خادم حسين چانڊيي جي علم ادب سان ابتدا کان وٺي دلچسپي رهي. ريڊيو جي ڪوئيز پروگرامن ۾خط لکندو هو. 1998ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. ذاتي لائبرري قائم ڪري ڪتابن جو وسيع مطالعو ڪيائين. مطالعي دوران هن کي اديبن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطيدار شخصيتن جي زندگيءَ ۽ سوانح گڏ ڪرڻ جو شوق جاڳيو. وڏيءَ محنت سان هڪ ڪتاب ’مارو جي ملير جا‘ تيار ڪيائين، جنهن ۾ سنڌ جي 667 شخصيتن جا سوانحي خاڪا شامل ڪيائين. اهو ڪتاب 807 صفحن تي مشتمل گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب علمي ادبي حلقي ۾ مقبوليت ماڻي، هن وقت ان ڪتاب جو ٽيون ڇاپو اشاعت هيٺ آهي، سندس ٻيو ڪتاب ’سنڌ سڄي سرهاڻ (2010ع) ۾ روشني پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو؛ ٽيون ڪتاب ’هوندا سي حيات‘ (قيصر خان چانڊيو: شخصيت) ۽ چوٿون ڪتاب نوابشاهه ضلعي جي تاريخ تي ’نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين‘ تازو شايع ٿيو آهي. کيس ادبي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، هي ڳوٺ شادي خان چانڊيو ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.09.01  عيسوي

مشهور ليکڪ خادم حسين ولد اميد علي چانڊيو پهرين سيپٽمبر 1961ع تي ڳوٺ شادي خان چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور انصاري
ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي
راجا رفيق پنهور
ٻيڙو فقير ڪنڀار
ڄام چينو
پنهور رشيده اختر
بهار علي بهار
شفيع محمد ميان حڪيم
دائود پوٽو ڊاڪٽرعمر بن محمد
روشن الدين روشن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون