داخلا نمبر 8544
عنوان چانڊيو، احمد علي ’صابر‘
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 3 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون
چانڊيو، احمد علي ’صابر‘

چانڊيو، احمد علي ’صابر‘

چانڊيو، احمد علي ’صابر‘

چانڊيو، احمد علي ’صابر‘: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار احمد علي ’صابر‘ چانڊيو ولد نواب خان چانڊيو، 14 جولاءِ 1952ع تي ڳوٺ ڇاڇڙي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم 1965ع ڌاري ڀر واري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو. 1971ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. 1975ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب)، 1979ع ۾ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۽ 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. سٺو شاعر ۽ ڪمپيئر رهيو آهي. ٽيليفون کاتي ۾ آپريٽر جي حيثيت ۾ رٽائـر ڪيائـيـن. سنڌي ادبي سنگت شهدادڪوٽ جو باني سيڪريٽري رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) ’گهايل منهنجا گيت‘ (شاعري)، (2) ’پياسي سِپ سمونڊ ۾‘ (ڪهاڻيون)، (3) ’ڪويڄن ڪُٺي آهيان‘، (ناول)، (4) ’ڪاڪ ڪڪوري آءُ‘ (شاعري).
هن وقت لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.07.14  عيسوي

شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار احمد علي ’صابر‘ چانڊيو ولد نواب خان چانڊيو، 14 جولاءِ 1952ع تي ڳوٺ ڇاڇڙي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون