داخلا نمبر 8557
عنوان چانڊيو، سرمد
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 4 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون
 سرمد چانڊيو

سرمد چانڊيو

چانڊيو، سرمد

چانڊيو، سرمد: مشهور شاعر سرمد چانڊيي جو اصل نالو سونو خان ولد جمـعـو خـان چـانـڊيـو آهـي. هـن 20 جـولاءِ 1950ع تي ڳوٺ جمال چانڊيي، ضلعي قـنبـر شـهـداد ڪـوٽ ۾ جـنـم ورتـو. سـنـدس تعليم فقط پرائمري آهي، پر باصلاحيت هئڻ ڪري نه رڳو سنڌي پر اردو، سرائيڪي، بلوچي، فارسي ۽ عربي زبانن جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو. موسيقيءَ ۽ راڳ جي سُٺي ڄاڻ رکي ٿو.
سرمد جي شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ’ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت‘، (2) ’مون کي سڏ اروڙ جا‘، (3) ’سانوڻ پهرين بوند‘، (4) ’چانڊوڻا چمڪن‘ شامل آهن. هن شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي ٻه سنڌي ۽ هڪ اردو ڪتاب لکيا آهن، جن جا نالا (1) جهموريت جو چنڊ، (2) جمهوريت جي راڻي ۽ (3) جمهوريت ڪي نويد (اردو) آهن. ان کان سواءِ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳ تي مشتمل هڪ ڪتاب ’راڳ شاهه لطيف‘ لکيو آهي، جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آهي. سرمد چانڊيو سنڌي ادبي سنگت قنبر جو سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو رابطه سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن کي بهترين شاعر جو ’سچل اوارڊ‘ ملي چڪو آهي. سرمد چانڊيو هفتيوار اخبار ’چانڊڪا‘ جو ايڊيٽر به رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.07.20  عيسوي

مشهور شاعر سرمد چانڊيي جو اصل نالو سونو خان ولد جمـعـو خـان چـانـڊيـو آهـي. هـن 20 جـولاءِ 1950ع تي ڳوٺ جمال چانڊيي، ضلعي قـنبـر شـهـداد ڪـوٽ ۾ جـنـم ورتـو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون